لهرن لک لباس ۔۔۔ لطيف سرڪار

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    لَـهـــرنِ لَــکَ لِبــــاسَ، پاڻِـــــي پَسَــــــڻُ هيــڪِــڙو،
    اُونـهــــي تَنهِـن عَمِـــيقَ جِـــي، واري ڇَـڏِ وِمــاسَ،
    جِتِ ناهِ نِهايتَ نِينهَن جِي، کوءِ اُتِ پنهنجِي کاسَ،
    تَــــــڙَنِ جِــــي تَــــلاشَ، لاهِ ته لالَـــــنَ لَـــڳِ ٿِـئيــن.
    سر سهڻي

    [​IMG]


    هن بيت جي پهچ تمام گهري ۽ اونهي آهي ...
    لهرن کي لکين روپ ۽ ويس آهن، پر پاڻي ڏسڻ ۾ هڪڙو آهي ...اونهي سمنڊ جي سوچ ئي دل تان لاهي ڇڏ، جتي محبت جو ڪو ڪنارو ئي ڪونهي، يا ڪا حد ئي ناهي ... اي عاشق تون سموريون خواهشون ختم ڪري ڇڏ، ڪناري تي پهچڻ جي تلاش ڇڏي ڏي ته محبوب جي ويجهو ٿي سگهين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لهرن لک لباس ۔۔۔ لطيف سرڪار

    هن بيت جي پهچ تمام گهري ۽ اونهي آهي ...
    لهرن کي لکين روپ ۽ ويس آهن، پر پاڻي ڏسڻ ۾ هڪڙو آهي ...اونهي سمنڊ جي سوچ ئي دل تان لاهي ڇڏ، جتي محبت جو ڪو ڪنارو ئي ڪونهي، يا ڪا حد ئي ناهي ... اي عاشق تون سموريون خواهشون ختم ڪري ڇڏ، ڪناري تي پهچڻ جي تلاش ڇڏي ڏي ته محبوب جي ويجهو ٿي سگهين.
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: لهرن لک لباس ۔۔۔ لطيف سرڪار

    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔هڪ ته شاه صاحب جي شاعري تمام سهڻي ۽ وڏي رمز واري مٿان واري توهان جي ڪيل ڊيزائن ۽ ان بيت جي سمجهاڻي سچ مچ تي سوني تي سهاڳ وارو عمل ڪيو آهي۔ماشالله مٿين ٻنهي شين جي تعريف ڪرڻ ايئن آهي جيئن سٍج کي ڏيئو ڏيکارڻ۔الله پاڪ توهان جي ڏاهپ واري نظر کي ڪڏهن به دهندلو نه ڪري۔ 

    تَه ڪَرَ ڪيئَن سئُي جي سيرَ نه گهڙي سُهَڻي
    هت حَيَاتَيءَ ڏيَنهَڙَا، هَڏهن تان نه هُُُئِي
    چُڪَي تنه چَرِي ڪي، جَو ڏنُس اُن ڏُهِي
    سُنهَڻيِءَ کَي سيدُ چئي، وڌوَ قُرَبَ ڪُهي
    هُنهين هُوندَ مُئِي، پَرَ ٻُڏيِءَ جا ٻيڻا ٿئاَ۔
    """سُر سهڻي"""
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لهرن لک لباس ۔۔۔ لطيف سرڪار

    سائين نثار لک ٿورا

    اوهان لطيف سائين جي رسالي جي سُر سهڻي جي داستان نائين مان چونڊ بيت خوبصورت ڊزائن سولي سمجهاڻي سان گڏ اسان سان ونڊ ڪيو آهي۔ لطيف جو سمورو رسالو آهي ئي پيغام تي مشتمل، عشق جو پيغام پر ڪو سمجهڻ وارو گهرجي۔

    جان جان هُئِي جِئَرِي، ويٺِي نه ويساندِ؛
    لُڙهِي لَهرِن پاندِ، مُيائِي ميهارَ ڏي
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: لهرن لک لباس ۔۔۔ لطيف سرڪار

    تمام بهترين ونڊ آهي ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو