غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
لطيف سرڪار جي خوبصورت شاعري مان ڪجه اوهان لاء :-
اول الله عليم ، اعلئ عالم جو ڌڻي ،
قادر پنهنجي قدرت سين ، قائم آهي قديم ،
والي واحد وحده ، رازق رب رحيم ،
سو ساراھ سچو ڌڻي ، چئي حميد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم ، جوڙن جوڙ جهان جون۔
اٿي آسر جو تون ، چرخو ويهي چور۔
تن ڪري تسبيح تون ، من سان ويهي اور۔
کل نفس ذائقته الموت ، اهو تورو ويهي تور ۔
جيڪو اورڻو اٿئي اور ، صبح سوير سبحان سان۔
دنيا سڀ درياه ، ڪو ڪو تارو تنهن ۾ ،
هڪڙي لهر لوڀ جي ، ٻيو آتش جو آڙاه ،
جن ريجهايو الله ، سي تري ويا هن تار مان۔
سدا تنهنجي سک ۾ ، گذري سڀ ڄمار ،
پل پل هجين ياد تون، هر پل تنهنجي سار،
پرين تنهنجي پچار ،رهي آء سدا روح ۾،
ُ
وڻ ويا واهيرا ويا ، ويا سڄڻ سڀئي ،
آئون رونان انهن لاء ، جيڪي ڏک ويا ڏئي ،
خبر ڪانه پئي پرين ڪهڙي پار ويا ،
اول الله عليم ، اعلئ عالم جو ڌڻي ،
قادر پنهنجي قدرت سين ، قائم آهي قديم ،
والي واحد وحده ، رازق رب رحيم ،
سو ساراھ سچو ڌڻي ، چئي حميد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم ، جوڙن جوڙ جهان جون۔
اٿي آسر جو تون ، چرخو ويهي چور۔
تن ڪري تسبيح تون ، من سان ويهي اور۔
کل نفس ذائقته الموت ، اهو تورو ويهي تور ۔
جيڪو اورڻو اٿئي اور ، صبح سوير سبحان سان۔
دنيا سڀ درياه ، ڪو ڪو تارو تنهن ۾ ،
هڪڙي لهر لوڀ جي ، ٻيو آتش جو آڙاه ،
جن ريجهايو الله ، سي تري ويا هن تار مان۔
سدا تنهنجي سک ۾ ، گذري سڀ ڄمار ،
پل پل هجين ياد تون، هر پل تنهنجي سار،
پرين تنهنجي پچار ،رهي آء سدا روح ۾،
ُ
وڻ ويا واهيرا ويا ، ويا سڄڻ سڀئي ،
آئون رونان انهن لاء ، جيڪي ڏک ويا ڏئي ،
خبر ڪانه پئي پرين ڪهڙي پار ويا ،