دوستو سلام محترم مجيب سنڌي ڪورائي جي شاعري اوهان جي اڳيان پيش ڪجي ٿي۔ شاھ گداگر تنهنجي در تي ڪيئي گوهر تنهنجي در تي آئون به دل جو دان رکان ٿو منهنجا دلبر تنهنجي در تي مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن سڀ ثنا گر تنهنجي در تي هيڪر ٻيهر ٽيهر ڇا لئه ايندس هر هر تنهنجي در تي
جواب: مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن، سڀ ثنا گر تنهنجي در تي محترم سائين محمد سليمان وساڻ صاحب اوهان منهنجي غزل کي سنڌ سلامت جي شاعري واري خاني ۾ خوبصورت ڊزائن سان سجائي دوستن اڳيان پيش ڪيو آهي ، اوهان جا وڏا وڙ ، ٿورا م ٿورا مون تي ماروئڙن جا ۔
جواب: مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن، سڀ ثنا گر تنهنجي در تي مجيب سنڌي ڪورائي، تمام سٺي شاعري ڪري رهيو آهي، سهڻا خيال ۽ شاعري ۾ ترنم موجود هجڻ سبب هر پڙهندڙ کي موهي وجهي ٿو ۔۔۔ تمام سٺو غزل ۽ سهڻي پيشڪش۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن، سڀ ثنا گر تنهنجي در تي شاھ گداگر تنهنجي در تي ڪيئي گوهر تنهنجي در تي ادا سليمان سھڻي ڊزائين سان گڏ بھترين شاعري جي چونڊ۔
جواب: مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن، سڀ ثنا گر تنهنجي در تي آئون به دل جو دان رکان ٿو منهنجا دلبر تنهنجي در تي ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔ادا مجيب ڪورائي جي سٺن الفاظن تي مشتمل توهان جي ڊيزائن ڪيل شاعري پڙهي ڏاڍو لطف آيو۔ادا مجيب توهان پنهنجي ان شوق کي جاري رکندا۔
جواب: مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن، سڀ ثنا گر تنهنجي در تي مهرباني سڀني دوستن جي ۔۔۔۔۔۔ مان ڪافي وقت کانپوء ڊزائن شاعري ونڊ ڪئي آهي۔ ان جو سبب اهو آهي جو هاڻي ماشاء الله اسان وٽ سٺا ڊزائنر موجود آهن۔ ان سان گڏ شاعر دوست پڻ پاڻ پنهنجي شاعري سهڻي نموني سجائي پيش ڪري رهيا آهن۔ پوء به ڪڏهن دل گهريو ته پراڻي شاعريء مان ڪجهه چونڊ اوهان دوستن سان ونڊ ڪندا رهنداسون۔ ادا مجيب تمام سٺي ۽ پختي شاعري پيو ڪري۔ اسان جون سندس لاء دعائون ۽ نيڪ خواهشون آهن۔
جواب: مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن، سڀ ثنا گر تنهنجي در تي سائين لاشڪ بهترين شاعري مٿان بهترين گُلڪاري ۔ مون پهريان موضوع پڙهي ته اهو سمجهيو شايد مولود شريف آهي پر پو۽ جڏهن گُلڪاري کان پهريانن وايورو حصو پڙهي رهيو هيس تڏهن به مولود پئي سمجهيم پر سائين جن جي گُلڪاري ڏسي خيال مٽجي ويو ته نه سائين سليمان صاحب جو خيال ئي آهي پر جڏهن وري سائين مجيب صاحب انجي تصديق ڪئي ۽ ان ڊزائين کي پنهنجي تصور طور قبول ڪيو ته خيال مٽيا؟
جواب: مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن، سڀ ثنا گر تنهنجي در تي ڏاڏل سائين قرب سائين ڏاڏل شاعرن لاء انهن جو محبوب ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي۔ تنهنڪري انهن جي تعريف ڪري ڪونه ٿڪبا آهن۔ لک ٿورا
جواب: مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن، سڀ ثنا گر تنهنجي در تي پيارا سائين منهنجو هي غزل مولود ئي آهي جنهن جي هر لفظ ، هر سٽ ۾ اهائي ڳالھ آهي جنهن جي مون پاڻ هي ڊازائين ڪئي هئي پر سائين سليمان وساڻ اها ڊزائين محنت ڪري تيار ڪئي ، ان ڪري سائين کي وري ڊزائين ڪري وڌيڪ تڪليف ڪونه پئي ڏيڻ چاهي ان ڪري ، سائين جيڪا عورت جي تصوير واري ڊزائين ٺاهي ان تي ئي واه واه ڪيم پر اصل ۾ هي غزل مولود ئي آهي “ حمد “ آهي