جي ايم سيد: هڪ صوفي هڪ باغي

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جي ايم سيد: هڪ صوفي هڪ باغي
    حسن مجتبيٰ
    ترجمو؛ نثارابڙو
    بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام
    [​IMG]

    ++++++++


    نوٽ؛ هونءَ ته هي ليک ڪجهه ڏينهن اڳ مون پڙهيو هيو، پر ڪالهه ادي سليمان هي ليک موڪليندي پارت ڪيئ ته هن جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌ سلامت تي ونڊ ڪريان ۔۔۔ بس ڪيم بسم الله ۔۔۔
    +++++++++++++++++++
    [JUSTIFY]پاڪستان ۾ شايد هو اڪيلو ئي پوڙهو شخص هيو جنهن جا سچا عاشق اڪثر ڪري نوجوان هيا.
    غلام مرتضيٰ شاه بالمعروف جي ايم سيد جيڪو هر وقت سچل سرمست جي هن سٽ “ سچو! عشق ٻڍها نه ٿيوي، پانوين چٽڙي ٿي وڃي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير ٿي رهيو۔
    اڄ سنڌ ۾ ڪيترائي سنڌي قومپرست ۽ نوجوان سنڌو درياه جي هن پار هڪ ننڍڙي شهر “ سن ” جي طرف راهي آهن، جت جي ايم سيد هڪ کليل ڪتاب جي شڪل واري سنگمرمر جي قبر جي هيٺان دفن آهي.
    17 جنوري 1904 جو سن ۾ پئدا ٿيڻ واري جي ايم سيد کي جڏهن 25 اپريل 1995 تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ته ان جي مڙهه سان گڏ قرآن، گيتا، انجيل، توريت ۽ شاه جو رسالو به گڏ سفر ڪندو رهيو.
    جي ايم سيد شايد پاڪستان ۾ اهو پهريون سياستدان هيو، جنهن پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن جي ذريعي ڪيترا سال اڳ ئي مذهبي انتها پسندي جي خطرن کان ملڪ ۽ هن خطي کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو.
    جي ايم سيد اهو پهريون سياستدان به هيو جنهن سرد جنگ جي خاتمي کان اڳ ئي چيو هو ته سرمايادارانه ۽ اشتراڪي بلاڪن ۾ ورهايل دنيا جي قطع نظر روحاني ملڪن جي گروهن جو به هڪ بلاڪ هجڻ کپي. مراد ته جنگ جي خاتمي تي هُنَ عالمي امن جي خاطر اقوام متحده جي نئين سري سان جوڙجڪ جي ڳالهه ڪئي هئي. اها ڳالهه هن 1992 ۾ نشتر پارڪ ڪراچي ۾ پنهنجي سالگره جي جلسي جي دوارن چئي هئي، جنهن کانپوءِ جلد ئي کيس گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. نوازشريف جي دور ۾ شروع ٿيڻ واري اها نظربندي بينظير ڀٽو جي ٻي ڀيري واري حڪومت جي مئي 1995 ۾ سندس وفات تائين برقرار رهي.
    سيد، شايد غفار خان کانپوءِ هن ملڪ جو سڀ کان سينيئر “غدار” هيو. پاڪستاني حڪومتن جي هر دور ۾ پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي الزام ۾ قيد ۽ نظربند رهيو، پر سندس 28 سالن جي قيد ۽ نظربندي جي دوران ڪڏهن به ۽ ڪنهن به عدالت ۾ کيس پيش نه ڪيو ويو. هڪ اهڙو الزام جنهنکي هو خوشيءَ سان قبول ڪندو رهيو.
    بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ سيد جي خلاف بغاوت جو مقدمو هلايو ويو، انسداد دهشتگريءَ جو جج نجي پيغام موڪليندو رهيو ته هو مهرباني ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو سندس اعتراف جرم جي صورت ۾ هن کي سزا ڏيڻ جو گنهگار نٿو ٿي سگهي ۔ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاه حيدر منزل تي هو حاضريءَ واري ڏينهن عدالت وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويهندو هو، پر ڪڏهن به کيس پوليس وٺڻ لاءِ نه پهتي.
    هو پنهنجي خلاف الزامن تي فارسيءَ جو مشهور بيت پڙهندو هو، جنهن جو ترجمو هي آهي ته؛ “ وڏي پيهه لڳل آهي، هو مونکي قتل ڪرڻ لئه وٺي وڃي رهيا آهن، منهنجا محبوب تون به ڇت تي اچي ڏس، ڇا ته نظارو آهي”
    جي ايم سيد بنيادي طور تي هڪ صوفي هيو، هو سنڌ جي عطيم صوفي مخدوم بلاول جو مريد ۽ هڪ ٻي بزرگ حيدرشاه سنائي جو سجاده نشين پڻ هيو. جي ايم سيد جي ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد کي قتل ڪيو ويو هو، جيتوڻيڪ سندس سموري تعليم گهر جي عورتن وٽ يا ڳوٺ جي مڪتب ۾ يا خانگي طور تي مقامي استادن کان ٿي هئي، پوءِ به حاضر جواب، حس مزاح جو مالڪ، منڃيل سياستدان ۽ ڪيترن ڪتابن جو مصنف هيو.
    سندس ڪتابن مان هڪ ڪتاب “ جيئن ڏٺو آهه مون” مذاهب عالم ۽ انجي تاريخ تي لکيل ڪتاب آهي جيڪو پاڻ 1960 جي ڏهاڪي ۾ لکيو هو، جڏهن ته هن جي هڪ ٻي ڪتاب “ سنڌو ديش ڇا ۽ ڇا لاءِ”( پاڪستان ۾) بندش پيل ڪتابن ۾ آهي.
    ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته جي ايم سيد ته شايد مسلمان به نه هيو، جڏهن ته هو پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ گهڻي عرصي تائين نمازن جي امامت ڪندو رهيو، ۽ جمعي جا خطبه به ڏيندو هو.
    سندس لئه اهڙي سوچ پئدا ڪرڻ ۾ حڪومتن جو وڏو هٿ رهيو، (پنجاب جي مسجد ۾) هڪ خطبي کي ٻڌي 1976 ۾ گلستان خان نالي هڪ شخص پنهنجي صدريءَ ۾ خنجر لڪائي شيخ اياز ۽ جي ايم سيد کي مارڻ لاءِ ويو هو، ته “هو اسلامي جي دائري کان نڪري ويا آهن ۽ واجب القتل آهن” پر جڏهن هن سيد کي سموري رات جي ڪچهريءَ کانپوءِ اشراق ۽ تهجد پڙهندي ڏٺو ته هن خنجر سامهون ميز تي رکيو ۽ اعتراف ڪيو ته هو ڪهڙي طرح جنت ڪمائڻ نڪتو هو، سيد انکانپوءِ ان شخص جي خلاف عدالت ۾ شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ...
    سندس نظر ۾ سياست ٻن قسمن جي هئي، هڪ عملي يعني انتخاب ۽ اقتدار جي سياست ۽ ٻي آدرشي يا نظريات ۽ اصولن جي سياست.
    سندس نظريات ڪهڙا به هيا، پر پنهنجن انهن آدرشن ۽ اصولن جو سياستدان هو، هو پاڪستان ۾ اڪيلو سياستدان هو جو وڏي واڪي پاڪستان کي ڊاهي، انجي جڳهه تي سنڌ کي “ سنڌوديش” ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندو هو.
    هو پنهنجي ملڻ وارن کي چوندو هو ته، ” اچو ملي دعا ڪريون ته پاڪستان ٽٽي وڃي” هي اهو ئي جي ايم سيد هيو جو پاڪستان جي باني جي قتل جي افواهه ٻڌي سن ۾ اوڇانگرو ڏئي رنو هيو. محمد علي جناح تي قاتلانه حملي جي منصوبي ۾ هڪ سنڌيءَ جي پڪڙجڻ تي هن چيو هو ته، “ حيرت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي به انتها پسند ٿي سگهي ٿو”
    [/JUSTIFY]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جي ايم سيد: هڪ صوفي هڪ باغي

    سائين نثار صاحب لک شابسون اوھان کي جو اوھان ھن ليک جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌسلامت تي شيئر ڪيو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جي ايم سيد: هڪ صوفي هڪ باغي

    پاڪستاني حڪومتن جي هر دور ۾ پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي الزام ۾ قيد ۽ نظربند رهيو، پر سندس 28 سالن جي قيد ۽ نظربندي جي دوران ڪڏهن به ۽ ڪنهن به عدالت ۾ کيس پيش نه ڪيو ويو. هڪ اهڙو الزام جنهنکي هو خوشيءَ سان قبول ڪندو رهيو.

    حسن مجتبى اهڙن قلمڪارن مان آهي جن جا مضمون سڀ کان گهڻا پڙهيا ويندا آهن۔ جنهن جو هڪ سبب سندس قلم مان نڪتل سچ ۽ ٻيو هن جي لکڻ جو انداز آهي۔ سندس هي ڪالم به سچ تي مبني بهترين ليک آهي۔ سائين جي ايم سيد هڪ صوفي هڪ باغي، عنوان ئي واهه جو ڏنو اٿس۔

    مهرباني سائين نثار اوهان بهترين نموني هن ڪالم کي ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي۔

    حسن مجتبى جو ڪالم
    جی ایم سید: پاکستان کے صوفی بھی باغی بھی
     
  4. محسن مهر

    محسن مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 فيبروري 2011
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    S.A.U Tandojam m parhando ahyan
    ماڳ:
    Shikarpur Sindh
    جواب: جي ايم سيد: هڪ صوفي هڪ باغي

    ڪي يار چون ٿا هيئن ن چئو،
    تون سنڌ کي سنڌو ديش ن چئو،
    اسين ديوانا هن ڌرتي جا دستور بڻاءي هليا سين۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جي ايم سيد: هڪ صوفي هڪ باغي

    خوبصورت سٽون

    واقعي ئي لاجواب
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جي ايم سيد: هڪ صوفي هڪ باغي

    محترم سائين جي ايم سيد تي ٿيندڙ تحقيق ۽ ترويج جي مناسبت سان هيءَ ويب سائيٽ جيڪا آمريڪا جي سنڌي دوستن قائم ڪئي آهي

    گهمي ڏسندا ۔۔۔

    http://www.gmsyed.org/
    [​IMG]
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: جي ايم سيد: هڪ صوفي هڪ باغي

    بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو