محترم افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست جڏهن مون سان ملڻ ٽنڊومحمدخان آيا

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جڏهن سنڌ سلامت جو دوست محترم افتخار چوهان مون سان ملڻ ٽنڊومحمدخان آيو​


    رپورٽ: نثاراحمدناز تصويرون : فرحان علي سمون​


    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن سان ملي دل کي خوشي ٿيندي آهي من معطر ٿي پوندو آهي، شايد اهڙن ماڻهن لا ئي لاکيڻي لطيف چيو آهي ته الله اچن اُو جن آئي من سرهو ٿئي، چند ڏينهن پهرين مونکي سنڌ سلامت جي پي ايم واري ميسيج ذريعي سنڌ سلامت جي ڪوٽڙي ضلع ڄامشوري کان تعلق رکندڙ سنڌ سلامت جي سينئر ميمبر محترم افتخار چوهاڻ مونکي پيغام اماڻيو ته هو ٽنڊو محمد خان اچي مون سان ملاقات ڪرڻ ٿو چاهي، ۽ مون کيس پنهنجو موبائل نمبر ، گهر جو پي ٽي سي ايل نمبر ۽ پنهنجي مُڪمل ائڊريس لکي موڪلي، ساٿ ساٿ مون پنهنجي گهر وارن کي چيو ته جمعت المبارڪ 20 جنوري تي ڪجهه مهمان ايندا ۔ ۽ پنهنجي جمعت المبارڪ واري ڏينهن واريون سموريون مصروفيتون ختم ڪري محترم افتخار چوهاڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس، ساري ڏينهن انتظار ڪرڻ کانپو تقريبن شام جو پنجين وڳي گهر جي پي ٽي سي ايل نمبر تي ڪال آئي مون ڪال ريسيو ڪئي جنهن ۾ محترم افتخار چوهاڻ چيو ته سائين آئون توهان جي بهراڻي پاڙي ۾ مغل ڪلينڪ جي سامهون بيٺو آهيان مونکي تمام خوشي ٿيندي آهي جڏهن سنڌ سلامت جو ڪو دوست مون سان ملڻ ايندو آهي، ۽ منهنجي پاڙي ۾ مغل ڪلينڪ جو مفاصلو اڌ منٽ کان به گهٽ جو آهي سو گهر کان ٻاهر نڪري مغل ڪلينڪ ڏانهن وڌڻ لڳس سامهون ڏٺم ته هڪ موٽر سائيڪل بيٺل آهي ان جي پاسي ۾ ٻه نوجوان دوست ٻنهي جي چهري تي حضور اڪرم محمد صلي الله عليهه وسلم جي سُنت ڪاريون مُٺ مُٺ ڏاڙهيون هيون انهن مان هڪڙو همراهه مونکي سامهون ايندو ڏسي منهنجي ٻکين پئجي ويو آ ها ۔۔۔۔۔۔ مون چيو ته ادا افتخار چوهاڻ۔۔۔۔۔۔۔۔؟ چوڻ لڳو ها سائين مان افتخار چوهاڻ آهيان ۔۔۔۔۔۔۔ مون کيس چيو ته ادا افتخار چوهاڻ يار سارو ڏينهن انتظار ڪرايو اٿئي، هينئر شام جو پنج ٿي رهيا آهن گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن جو ماني ويلي اچين ها ته گڏجي منجهند جي ماني کائون ها۔۔۔۔۔۔۔ چوڻ لڳو ته سائين ٽنڊو محمد خان جي يونين راڄو نظاماڻي مذهبي جلسو هو اتي ماني جو بندوبست ٿيل هو ماني اتي کائي آيا آهيون ۽ جمع جي نماز به اتي پڙهي آيا آهيون۔۔۔۔۔ ادا افتخار چوهاڻ ٻي دوست جو تعارف ڪرائيندي چيو ته هي اسان جو دوست رئيساڻي آهي ، مان رئيساڻي صاحب جي خوش خير عافيت ڪئي ساٿ ساٿ ادا افتخار چوهاڻ وارا ڳالهائيندا پنهنجي موٽر سائيڪل کي ڪاهيندا مون سان گهر منهنجي گهر جي دروازي تائين پهتا انهن موٽر سائيڪل منهنجي گهر جي سامهون بيهاري گهر ۾ پنهنجي گهر وارن کي پردي جو چيو ۽ ادا افتخار چوهاڻ وارن کي پنهنجي گهر جي فرسٽ فلور واري ڪمري ڏانهن وٺي آيس جڏهن افتخار چوهاڻ منهنجي انهي ڪمري ۾ آيو ته چوڻ لڳو سائين نثار هي ڪمرو منهنجو اڳ ۾ ڏٺل آهي مون جواب ڏنو ها سنڌ سلامت جا ڪافي دوست هتي ايندا آهن ۽ انهن جو تصويرون آئون ضرور سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪندو آهيان سو لازمي تو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان هن ڪمري کي ضرور ڏٺو هوندو، ادا افتخار چوهاڻ وڏو ٽهڪ ڏنو۽ چوڻ لڳو ته اهو ساڳوڻو ڪمرو اسان جي تصويرن سان به ضرور سنڌ سلامت تي شيئر ٿيڻ گهرجي ، مون کيس جواب ڏنو ته ادا افتخار بلڪل توهان جي تصويرن سميت هي ڪمرو ضرور سنڌ سلامت جي دوستن سان شيئر ٿيندو، ايتري ۾ منهنجو ڀاڻيجو رحمان مصطفى سمون پاڻي جي بوتل گلاسن سميت کڻي آيو، ادا افتخار ۽ سندس دوست ادا رئيسائي پاڻي پيتو، مون کين چيو ته ادا ماني کائبي ۔۔۔۔۔۔ انهن هڪ دفعو ٻيهر چيو ته ادا اسان راڄو نظاماڻي مان ماني کائي آيا آهيون بس صرف چانهه هلندي ، مون منهنجي ڀاڻيجي رحمان مصطفى سمون کي چيو ته گهر وارن کي چئو ته سُٺي چانهه بسڪيٽ سميت تيار ڪري موڪليو، انهي دوران مختلف موضعن تي ڳالهه ٻولهه هلندي رهي ، جنهن م سرفهرست موضع سنڌ سلامت جي محبتي اڳڻ جو موضع هو، پندرهن منٽن اندر چانهه تيار ٿي آئي گڏو گڏ سپر بسڪيٽ به آيا چانهه جو دور به هلندو رهيو ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي موضع کان هٽي ڪري هاڻي اسان انسانيت جي موضع تي ڳالهه ٻول ڪرڻ لڳاسين ۽ انسان انسانيت سان پيار ڪرڻ ئي هر مذهب جي تعليمات جو مُک مقصد واري عنوان تي بحث ڪرڻ لڳاسين هنن نوجوانن سان ڳالهه ٻول ڪري تمام گهڻي خوشي ملي رهي هُئي ۽ هنن جي ٻهڪندڙ چهرن کي ڏسي مون پڻ محسوس ڪيو پي ته ادا افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست ڀي مون سان ڳالهه ٻول ڪري ۽ ملي تمام گهڻا خوش هُئا ڪلاڪ کانپوءِ هنن دوستن مونکان اجازت گهري مون کين چيو ته رات رهو، رات جي ماني کائو ۽ رات جو اڃان به ڪچهري ڪنداسين مگر هُنن چيو ته سائين ڪوٽڙي شهر ويجهو آهي ڏيڍ ڪلاڪ جو رستو آهي ان ڪري خوشيءَ سان موڪل ڏيو، مون کلندي کين موڪل ڏني اهڙي طرح هو تقريبن پوڻي ڇهين بجي مونکان موڪلائي هليا ويا، الله کين سلامت رکي [/JUSTIFY]

    هاڻي پيش آهن ادا افتخار چوهاڻ ۽ ادا رئيساڻي جا مون سان گُذاريل پل تصويري احوال جي صورت ۾​


    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو محبتي دوست ادا افتخار چوهاڻ

    [​IMG]
    ادا افتخار چوهاڻ جو دوست محترم رئيساڻي صاحب

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ادا افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست رئيساڻي جون نهايت ئي خوبصورت تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز ادا افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست محترم رئيساڻي سان گڏ​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست جڏهن مون سان ملڻ ٽنڊومحمدخان آيا

    ماشاء الله ۔۔۔۔۔۔۔ دل خوش ٿي

    سنڌ سلامت جا دوست پنهنجي فورم جي دوستن ۽ ساٿين سان ملڻ جو ڪوبه موقعو هٿان وڃڻ ناهن ڏيندا۔ سائين افتخار چوهاڻ اسان جي فورم جو سرگرم دوست آهي پر اڄڪلهه سندس شيئرنگ صفا نه هجڻ جي برابر آهي۔ اوهان دوستن جو ديدار ڪرايو لک ٿورا۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: محترم افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست جڏهن مون سان ملڻ ٽنڊومحمدخان آيا

    صبحان الله
    تمام بهترين ۔۔۔۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: محترم افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست جڏهن مون سان ملڻ ٽنڊومحمدخان آيا

    [/JUSTIFY]


    سائين محترم نثار ناز صاحب اسلام عليڪم ۔
    سائين اوهان جا وڏا قرب جو اسان جي ملاقات کي شرف ۽ مان ڏيندي اهڙو مفصل ۽ لاجواب تحرير ڄوڙي ونڊ ڪيو . اوهان سان گهاريل اهي قرب جون گهڻيون اسان کي هميشه ياد رهنديون ۽ انشاءالله اهي يادون ٻيهر ملڻ جو ڪارڻ بڻجنديون .
    جهڙي نموني ادي طاهر سنڌي اوهان جو تذڪرو ڪيو هو اهڙي طرح اوهان کي پاتوسين ، انسانيت جي وصف سان رچيل اوهان جو مزاج اسان کي اوهان جو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي . هوئين به شاعري سان لڳاو اهو ئي رکندو آهي جنهن جي طبيعت ۾ اهي خصلتون لڀجن ٿيون جيڪي اوهان ۾ آهن جئين تواضع ، نوڙت انسانيت سان محبت ، تحمل مزاجي ، چهري تي مسڪراهٽ ، زنده دلي وغيره . بهرحال الله تعالى اوهان کي خوش رکي ، سدائين خوشيون ماڻيندا رهو ، اسان جون دعائون هميشه اوهان دوستن سان گڏ آهن ، والسلام

    آخر ۾ وري به تفصيلي ملاقات تحرير ڪرڻ لاءِ اوهان جي وڏي مهرباني
    لاٽ ٻرندي رهي
    ساٿ هلندو رهي .
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: محترم افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست جڏهن مون سان ملڻ ٽنڊومحمدخان آيا

    جي ادا سليمان برابر صحيح پيا چَو ، انشاءالله اوهان جي شڪايت جلد ختم ڪنداسين ، ڪجه ڏينهن اڳ اوهان کي پي ايم موڪلڻ جي ڪوشش ڪيم پر شايد اوهان وٽ پي ايم واري جا خالي ڪون هئي جنهن جي ڪري پي ايم نه پيو سينڊ ٿئي ، ٿورو پي ايم واري خاني کي ڏسندا شايد ميموري ۾ وڌيڪ ميسيج جي گنجائش ڪونهي ، مهرباني
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: محترم افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست جڏهن مون سان ملڻ ٽنڊومحمدخان آيا

    مهرباني ادا حسين گلال صاحب
     
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: محترم افتخار چوهاڻ ۽ سندس دوست جڏهن مون سان ملڻ ٽنڊومحمدخان آيا

    سائين نثار ناز صاحب جي لکڻ ياسان کي به ان مقام تي پهچايو ڄڻ سڄو سير گڏ پيا ڪريون بهترين ملاقات جو بهترين بيان ۔
    سلام آهي انهن دوستن کي جن هنن ملاقاتن جو سبب يعني سنڌ سلامت جي سٿ جوڙيو ۽ آباد رکيون پيا اچن ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو