جواب: مسئلو حل ڪريو
ادا عزيز جي مهرباني جو هڪ اهم سوال اٿاريو اٿائون۔۔
انٽرنيٽ جي دنيا ۾ طرحين طرحين جي زبانن تي مشتمل ٻولين سان جڏهن ويب سائيٽس تيار ٿيڻ لڳيون ته سڀ کان پهريان گوگل وارن کي خيال ٿيو ته ڇو نه اهڙين ويب سائيٽس کي ٻين ٻولين ۾ به تبديل ڪري پڙهندڙن جي لاءِ سهولت پيدا ڪجي۔۔ ان کان سواءِ گوگل پنهنجي اشتهارن کي به سائيٽ تي موجود مواد جي حساب سان اپڊيٽ رکڻ ڪري به ان طرف قدم وڌايو۔۔۔
جيئن ته هي ڪم ڪنهن هڪ ماڻهون يا گروپ کان وڏو هيو ان ڪري ان تي مختلف ٻولين جي ادارن چڱو بجٽ رکي ڪم وڌايو اهڙن ادارن کي حڪومتي سهڪار سان گڏ گوگل جي سپورٽ پڻ حاصل رهي ته ڪم آسان ٿيندو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي گوگل ٽرانسليشن ۾ ڪافي ٻولين جو اضافو ٿيو۔۔ پر ان باوجود جو ساڄي کان کاٻي لکائي وارين ٻولين به پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو پر انهن مان صرف اهي انهن ملڪن جا ادارا ڪم اڳتي وڌائي سگهيا جن ان ڪم کي ذميواري سمجهي ڪيو۔۔
پاڪستان ۾ گوگل جي سپورٽ نه هئڻ جي برابر آهي ۽ سرڪار جو ته الله ئي حافظ آهي ان ڪري هتان جون زبانون اهڙي ڊوڙ ۾ شامل نه آهن۔۔ ايسيتائين جو جن ادارن تي فرض ٿئي ٿو اهي به خالي ڪانفرنسون ۽ سمينار ڪرائي لک لٽائي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيا آهن۔۔
ان باوجود به انفرادي طور جستجو جاري آهي ۽ اميد ڪجي ٿي ته دير سان ئي سهي پر ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي۔۔۔