يوفون ۽ موبيلنڪ وچ ۾ سيڪنڊن جي جنگ۔۔

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن ڪال سيڪنڊن جي هجي ته ان ۾ ماڻهون ڇا ڳالهائي سگهندو۔۔ 20 يا 25 سيڪنڊ ته سلام دعا ۾ گذري ويندا آهن۔۔ پر ڪي مون وانگر ميسيجز ڪرڻ کان الرجڪ به هوندا ته ڪي دوست وري اهڙا به جيڪي پيسا بچائڻ جي چڪر ۾ به هجن۔۔
    ڪجهه به هجي پر هاڻي جيب خرچي تي هلندڙ شاگرد طبقو جيڪو اڪثر ڪاليج دوستن کان بس ايترو ئي پڇندو هجي ته ”ادا ڪلاس ۾ پروفيسر آيو آهي يا نه“ يا وري زال مڙس کي ڪال ڪري چئي۔۔ ”ميان گهر ۾ اٽو ۽ گهه به ڪونهئي۔۔“ ٻيو نه ته منهنجي ننڍڙن کي بس اهو ئي ته ٻڌائي مون کي تسڪين ڏيڻي هوندي آهي ته ”ابو۔۔ اسان اسڪول کان گهر پهچي چڪا آهيون۔۔“
    پر ان سڀ جي باوجود مان ته اهو ئي چوندس ته 10 سيڪنڊ تمام گهٽ ٿيندا آهن۔۔ توهان جو خيال ڇا آهي۔۔؟
    خير توهان جواب ڏيو يا نه پر يو فون پنهنجي پيڪيج سميت جواب کڻي آيو آهي۔۔۔

    [​IMG]

    جي ها صرف 30 پيسا (ٽيڪس سميت) ۾ پورا ڏهه سيڪنڊ ۽ وري ڪنهن به نيٽ ورڪ تي۔۔۔ پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ بس يوفون تان *11#


    پر دوستو ڳالهه اتي ختم نه ٿي ٿئي ڇو ته يوفون جي 10 سيڪنڊن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ موبلنڪ آندو آهي هڪ سيڪنڊ ڪال آفر۔۔۔ جنهن تحت ڪنهن به نيٽ ورڪ تي صرف هڪ سيڪنڊ ڪال ڪري سگهجي ٿي سا به ٻن پيسن ۾۔۔

    [​IMG]


    سو دوستو وقت گهٽ (يعني سيڪنڊن ۾) ۽ مقابلو سخت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوءِ آهي ڪو هڪ يا 10 سيڪنڊ جي ڪال ڪرڻ وارو۔۔۔

    خير ٻيو ڪير مقابلو کٽي يا نه پر پاڻ وارو دوست عرس اهڙي ڪال جو ماهر آهي (پوءِ اها هڪ سيڪنڊ جي مس ڪال ئي ڇو نه هجي۔)

    خير منهنجي نظر ۾ ميسيج کان ته ڀلي سيڪنڊن جي ڪال ئي آهي جنهن مان تڪڙو ۽ گهٽ خرچ ۾ ڪنهن سوال جو جواب ته ملي پوندو ۔۔۔ ان ڪري هاڻي ادا عرس جا مون سان جهيڙو ختم ٿيڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن جيڪو مون سان هميشه ميسيج نه پڙهڻ جي به شڪايت ڪندو رهندو آهي۔۔۔ ۽ مون کي ته پنهنجو ڀريل ان باڪس ئي ڊليٽ ڪرڻ جي فرصت ناهي هوندي۔۔
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: يوفون ۽ موبيلنڪ وچ ۾ سيڪنڊن جي جنگ۔۔

    مطلب ته ڪم جي ڳالھ کڻي آيا آھيون؟ اسان کي ته يوفون جو پيڪج سٺو لڳو۔۔۔۔۔ونڊڻ جي مھرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو