سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2012۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]


    ظفر سنڌي
    پنهنجن ئـي هٿن سان ڪا ڪا چماٽ ٻوٿ تي اهـڙي تـ سڌي طرح لڳندي آهي جو ان جو ويڄ يا طبيب ڳولئـي ناهن لڀندا. 90ع واري ڏهاڪي ۾ اڙدو ڳالهائيندڙن پاڻ ۾ کوڙ ساريون تبدليون آنديون. جماعت اسلامي واري انتهاپسندي کان پري ٿي بيٺا، پنجابي اسٽيبلشمينٽ هنن مٿان آپريشن ڪري ڪيترائي ماورائي عدالت خون ڪيا. پٺاڻن سان سندن ويڙه کين سبق ڏنو ته ڌرتي ڌڻين سان ڦٽائڻ جو مطلب سمونڊ ۾ ٻڏي مرڻ ٿي سگهي ٿو. پوءِ انهن سنڌ جي مسئلن مثال طور ڪالاباغ ڊيم، نوڪرين جي ڪوٽا، اين ايف سي ايوارڊ تي آواز اٿاريو. ايتري قدر جو پارٽيءَ جي نالي مان مهاجر خارج ڪري متحده ڪري ڇڏيائون، پاڻ کي مهاجر بجاءِ سنڌي سڏائڻ لڳا، سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي ٻه قدم اڳتي وڌايائون ته متان سنڌين کي ڪجه مٿن ويساه اچي. ان کان علاوه سنڌي ڳالهائيندڙن کي پاڻ وٽ ميمبر ڪرڻ لڳا، ويندي اهڙن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ يونٽ کوليائون جتي قيادت ڪرڻ لاءِ هڪ به اڙدو ڳالهائيندڙ ڪون هو. مطلب ته اهڙي يونٽ جا ڪرتا ڌرتا سنڌي ڳالهائيندڙ بنجي پيا، اها ساڳي صورتحال اڃا به برقرار آهي. ٻئي طرف آئيني قومپرست توڙي آزادي پسند قومپرست اڙدو ڳالهائيندڙن کي اڃا تائين باضابطه طور ميمبر ڪون پيا ڪن. اها الڳ ڳاله آهي ته سمورا اڳواڻ وات جي ٺڪاوَن سان روز پيا واڦين ته اڙدو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن، پر انهن ڀائرن کي اڇوت جو درجو به پاڻ ئي ڏيو ويٺا آهن.
    پـر پنجاب جا سنڌي دهلاري اهـي رڙيون ڪندا رهيا تـ ”مهاجـر ڙي مهاجـر“ مٿان وري آيو ..... ذوالفقار مـرزا، چي ايم ڪيو ايم وارا روزانه ڪراچي بندرگاه تان ڪروڙين رپيا ڀتو اوڳاڙين ٿا. مـرزا کان ڪيـر پڇي او خدا جا اُٺ تو ۾ ٿوري به ٿوم آهي ته پنجاب جهڙي داداگير کان پنهنجي طاقت جي ٻل تي به رپيا ته وٺي ڏيکار، سنڌ ساليانو ٻـ هـزار ارب رپيا ڪمائي ٿي ۽ اهي..... پنجابي کنيو وڃن. تو ۾ ٿوري مـڙسي آهي تـ قـرآن مٿي تان لاهي انهن خلاف بـ ڳالهائي ڏيکار ته تنهنجي هٿن مان لڪل چوڙيون ڇني ڪري پون. ايم ڪيو ايم کي سُجهي ٿو تـ مـرزا، مگسي ۽ پليجي جهـڙا هوندا تـ اهي سنڌ جا ٻـ هـزار ارب پنجاب ڦـريندو رهندو. سنڌ جا دهلاري اڳواڻ پاڻ پنهنجي سنڌ ڦرائڻ لاءِ پنجاب جا ”يس مين“ ٿيو پ پ جي بي ٽيم لڳا ويٺا رهندا ۽ نه پاڻ رنسون ٺاهيندا ۽ نه ٻين کي ٺاهڻ ڏيندا. صورتحال اها وڃي بيٺي آهي ته جسقم چيئرمين بشير احمد قريشيءَ سان گڏ پريس ڪلب ڪراچي اڳيان مٿن تي ڏنڊا کائيندڙ نسرين جليل ۽ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ اڄ اهو سوچيندا هوندا ته سنڌ تي سنڌين جي نوڪرين جو حق مڃائڻ خاطر جن سان گڏ موچڙا کاڌاسين اهي اڄ پاڻ وڃي پاڪستان پرست آئيني قومپرستن سان گڏ ويهي مخالفت جي قوالي ويٺا ڳائين. جڏهن پاڪستان جي ڏورانهن علائقن مان ڪروڙن جي تعداد ۾ مذهبي انتهاپسند پٺاڻ ڏتڙيل طور سنڌ جو رخ ڪرڻ لڳا ته ايم ڪيو ايم، آريسر سميت سمورن آزادي پسندن جي حمايت ڪئي. پر بدلي ۾ مٿن بهتان بازيءَ جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو هميشه جاري رهيو. اهـڙين ئي ڳالهين اڙدو ڳالهائيندڙ کي هميشه سنڌين کان پـرڀـرو پئي رکيو آهي.

    مون تي ايم ڪيو ايم حامي هجڻ جو ٺپو ته اڳي کان لڳندو رهيو آهي، مون کي ان ڳاله جي ذرا پرواه ناهي ڇاڪاڻ ته مان ڪنهن جي ڊڪٽيشن يا ڏوڪڙن جي هرک تي نه بلڪه پنهنجي شعور ۽ ذهانت (جيتري به آهي) تحت سنڌ جي ڀلي ۽ نجات لاءِ لکندو رهيو آهيان. مان تسليم ڪيان ٿو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي سڀ کان وڏي هڏ ڏوکي ناهي رهي، انهن جي روين ۽ عملن ۾ هزار خاميون آهن. اهي ماڻهو اسان سنڌين کان وڌيڪ ذهين ۽ شهري زندگيءَ سبب سياسي حالتن جا لاها چاڙها وڌيڪ سمجهن ٿا ۽ انهن مان پنهنجو مفاد ڪيئن حاصل ڪجي ان ۾ به مهارت رکن ٿا. اهوئي سبب آهي ته جڏهن ٻاهرين ملڪن جا سفير سنڌ جي دوري تي اچن ٿا ته سنڌي وزير اعليٰ سان ملڻ بجاءِ نائين زيرو تي وڃي حاضري ڀرين ٿا. انهن پرڏيهي سفيرن کي به ڄاڻ آهي ته سنڌ ۾ طاقت جو محور اهي پ پ جا ..... ناهن بلڪه ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ، وزير، ايم اين اي ۽ ايم پي آهن. ايم ڪيو ايم ته ڇا پر سنڌ جو ڪوبه سورمو جائز تنقيد کان بالاتر ناهي، جڏهن اسان چئون ٿا ته ايم ڪيو ايم، ڪراچي بندرگاه تان ڀتو اوڳاڙي ٿي تڏهن اهو نه وسارڻ گهرجي ته پنجاب اوهان جا ٻه هزار ارب رپيا کنيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم اوهان کان نه پر پنجاب کان ڀتو اوڳاڙيو آهي. جڏهن اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست ٿئي ٿي ته سموري سنڌ جي بجيٽ چار سو ارب مس بيهي ٿي ته باقي سنڌ جي ڪمائي وقت پ پ، آئيني قومپرستن ۽ آزادي پسندن جي وات ۾ مڱ پئجي ويندا آهن. تڏهن اسيمبلين ۾ رڙيون رڳو ايم ڪيو ايم پئي ڪندي آهي. اتي اسان تنقيد نام نهاد پنهنجن تي ڪرڻ بجاءِ خاموش هوندا آهيون.

    هاڻي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اسيمبليءَ ۾ اهڙي قرارداد پيش ڪرڻ جي تياريءَ ۾ آهي ته جتي صوبن جي ضرورت آهي اتي نوان صوبا جڙڻ گهرجن ته انهن کان ايترو ڪجه چوائڻ جا ذميوار به اسان آهيون. سباش چندر بوس، هٽلر سان ياري نڀائي ته انقلابي، ذوالفقار ڀٽو، ايوب خان کي بابو سڏي ڀٽائيءَ جي مزار تي دعوا ڪري ته ڀٽائي زنده هجي ها ته ون يونٽ جي حمايت ڪري ها. ساڳيو ڀٽو ٽيه هزار بلوچ مارائڻ ۾ ملوث هجي يا وري ٽيه لک بنگالين جي قتل عام وقت خاموش هجي انهن کي سورما سمجهي فوٽن کي ويٺا چمي ڏيون. قادر مگسي جي پارٽيءَ کي 1988ع ۾ استعمال ڪندي اڙدو آباديءَ جا ماڻهو حيدرآباد ۾ ڳولي ڳولي قتل ڪرايا وڃن ته ان کي به سمورا گناه معاف. پليجو پنهنجي پارٽي ختم ڪري وڃي اي اين پي (پٺاڻن) سان گڏجي انهن جي سنڌ ۾ آبادڪاريءَ لاءِ مدد ڪري ته اهو به ٿيو اسان جو بزرگ رهنما. جلال شاه جڏهن هڪ سيٽ جي بنياد تي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿئي ۽ اصل مالڪن کان سفارشون ڪرائي سنڌي ڪتابن ۽ پريسن تي پابندي هڻي يا پرايون زمينون ۽ پئٽرول پمپ ڦٻائي ته اسان ان اڳيان نچندا وتون. باقي ايم ڪيو ايم انهن سمورن جهڙيون بدمعاشيون ڪري ته گار جي ريه پئجي وڃي. او سنڌيو! اهڙا مڙس ماڻهو آهيو ته سمورن جون بدمعاشيون ظاهر ڪيو باقي سڀ ڪجه وساري رڳو ايم ڪيو ايم کي سموري فتني جو ذميوار قرار ڏيڻ منهنجي نظر ۾ هٿ سان اڙدو آباديءَ کي ڀت سان لڳائي سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي سازش جو انهن کان وڌيڪ ڪردار اوهان جو هوندو. شل خدا ڪري تاريخ مون کي غلط ثابت ڪري!
     
  2. ظفر

    ظفر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

    واه ادا سائن حق جي ڳاله ڪئ اٿئ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

    ڳالهه ته ڪيتري حد تائين سهي ڪيل آهي ته اسين پاڻ ئي اردو ڳالهيندڙ آباديءَ کي ڀت سان لڳائي، ڇا ٿا ڪرڻ چاهيون ۽ کين ڪهڙي طرف ڌڪي رهيا آهيون ... ؟ سڀ کان پهريان ته اسانکي تاريخي ڪيل غلطيءَ کي سڌارڻ لئه مٿا ٽيڪي ويهڻو پوندو ... ۽ سنڌي قوم کي اردو ڳالهائيندڙ لئه هڪ اهڙي پاليسي ٺاهڻي پوندي جنهن سان نانگ به مري لٺ به بچي ... باقي گهوڙا گهوڙا ڪرڻ سان ڪجهه ڪون ورندو ...

    ان موضوع تي آ اڳ به ڪافي ڪجه لکندو رهيو آهيان ۔۔۔۔ اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هندستان کان آيل ڪروڙن ماڻهن جو انبوهه هن وقت سنڌ جا ڊوميسائيل، سنڌ جا شناختي ڪارڊ ۽ سنڌ جا پاسپورٽ پاڻ وٽ رکنٿا، سنڌ جي شهرن ۾ جائدادون، سنڌ جي شهرن ۾ ملڪيتون، سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪاروبار ڪري رهيا آهن، سنڌ جي سياست ۾ تمام وڏي حيثيت رکنٿا ۔۔۔ سنڌ اسيمبلي ۾ ايتري حيثيت اختيار ڪري ويا آهن جو هاڻ پ پ پ جهڙي پارٽي به ان جي مدد کانسوا حڪومت هلائڻ کان لنوائي ٿي ۔۔۔

    هاڻ جيڪڏهن قومپرست پارٽيون يا نام نهاد سنڌ پرست پارٽيون انهن جي خلاف ٿي ڪري سنڌين کي قومي جذبا جاڳائي مهاجرن سان ويڙهائيندا ته انجو نتيجو ڇا نڪرندو ۔۔۔؟؟؟

    1۔ ڇا هندستان کان آيل سنڌ ڇڏي هليا ويندا؟
    2۔ ڇا ڊڄي چپ ٿي سمهي رهندا؟
    3۔ ڇا هو پاڻکي سنڌي سڏائي سنڌين ۾ کير کنڊ ٿي ويندا؟

    انڪري اسان سنڌين (وفاق پرست يا قومپرستن) کي هڪ هنڌ ويهي مدبرانه ۽ حقيقت پسندانه فيصلو ڪرڻو پوندو ته جيئن موجوده وقت جي حالتن کي منهن ڏئي سگهجي ۔۔۔

    عقلمندي سان ڪيل فيصلي سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا ۔۔۔ بشرطيق سچائي سان اهي فيصلا ڪيا وڃن۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

    سائين ستر سالن کا سنڌ ۾ رھنڌڙ سنڌي ٻولي کي پنھنجو ڪرڻ لا تيار ناھن پٺاڻ ٻه مھينه سنڌ ۾ رھن ٿا ته سنڌي سکي ٿا وڃن انھن ته ڪيئن اعتبار ڪيون اسان ڏنگيل آھيون
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

    مٿان وري آيو نوس ڪندڙ ڪتي نما انسان ذوالفقار مـرز

    مٿين سٽ کان اڳتي مان ڪالم ڪونه پڙهيو آهي۔

    ڇو ته اهڙو ليک جنهن ۾ تذليل ۽ اخلاق کان ڪريل لفظ استعمال ٿيل هجن، اهو سنڌ سلامت تي سونهين ئي ڪونه ٿو۔ مان اهڙي ليک جي شديد مذمت ڪيان ٿو ۽ انتظاميه سان گڏ سنڌ سلامت جي ميمبرن کي عرض ڪندس ته ليک لکڻ وقت يا شيئر ڪرڻ وقت اخلاقي حدن کي نه اورانگهيو۔ ڇو ته اوهان جا اهڙا استعمال ڪيل لفظ پوء اسان جي خلاف به استعمال ٿي سگهن ٿا۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

    آءُ ادي سليمان جي ڳالهه سان متفق ٿيندي سنڌ سلامت تي ليک موڪليندڙ سڀني رڪنن کي عرض ڪندس ته هو ليک موڪلڻ وقت اهو خيال رکن ته سنڌ سلامت سڀني سنڌين جي ترجماني ڪري ٿي، ان ۾ هر هڪ جو موقف پيش ڪيو وڃي ٿو، ۽ هرهڪ پارٽيءَ يا نظريي جو ماڻهون گهمڻ اچي ٿو، انڪري ڪنهن به گروهه يا پارٽيءَ خلاف اخلاق کان ڪريل زبان استعمال ٿيل هوندي ته ان ليک کي ختم ڪيو ويندو ۔۔۔ بنا ڪنهن ٻڌائڻ جي ۔۔۔

    مون هن ليک ۾ ڪجهه اهڙا لفظ جيڪي هن فورم جي پاليسيءَ سان ٽهڪندڙ نه آهن، ختم ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔ ۽ انهن لفظن جي ڪڍي ڇڏڻ کانپوءِ ليک ان قابل ضرور آهي ته ان تي بحث ٿي سگهي ۽ فڪري رسائي حاصل ڪري سگهي ۔۔۔

    لک ٿورا دوستن جا ۽ خاص ڪري محترم سليمان وساڻ جا جنهن هن ليک ۾ موجود غير اهم لفظن ۽ پاليسي مخالف لفظن کان آگاهه ڪيو ۔۔۔

    دوستن کي هڪ دفعو ٻيهر عرض ته هو اخلاقي معيار ڪرڻ نه ڏيندا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

    سائين بلڪل تمام ڪريل لفظ استعمال ٿيل آھن شايد نثار صاحب جي انھن لفظ تي نظر ڪون پيئي آھي ھجڻ ته ائين کپي ايم ڪيو ايم سان وابسته ڪو به مضمون فورم ۾ شيئر نه ڪيو وڃي
     
  8. Nadeem Dahar

    Nadeem Dahar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 نومبر 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌي ميڊيا جو ايڊيٽر
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

    اسلام عليڪم پيارا ڀائرو
    ادا نثار صاحب ڪراچي شهر ۾ اسان به رهون ٿا ۽ ميڊيا سانئي واسطو آهي، سو اسان کي به ڪجه نه ڪجه ڪا خبر هوندي ته ايم ڪيو ايم ڇا آهي، ۽ ان جي ڇا اصليت آهي، رهي ڳالهه ان پارٽي جي ساٿ جي ته ادا اها پارٽي الله اوهان کي نصيب ڪري۔
    اگر مون اهان جي دل آّزاري ڪئي هجي ته ان لا آ معافي ٿو گهران۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟


    ادا ايم ڪيو ايم تي لکيل ليک ڇونه ونڊ ڪيو وڃي؟
    ٻئي ڳالھ ته ادا مان ڪو مھاجر يا ايم ڪيو ايم جو ميمبر نه آھيان۔
     
  10. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

    [PDF]ظفر سنڌي جو تحرير ٿيل ڪالم پڙهڻ کان پوءِ انتهائي افسوس ٿيو آهي ته ادي کي اهڙي زبان استعمال نه ڪرڻ گهربي هئي، اسان آئي ڏينهن پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين سياسي پارٽين تي تنقيدي ڪالم لکندا رهندا آهيون پر ڪڏهن به ڪنهنجي خلاف اهڙي قسم جي زبان درازي ناهي ڪئي، پاڪستان ۾ سڀئي پارٽيون قابل احترام آهن پر سياسي اٿل پٿل سبب پارٽين تي ڇتي تنقيد ٿيندي رهي ٿي. ايم ڪيو ايم به هڪ سياسي پارٽي آهي جنهن تي جيڪا تنقيد ٿئي ٿي ان ۾ ضرور ڪاصداقت آهي پر ان جو هرگذ مطلب ناهي ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي اهڙي جماعت آهي جنهن ڪو به اهڙو غلط عمل ناهي ڪيو جنهن تي تنقيد نه ڪئي وڃي. پر هر تنقيد اخلاق جي دائري کان ٻاهر نه هئڻ گهرجي، ايم ڪيو ايم جيڪي سنڌي عوام سان ذيادتيون ڪيون آهن ان جو تمام وڏو داستان آهي جنهن جا چٽا ثبوت موجود آهن پر هن وقت تحرير ڪرڻ مناسب ناهي. پاڻ هر پارٽي تي تنقيد ڪندا رهندا سين ۽ انهن جي باري ۾ لکندا رهندا سين ته جيئن عوام ملڪ جي سياسي صورتحال کان آگاهه رهي پوءِ ان ۾ ڪنهن کي ڪاوڙ لڳي ٿي ته ڀلي لڳي. هن ملڪ جا سڀئي سياستدان ڪنهن نه ڪنهن طرح سان عوام جو رت چوسيندا رهن ٿا انهن کي ظاهر ڪرڻ ليکڪن ڪو ڪم آهي، دعاجو طلبگار۔[/PDF]
     
  11. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سڀ گناھ ڇو ايم ڪيو ايم جي کيسي ۾ آھن؟

    ظفر سنڌي جو تحرير ٿيل ڪالم پڙهڻ کان پوءِ انتهائي افسوس ٿيو آهي ته ادي کي اهڙي زبان استعمال نه ڪرڻ گهربي هئي، اسان آئي ڏينهن پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين سياسي پارٽين تي تنقيدي ڪالم لکندا رهندا آهيون پر ڪڏهن به ڪنهنجي خلاف اهڙي قسم جي زبان درازي ناهي ڪئي، پاڪستان ۾ سڀئي پارٽيون قابل احترام آهن پر سياسي اٿل پٿل سبب پارٽين تي ڇتي تنقيد ٿيندي رهي ٿي. ايم ڪيو ايم به هڪ سياسي پارٽي آهي جنهن تي جيڪا تنقيد ٿئي ٿي ان ۾ ضرور ڪاصداقت آهي پر ان جو هرگذ مطلب ناهي ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي اهڙي جماعت آهي جنهن ڪو به اهڙو غلط عمل ناهي ڪيو جنهن تي تنقيد نه ڪئي وڃي. پر هر تنقيد اخلاق جي دائري کان ٻاهر نه هئڻ گهرجي، ايم ڪيو ايم جيڪي سنڌي عوام سان ذيادتيون ڪيون آهن ان جو تمام وڏو داستان آهي جنهن جا چٽا ثبوت موجود آهن پر هن وقت تحرير ڪرڻ مناسب ناهي. پاڻ هر پارٽي تي تنقيد ڪندا رهندا سين ۽ انهن جي باري ۾ لکندا رهندا سين ته جيئن عوام ملڪ جي سياسي صورتحال کان آگاهه رهي پوءِ ان ۾ ڪنهن کي ڪاوڙ لڳي ٿي ته ڀلي لڳي. هن ملڪ جا سڀئي سياستدان ڪنهن نه ڪنهن طرح سان عوام جو رت چوسيندا رهن ٿا انهن کي ظاهر ڪرڻ ليکڪن ڪو ڪم آهي. دعا جو طلبگار۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو