شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
ياد تنهنجي ۾ ننڊ ڦٽي آ
تات تُنهنجي ۾ رات کُٽي آ
سورن ساڻ دل روئي پئي
سُک سان پل نه پاڻ سُتي آ
پياس اندر ۾ وڍ وجھي پئي
اُڃ اکين مان آس اُٿي آ
يار جُدائي ماس ڪَپي پئي
جيءُ اندر هر جاءِ ٽُٽي آ
ماهه ملڻ لاءِ رات روئي پئي
تارن سُڏڪي سار لڌي آ
دل“وفا ” ڏَس يار پڇي پئي
روئندي شيراز راهه رُلي آ .
وفا شيراز نظاماڻي
تات تُنهنجي ۾ رات کُٽي آ
سورن ساڻ دل روئي پئي
سُک سان پل نه پاڻ سُتي آ
پياس اندر ۾ وڍ وجھي پئي
اُڃ اکين مان آس اُٿي آ
يار جُدائي ماس ڪَپي پئي
جيءُ اندر هر جاءِ ٽُٽي آ
ماهه ملڻ لاءِ رات روئي پئي
تارن سُڏڪي سار لڌي آ
دل“وفا ” ڏَس يار پڇي پئي
روئندي شيراز راهه رُلي آ .
وفا شيراز نظاماڻي