جيڪڏهن مان توهان کان عنوان ۾ ڪيل ڳالهه بابت پڇان ته پاڪستان ۾ 30 ماڙ عمارت 360 ڪلاڪن ۾ تيار ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔ ته توهان جو جواب ڇا هوندو۔۔؟ يقينن توهان نه مڃندو۔۔ پر جي پڇان ته دنيا ۾ اهو ڪاٿي ممڪن ٿي سگهي ٿو۔۔ ؟ ته ڪجهه سوچي توهان جديد ترقي يافته ملڪن بابت سوچيندو۔۔۔ پر هتي مان توهان کي ٻڌايان ته اهو ممڪن ٿيو آهي چائينا ۾ ۔۔۔ جي ها چائنا جي هڪ ڪمپني جنهن 2011 ۾ ئي هڪ هفتي اندار 15 ماڙ عمارت جوڙي تيار ڪري ورتو ۔۔۔ ساڳي ڪمپني 30 ماڙ هوٽل صرف 15 ڏينهن ۾ جوڙي راس ڪري ورتو۔۔۔ ۽ رڳو ايترو ئي نه پر ڪمپني جي دعوى مطابق جيڪڏهن 0۔9 ميگنيٽيوڊ جو زلزلو 20 دفعا به اچي ته عمارت کي ڪيرائي نه سگهندو۔۔۔ توهان يقين ڪريو يا نه پر حقيقت ڇا آهي۔۔۔ حاضر آهي وڊيو۔۔۔
جواب: 30 ماڙ عمارت صرف 15 ڏينهن ۾ تيار۔۔۔ اهي آهن قومون جيڪي ترقي جي انتها تي پهتيون آهن۔ چيني قوم کي سلام آهي۔
جواب: 30 ماڙ عمارت صرف 15 ڏينهن ۾ تيار۔۔۔ چيني ء جاپاني قوم تمام محنتي قوم آهي ۔۔۔۔۔۔ اها قوم ڪجهه به ڪري سگهي ٿي
جواب: 30 ماڙ عمارت صرف 15 ڏينهن ۾ تيار۔۔۔ سائين محنت اڳيان ڪا شي ناممڪن ناهي اسان جا رازا تها هڙا آهن جو جنهن وقت ڀت تان لهن ٿا ته چون ٿا ادا ڀت کي سهارو ڏجان ته آءو لهان متان ڀت ڪري نه پوي ۔ وسلام