هڪ قدم اڳتي جي سوچيو۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ نوجوان هڪ غريب ڇوڪري کي ڏٺو جيڪو سندس خوبصورت ۽ قيمتي ڪار کي غور سان ڏسي رهيو هيو۔۔ نوجوان کي غريب ڇوڪري تي ترس آيو ۽ کيس ڪار تي گهمائڻ جي آفر ڪئي۔۔۔
    ڇوڪرو ڪار ۾ ويهي رهيو۔۔ ۽ جڏهن ڪار هلڻ شروع ڪيو ته هن نوجوان کان پڇيو ”تنهنجي ڪار ڪيڏي نه خوبصورت آهي۔۔۔ قيمتي هوندي نه۔۔۔ ڪيتري جي آ۔۔۔؟“
    نوجوان مسڪرايو ۽ جواب ڏنو۔۔”مون کي ناهي خبر ۔۔ منهنجي ڀاء هي ڪار مون کي سالگره جو تحفو ڪري ڏني آهي۔۔“
    ڇوڪري حيرت ۾ چيو۔۔۔ ”واه۔۔ ڪيترو نه ڀلو آهي تنهنجو ڀاء۔۔۔“
    ڪافي دير خاموشي رهي ته نوجوان غريب ڇوڪري کان پڇيو۔۔۔ ”تون ڇا پيو سوچين ۔۔۔ ڇا تون اهڙي ڪار وٺڻ ٿو چاهين۔۔۔ “
    ڇوڪري جواب ڏنو۔۔۔ ”مان اهڙو ڀاء وٺڻ چاهيان ٿو۔۔۔ “

    سبق: هميشه ماڻهن جي توقع کان وڌيڪ سوچيو۔۔
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ قدم اڳتي جي سوچيو۔۔

    خئير ڪٿي چور سڃان ڪٿي ڍور ۔۔۔ منهنجو هت هڪ دوست آهي جنهن جو لاهور ۾ فليٽ هيو، سو سندس ڀاءُ ڇا ڪيو جو فليٽ کپائي پئسا کائي ويو ۔۔۔ سندس ڀاءُ 5 سال رڙيون ڪندو رهيو ته سندس ڀاءُ فليٽ کپائي کائي ويو ۔۔۔

    بهرحال الله تعالا انسان کي انسان کان بچائي ۽ اهڙا انسان ملائي جيڪي سندس مدگار ثابت ٿين ۔۔۔ اسانجي هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڪشميري دوست کي هڪ ڏکڻ آفريڪا (سائوٿ آفريڪا) کان آيل امير حاجي مليو ۔۔۔ اسان واري هن ڪشميري دوست سندس سٺي خدمت ڪئي، جنهن تي هو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ کيس پاڪستاني 10 لک روپيا خرچي ڏني ته هو وڃي پنهنجي ملڪ ۾ ڪو ڪاروبار ڪري آباد ٿي وڃي ۔۔۔ هاڻ اهو اسان وارو دوست ڪشمير (راوله ڪوٽ) ۾ پنهنجي دڪان ۽ پنهنجي گهر سان گڏ پنهنجي گاڏيءَ جو مالڪ پڻ آهي ۔۔۔

    سو الله تعالا جڏهن مدد ڪندو آهي ته اهڙا سهڻا انسان ملائيندو آهي ۔۔۔ واڳ ڌڻيءَ وس

    تمام سٺو ليک ۔۔۔ هميشه جيئان

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هڪ قدم اڳتي جي سوچيو۔۔

    واھ زبردست تمام بھترين ۽ سبق آميز۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ قدم اڳتي جي سوچيو۔۔

    تمام بھترين ۽ سبق آميز ڪهاڻي آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: هڪ قدم اڳتي جي سوچيو۔۔

    الله پاڪ کان دعا آهي ته سڀني کي اهڙا ڀائر عطا فرمائي ورنه اڄڪله ته ڀاء ئي ڀاء جو دشمن هوندو آهي۔اهڙا ڪافي واقعي ڏٺا آهن جنهن ۾ هڪ ڀاء ٻاهرين ملڪ مان ڪمائي پيسئا ملڪ ۾ رهندڙ ڀاء ڏي موڪليندو آهي ان نيت سان ته پٺيون ڀاء اڳين ڀاء جا پيسئا ڪنهن واپار ۾ سيڙائيندو يا هن لاء گهر وٺندو پر هت رهندڙ ڀاء اهئي پيسئا يا ته پنهنجي مقصد لاء استعمال ڪندو آهي يا گهر پنهنجي لاء وٺندو آهي يا انهن پيسئن مان عياشي ڪري کپائي ڇڏيندا آهي۔ ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڀاء جڏهن ملڪ ۾ موٽي ايندو آهي،تڏهن پنهنجي ڪمائي کي ايئن بي دردي سان ضايع ٿيندي ڏسي يا ته هو سخت بيمار ٿئي پوندو يا پنهنجي ڪمايل پيسئا واپس حاصل ڪرڻ لاء يا ان پيسئن مان ورتل گهر حاصل ڪرڻ لاء ڪورٽ جو سهارو وٺڻ تي مجبور ٿئي ويندو آهي۔ان قسم جي ڪافي سارا مسئلا اسان ۽ توهان پنهنجي روزمره زندگي ۾ ڏسون پيا۔بهرحال توهان جو ليک پنهنجي جاء تي هڪ وڏو پيغام ۽ رمز رکي ٿو۔توهان جي مهربانيون۔
     
  6. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: هڪ قدم اڳتي جي سوچيو۔۔

    تمام بهترين سبق آميز۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو