شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
خوش هجڻ جاڪي سبب هُجن ها ته ضرورٻڌايان ها
بس غم ۽ خُوشي زندگي جو گاڏو ڌڪڻ ۾ مصروف آهن ...
مون ته خواب ڏسڻ به ڇڏي ڏنا
پوءِ ننڊ مون کي نظر انداز ڇو ڪيو؟؟
سياهي جيڪڏهن سُڪي به وڃي ته ڪاغذ ڪورو ناهي ٿيندو..
مون رت سان پنهجي روح تي توکي لکيو آ
ڪير مٽائڻ چاهي ته ڪوشش ڪري سگھي ٿو.......
مون اڻکُٽ سرد راتن ۾ جاڳ جو سفر ڪيو
منهنجي اڪيلائي جي وجه صرف تون نه آهين.
زخمي وجود سان زندگي جو بار کڻڻ ڪيترو آسان آهي
ڪنهن ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ؟؟
مون بي سبب ته پنهجي ساهه کي نه سهڪايو ؟؟
رات ۽ ڏينهن جو فرق ته آزاد انسان سمجھي سگھي ٿو..
مونکان جيئري ئي قبر جو مشاهدو ڪرايو ويو...............
زندگي تلخ آ ته آئون به انسان آهيان
جسم کي ايڏي سزا ته روح سان ڪهڙي رعايت ؟؟؟؟
اکين جا بند ٽوڙڻ لاءِ ڪنهن مشين جي ضرورت ناهي
توکان ڌار ٿيڻ جو درد ئي ڪافي آ...................
پر مان ڪُجھ لُڙڪ بچائڻ ٿو چاهيان
ايندڙ ڪنهن امتحان لاءِ..............
وفا شيراز نظاماڻي