• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الله جا ٻانها

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪ بزرگ هڪ آبادي مان گذري رهيو هيو۔۔ هن ڏٺو ته پوري آبادي مان صرف ٻه گهر اهڙا هئا جيڪي چنڊ وانگر چمڪي رهيا هيا۔۔۔
بزرگ انهي تجسس ۾ ٻئي ڏينهن به ساڳي آبادي وٽان گذريو۔۔ ۽ هن دفعي به ساڳيون منظر ڏٺو ۔۔ ته هُن ماڻهن کان پڇيو هي ڪهڙو راز آهي۔۔ ؟
ماڻهن کيس ٻڌايو ته ۔۔۔:
”هي اهي الله جا ٻانها آهن ۔۔۔ جن گهرن ۾ UPS لڳرايو آهي۔۔“
 
جواب: الله جا ٻانها

ها ها ها ۔۔۔۔۔ بلڪل سهي ادا ۔۔۔ واه جي ڳجهارت ڀڳي اٿئي ۔۔۔

مون به جڏهن گهر ۾ اهو نڀاڳو يو پي ايس هڻايو ته ان وقت وڏي خوشي ٿي جو جڏهن بجلي هلي وئي، سڀ اوندهه ۾ هيا، آءُ اصل سوجهري ۾ ۔۔۔ بس پوءِ پنهنجا پئسا سجايا سمجهيم ۔۔۔ پر پوءِ ڪجهه عرصي کانپوءِ خبر پئي ته ڄڻ ڀلو گهوڙو پاليو اٿم ۔۔۔ هر سال بيئٽري ڊائون ۔۔۔ مٿان وري اهو يونٽ به نخرا ڪري پاڙي واري ميڪينڪ جي ڀيڳي مچائي ڇڏي آهي ۔۔۔ هر دفعي چار يا پنج سئو روپيا ته کرا اٿس ۔۔۔

بس ڙي ادا جيڏا اٺ تيڌا لوڏا ۔۔۔ الائجي پنهنجي ملڪ ۾ بجليءَ جو بحران ڪڏهن ختم ٿيندو ۔۔۔؟؟؟؟ ڪاش ۔۔۔ ٿڌو ساه ۔۔۔۔
 
جواب: الله جا ٻانها

هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔

بجلي جي صورتحال ڪجهه بهتر آهي پر لڳي ٿو ته ايندڙ اونهاري ۾ مٿين صورتحال رهندي۔
 
Back
Top