• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻه عرض

عبدالعزيز سمون

سينيئر رڪن
اسلام و عليڪم
سائين هڪ عرض هي آهي ته مون هڪ دوست کي انٽريٽ ڪنڪيشن ڏنو جنهن سبب مون وٽ انٽريٽ جي رفتار گهٽ ٿي وئي آهي، مون کي اهو ٻڌائيندا ته ڇا ڪو اهڙو سافٽويئر آهي جنهن تان انٽرنيٽ جي رفتار تيز ٿي سگهي۔
ٻيو عرض هي آهي ته جڏهن آئون گوگل ڪروم اسٽارٽ ڪيان ٿو ته هي آپشن ٿو اچي
the application failed to intialize properly (0xc00000005). click ok to terminate the application
اهو ڇو؟ اگر ان جو به ڪو حل هجي ته مهرباني ڪري شيئر ڪندا۔
 
جواب: ٻه عرض

دوست عزيز جيسيتائين توهان جي پهرين سوال جو تعلق آهي ته ادا نيٽ جي سپيڊ وڌائڻ جو ڪو سافٽويئر نه هوندو آهي۔۔ ها توهان جي ڪمپيوٽر کي چست ڪرڻ جا ڪافي ٽوٽڪا ۽ سافٽويئر سنڌ سلامت تي ملندا جن مان هڪ تازو ئي هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري آزمائي سگهو ٿا۔۔

پر بهتر حل اهو آهي ته توهان پنهنجي نيٽ پروائيڊر کان نيٽ جو سٺو پيڪيج وٺو۔۔
۽ جيتري قدر توهان جي ٻئي سوال جو آهي ته ۔۔ ان جو بهتر جواب ته تڏهن ئي ڏئي سگهجي ٿو جڏهن توهان ان ايرر جي اسڪرين شاٽ موڪليو۔۔
ڇو ته ان ايپليڪيشن ايرر جا ڪئي سبب ٿي سگهن ٿا۔۔ ان ايرر جي ٽائٽل بار تي شروع ۾ لکيل لفظ مسئلي کي سمجهڻ ۾ آساني آڻي سگهن ٿا۔۔ جهڙوڪ هيٺيون ايرر گوگل ڪروم جي PDF2Vec.exe فائيل جو آهي۔۔

clip_image001_thumb.gif

يا وري هي ايرر megui.exe فائيل جو آهي۔۔

megui6sn.jpg

اهو ساڳيو ايرر regedit.exe فائيل جو به ٿي سگهي ٿو۔۔

WinXP-kk3-ApplicationError.png

هن ايرر جو هڪ سبب Userinit.exe فائيل به آهي۔۔

userinit.exe-error.png

يا وري اهو ايرر chrome.exe فائيل جو به ٿي سگهي ٿو۔۔۔
chrome-error.png

ان ڪري منهنجا دوست توهان کي گهرجي ته ايرر جي اسڪرين شاٽ موڪليو يا وري مٿيان ڏيکاريل ايرر مان هجڻ جي صورت ۾ نشاندهي ڪريو۔۔
 
جواب: ٻه عرض

مهرباني ادا عزيز ۔۔ مسئلي کي واضح ڪرڻ جي۔۔۔ جيڪڏهن توهان اڳيان chrome.exe فائيل جو هيٺيو ايرر اچي رهيو آهي۔۔۔
chrome-error.png

ته منهنجي نظر ۾ ان جا ٻه حل آهن۔۔۔
حل نمبر هڪ آهي sandboxing کي غير فعال ڪرڻ۔۔
ان سان برائوزر جا ڪجهه فيچرس متاثر ٿي سگهن ٿا۔۔ پر ايرر جو خاتمو پهريون آپشن هجڻ گهرجي۔۔ ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريان گوگل ڪروم برائوزر بند ڪريو۔۔۔ ۽ ڊيسڪٽاپ تي موجود گوگل ڪروم جي آئڪان کي مائوس سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري Properties چونڊيو۔۔۔

Fix_The_application_failed_to_initialize_properly_%280xc0000142%29_in_Google_Chrome-01.png

کلندڙ ونڊوز منجهان Shortcut ٽيب چونڊيو۔۔۔

Fix_The_application_failed_to_initialize_properly_%280xc0000142%29_in_Google_Chrome-02.png

توهان ڏسندو ته Target فيلڊ ۾ گوگل ڪروم شارٽ ڪٽ آئڪان جي لوڪيشن ڏنل هوندي ۔۔ هاڻي ڪرڻو اهو آهي ته ان لوڪيشن جي آخر ۾ no-sandbox-- لفظن جو اضافو آڻي اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔

Fix_The_application_failed_to_initialize_properly_%280xc0000142%29_in_Google_Chrome-03.png

هاڻي گوگل ڪروم کوليو ۔۔ اميد ته ايرر نه ايندو۔۔۔

حل نمبر 2 جنهن تحت ٻي ڊوائيس يا سافٽويئر جي ڪنفلڪٽ ٿيڻ واري عمل کي ختم ڪبو۔۔۔
ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريان Start بٽڻ تي ڪلڪ ڪري Run پروگرام کوليو جتي regedit لکي ڪيبورڊ تان انٽر بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔ رجسٽري ايڊيٽر جي کلڻ تي هيٺين لوڪيش تي پهچو۔۔۔

HKEY_LOCAL_MACHINE\SYSTEM\CurrentControlSet\Services\SysPlant
هاڻي سامهون Start نالي DWORD کي مائوس سان ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔۔

two_tips_of_using_chrome_03-500x271.jpg

کلندڙ وڊيو منجهان value data 4 مان تبديل ڪري 0 لکو ۽ OK بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔

two_tips_of_using_chrome_04.jpg

ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔ ۽ گوگل ڪروم هن دفعي کوليو اميد ته توهان کي ايرر سامهون نه ايندو۔۔۔ ٻي صورت ۾ رابطو ڪندا۔۔۔
 
جواب: ٻه عرض

سائين رشيد صاحب توهان جي مهرباني ۔ توهان جو جواب دير ملڻڻ سبب مون گوگل ڪروم رمووَ ڪري coolnovo chromeplus انسٽال ڪيو آهي جيڪو في الحال ته ڪم ڪري رهيو آهي۔ پو به توهان جا لک لائق۔
 
Back
Top