• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسيمبلي ۾ ڪوبه ميمبر ”ڪراچي ۽ سنڌ“، ”اندرون سنڌ“ نه چوندو: اسپيڪر جي رولنگ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اسيمبلي ۾ ڪوبه ميمبر ”ڪراچي ۽ سنڌ“، ”اندرون سنڌ“ نه چوندو: اسپيڪر جي رولنگ

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪالهه اسپيڪر نثار احمد کهڙي هڪ ڀيرو اها رولنگ ڏني ته سنڌ اسيمبلي ۾ ڪو به ميمبر ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري پيش ڪرڻ وارو تاثر ڏيندڙ لفظ ”ڪراچي ۽ سنڌ“ ۽ ”اندرون سنڌ“ نه چوندو ۽ سنڌ جي ڪنهن به علائقي يا ضلعي جي ڳالهه يا ذڪر ان علائقي يا ضلعي جو نالو کڻي ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ جا شهر به سنڌ آهن ۽ سنڌ جون ٻهراڙيون به سنڌ آهن ۽ ائين ناهي ته رڳو ٻهراڙيون سنڌ آهن، اسپيڪر وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار جو ڪو به کاتو اندرين سنڌ جو لفظ استعمال نه ڪري ۽ لاڳاپيل ضلعي يا علائقي جو نالو ڄاڻائي، قانون واري وزير اياز سومري چيو ته ان ڏس ۾ عمل لاءِ چيف سيڪريٽري کي لکيو ويندو، ان تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن زوردار ڊيسڪون وڄايون، اسپيڪر ڄاڻايل رولنگ ايوان ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران پيپلز پارٽي جي ڊاڪٽر احمد علي شاهه جي ضمني سوال ۾ استعمال ڪيل لفظ ”اندرون سنڌ“ تي ڏني، ڊاڪٽر احمد علي شاهه چيو ته اندرون سنڌ حيسڪو جون اختياريون ماڻهن کي سزائون ڏيڻ لاءِ سڄي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏين ٿيون، اسپيڪر چيو ته سنڌ ۾ ڪو به علائقو اندريون يا ٻاهريون ناهي، ڪراچي ٻاهرين سنڌ ناهي، ڪراچي به سنڌ آهي ۽ ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ درست ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۽ سنڌ ڌار ناهن تنهنڪري ميمبر آئنده اندرون سنڌ يا ڪراچي ۽ سنڌ جا لفظ نه اچارين.​
 
جواب: اسيمبلي ۾ ڪوبه ميمبر ”ڪراچي ۽ سنڌ“، ”اندرون سنڌ“ نه چوندو: اسپيڪر جي رولنگ

واھ واھ ڏاڍي خوشي ٿئي سنڌ اسميبلي جي ھن قدم تي اسان ھنن کي سلام ٿا پيش ڪريون۔
 
جواب: اسيمبلي ۾ ڪوبه ميمبر ”ڪراچي ۽ سنڌ“، ”اندرون سنڌ“ نه چوندو: اسپيڪر جي رولنگ

هي هڪ اهم خبر آهي۔ جنهن ۾ سن اسيمبلي جي اسپيڪر جي رولنگ قابل تعريف آهي۔

اسان کي انهن ميڊيا جي ذريعن، اخبارن، ليکڪن ۽ خود سنڌي ماڻهن کي اهو باور ڪرائڻ گهرجي ته سنڌ ۽ ڪراچي جهڙا لفظ ڳالهائڻ غلط آهن۔ اهڙن ماڻهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ٿيڻ گهرجي۔ جيڪي اصل ۾ سنڌ کي توڙڻ جي ڳالهه ٿا ڪن۔
 
جواب: اسيمبلي ۾ ڪوبه ميمبر ”ڪراچي ۽ سنڌ“، ”اندرون سنڌ“ نه چوندو: اسپيڪر جي رولنگ

نالي ڀائيءَ دل خوش ڪري ڇڏي ۔۔۔ جيڪڏهن ائين سڀ ارڪان اسيمبلي سنڌ ۽ سنڌيت جي جذبي تحت ڪم ڪن ته ۔۔۔ بس پوءِ سنڌ جا ڏکيا ڏينهن ٿورا ٿيندا ۔۔۔ چوندا آهن ”رت دانگيءَ تي به ورندي آهي“ آخر سنڌي آهن، ڪيترا به لالچي آهن ظالم آهن پر سنڌ سان سندن وجود اٽڪيل آهي، هن چوڻيءَ جيئان ته ” پنهنجو ماري ڇانوَ ۾ اڇلائيندو“

سٺي عمل جي تعريف ضرور ڪبي ۔۔۔

خوشيءَ جي ڳالهه آهي
 
جواب: اسيمبلي ۾ ڪوبه ميمبر ”ڪراچي ۽ سنڌ“، ”اندرون سنڌ“ نه چوندو: اسپيڪر جي رولنگ

ائين ڪا غيرت ڪن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هنن حڪمرانن مس ڪو دل خوش ڪرڻ جهڙو ڪم ڪيوآهي
 
Back
Top