بي ايماني، ٺڳي ۔۔۔ دنيا جا ملڪ ۽ سنڌ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪجهه ڏينهن کان سعودي حڪومت پاران مختلف اخبارن ۾ هي اشتهار هلي رهيو آهي،

    [​IMG]


    آءُ هر روز هن اشتهار کي ڏسي ٿڌا ساهه ڀري پنهنجي ملڪ جي باري ۾ سوچيندو رهندو آهيان، سوچيندو آهيان ته اسانجي ملڪ ۾ به اينٽي ڪرپشن جا ادارا قائم آهن بلڪ اسانجا پنهنجا سڄڻ دوست انهن ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، پر اهي شخص پاڻ هر روز لکين روپيا ڪمائي، ڪروڙ پتي ٿيندا وڃن، ۽ قوم جو ٻيڙو آهي جيڪو هر وقت لڏندو لمندو، ڌڪا کائيندي پيو ترڻ جي ڪوشش ڪري ... بس ٻڏو ڪي ٻڏو واري حالت آهي“

    اسانجي ملڪ ۽ دنيا جي ملڪن ۾ ڪيترو فرق آهي؟ تازو سعودي عرب جي تعليمي اداري مان هڪ تمام وڏو آفيسر پڪڙي جيل اماڻيو ويو، مٿس الزام هيو ته هن تعليمي اداري ۾ ٿيندڙ ڪمن جو ٺيڪو رشوت وٺي ڏنو آهي ...!!! ان هڪڙي عمل سان ڪيترن ئي آفيسرن جي دل ۾ سور پيو ۽ ڪيترن ته ڀڄي جان ڇڏائي آهي ... پر پوءِ به هتان جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن به برداشت يا معاف نه ڪيو ويندو جيڪي قومي دولت ۾ بي ايماني ڪنٿا .... ۽ هي اشتهار هر روز ڏنو وڃي ٿو ته جيئن قوم جا ماڻهون اڳتي اچن ۽ ڪٿي به ڪا بي ايماني ٿيندي هجي ته ان جو سدباب ٿي سگهي ....

    سلام آهي قومن ۽ انهن جي قانون جي پوئواريءَ تي ... لعنت آهي اسانجي ملڪ جي بي ايمان ماڻهن تي جن پوري قوم جو ستيا ناس ڪري ڇڏيو آهي .... لک لعنتون ٻنهي هٿن جون ....
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: بي ايماني، ٺڳي ۔۔۔ دنيا جا ملڪ ۽ سنڌ

    اسان وٽ اشتهار ته ڏنا وڃن ٿا پر عمل زرو هوندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔ عوام کي به خبر آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي ڪا نشاهندگي ڪئي ته الٽو ڳالهه ڳيچيء ۾ پئجي ويندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مطلب ته حڪومت مان ڀلائيء جي ڪا اميد ڪانه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ٿئي به ڇو جيڪو پاڻ چور هوندو اهو ٻئي کي ڪئين چوندو ۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بي ايماني، ٺڳي ۔۔۔ دنيا جا ملڪ ۽ سنڌ

    جي ادا عرس! اهو ئي ته روئڻ آهي ته دنيا جي ملڪن ۾ به شيطان آهي ۽ ڪئي شيطاني عمل ٿين ٿا پر پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ شيطان ايترو سگهارو آهي جو ان سان اکيون ملائڻ پنهنجي موت کي سڏڻ جي برابر آهي، پر ٻين ملڪن ۾ شيطان آهي پر ڪمزور آهي ۔۔۔ جيڪڏهن ڪو ماڻهون ايمان جي ڇڙهي کڻي ته شيطان اچي پيرن تي ڪري ٿو ۔۔۔

    سو اهو ئي فرق آهي ۔۔۔ ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ۔۔۔ جيستائين اسانجي ملڪ ۾ ايمان مضبوط ۽ شيطان ڪمزور نه ٿيندو تيستائين اسين ڏينهن به ڏينهن وڌيڪ جڪڙبا وينداسون ۔۔۔

    اگهي ته پا نه ته مڻن کي موٽ ۔۔۔

    الله جي در دعا آهي ته سنڌ کي شيطان کان بچائي ۔۔۔ آمين
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بي ايماني، ٺڳي ۔۔۔ دنيا جا ملڪ ۽ سنڌ

    [​IMG]

    دبئي ۾ ٻن انسپيڪٽرز کي دبئي ڪورٽ پاران رشوت وٺڻ جي الزام ۾ ڏنڊ هڻي جيل اماڻي ڇڏيو ۔۔۔ خبر جو هڪ ٽڪڙو هيٺ ڏنل آهي

    Dubai: Two inspectors at Dubai Municipality have been jailed for three years each for seeking Dh350,000 in bribes from a businessman.

    The Dubai Court of First Instance convicted the two defendants, an Egyptian inspector, A.F., 37, and an Emirati chief inspector, W.A., 27, of abusing their office and demanding a bribe. Pronouncing the judgment on Monday, Presiding Judge Hamad Abdul Latif Abdul Jawad fined the two defendants Dh350,000.

    Prosecutors said A.F. and W.A. had abused their duties and sought to bribe the Indian businessman, who owns a compound comprising 16 villas.

    هي خبرون آ انڪري ونڊ ٿو ڪريان ته جيڪا قوم پنهنجي قانون کي مضبوط ڪندي آهي ۽ پنهنجن ادارن کي غلط ڪمن ڪرڻ کان روڪيندي آهي، اها قوم ئي ترقي ڪندي آهي ۔۔۔

    سوچيو، غور ڪيو ۽ قوم جي مالڪي ڪيو ۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بي ايماني، ٺڳي ۔۔۔ دنيا جا ملڪ ۽ سنڌ

    سائين اهي خبرو ڀلي ونڊ ڪيو۔

    پر اسان کي اهڙين خبرن تي حرت ٿيندي آهي۔ هتي ته ڪم ئي لٿل آهن۔ ڪيترا انسپيڪٽر اندر ويندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو