اسيمبلي ۾ ڪوبه ميمبر ”ڪراچي ۽ سنڌ“، ”اندرون سنڌ“ نه چوندو: اسپيڪر جي رولنگ
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪالهه اسپيڪر نثار احمد کهڙي هڪ ڀيرو اها رولنگ ڏني ته سنڌ اسيمبلي ۾ ڪو به ميمبر ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري پيش ڪرڻ وارو تاثر ڏيندڙ لفظ ”ڪراچي ۽ سنڌ“ ۽ ”اندرون سنڌ“ نه چوندو ۽ سنڌ جي ڪنهن به علائقي يا ضلعي جي ڳالهه يا ذڪر ان علائقي يا ضلعي جو نالو کڻي ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ جا شهر به سنڌ آهن ۽ سنڌ جون ٻهراڙيون به سنڌ آهن ۽ ائين ناهي ته رڳو ٻهراڙيون سنڌ آهن، اسپيڪر وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار جو ڪو به کاتو اندرين سنڌ جو لفظ استعمال نه ڪري ۽ لاڳاپيل ضلعي يا علائقي جو نالو ڄاڻائي، قانون واري وزير اياز سومري چيو ته ان ڏس ۾ عمل لاءِ چيف سيڪريٽري کي لکيو ويندو، ان تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن زوردار ڊيسڪون وڄايون، اسپيڪر ڄاڻايل رولنگ ايوان ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران پيپلز پارٽي جي ڊاڪٽر احمد علي شاهه جي ضمني سوال ۾ استعمال ڪيل لفظ ”اندرون سنڌ“ تي ڏني، ڊاڪٽر احمد علي شاهه چيو ته اندرون سنڌ حيسڪو جون اختياريون ماڻهن کي سزائون ڏيڻ لاءِ سڄي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏين ٿيون، اسپيڪر چيو ته سنڌ ۾ ڪو به علائقو اندريون يا ٻاهريون ناهي، ڪراچي ٻاهرين سنڌ ناهي، ڪراچي به سنڌ آهي ۽ ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ درست ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۽ سنڌ ڌار ناهن تنهنڪري ميمبر آئنده اندرون سنڌ يا ڪراچي ۽ سنڌ جا لفظ نه اچارين.