عبدالعزيز سمون
سينيئر رڪن
هي ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي
هي سائي جيپ وڏيرن جي
مان باغي هان سو باه ڏئي
ٿو ڪريان سڃ لٽيرن جي
هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا
هت توکي تياري نيرن جي
اڄ دنيا ڏسندي ڪيئن ٿيندي آ
جهڙپ بکايل شيرن جي
مان باغي هان، مان باغي هان
هت ڀونڪ ڪتي جي ڪانه ٻجهي
هت وڏا واڪا ڪڪڙن جا
هي بنگلو آهي رئيسن جو
جت ڌوڙيا آهن ڌڪڙن جا
هت گاه نه آ گابي کي
هت چارا آهن ڪڪڙن جا
هو هاري جو هڪ ديرو آ
جت مارا آهن مڪڙن جا
مان باغي هان، مان باغي هان
هي مفت جون مانيون ملان جون
جو اوڙو پاڙو آڻي ٿو
سي کائي کائي خوش ٿئي ٿو
۽ مفت ۾ موجون ماڙي ٿو
پو ٽڻ مڻ ٽڻ مڻ تسبيح تي
ٻي ڪانه وائي ڪا ڄاڻي ٿو
هي ڪافر آ، هو ڪافر آ
تند اهائي تاڻي ٿو
مان باغي هان، مان باغي هان
تون ماڻهو ماري مرڪين ٿو
مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيان ٿو
تون لاشن تي ٿو ڏند ڪڍين
مان لڙڪ انهي تي لاڙيان ٿو
مان انسانيت جو درس ڏئي
ڏس قول اڳوڻو پاڙيان ٿو
مان سوري تي نه سچ چئي
اڄ تنهنجو اندر ساڙيان ٿو
مان باغي هان، مان باغي هان
مان ڪوڙ ٻڌڻ کان ڪيٻايان
تو سچ بڌڻ کان ڇرڪين ٿو
مان ڪوڙ ٻڌڻ تي ڪاوڙجان
مان سچ چوان تون ڪرڪين ٿو
تون عيش ڪرين ٿو رئيس وڏا
۽ پنهنجي فتح تي مرڪين ٿو
هي شيشي منجهه شراب اٿئي
يا رت ڪنهن جو سرڪين ٿو
مان باغي هان، مان باغي هان
جي دل ۾ تنهنجي ڪلفت آ
مون کي توکان نفرت آ
جي دين اوهان جو دولت آ
تا مذهب منهنجو محبت آ
تون انسانيت جو ويري آن
۽ منهنجي توتي لعنت آ
هت ڌرتي تي گڏ رهڻو آ
تو سمجهي پنهنجي ملڪيت آ
مان باغي هان، مان باغي هان
مان شاعر آهيان مظلومن جو
تون ظالم جابر حاڪم آن
مان توکان جڏهن حق گهران
تون چئين تو مونکي ڪافر آن
هو فتويى ڏئي ٿو ڦاسي ڏينس
هو ڪانئر آ، تون آمر آن
تون مارڻ جو ٿو ڪارڻ ڏين
تون "راشد" باغي شاعر آن
۽ منهنجو بغاوت مذهب آ
مان باغي هان، مان باغي هان
هي سائي جيپ وڏيرن جي
مان باغي هان سو باه ڏئي
ٿو ڪريان سڃ لٽيرن جي
هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا
هت توکي تياري نيرن جي
اڄ دنيا ڏسندي ڪيئن ٿيندي آ
جهڙپ بکايل شيرن جي
مان باغي هان، مان باغي هان
هت ڀونڪ ڪتي جي ڪانه ٻجهي
هت وڏا واڪا ڪڪڙن جا
هي بنگلو آهي رئيسن جو
جت ڌوڙيا آهن ڌڪڙن جا
هت گاه نه آ گابي کي
هت چارا آهن ڪڪڙن جا
هو هاري جو هڪ ديرو آ
جت مارا آهن مڪڙن جا
مان باغي هان، مان باغي هان
هي مفت جون مانيون ملان جون
جو اوڙو پاڙو آڻي ٿو
سي کائي کائي خوش ٿئي ٿو
۽ مفت ۾ موجون ماڙي ٿو
پو ٽڻ مڻ ٽڻ مڻ تسبيح تي
ٻي ڪانه وائي ڪا ڄاڻي ٿو
هي ڪافر آ، هو ڪافر آ
تند اهائي تاڻي ٿو
مان باغي هان، مان باغي هان
تون ماڻهو ماري مرڪين ٿو
مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيان ٿو
تون لاشن تي ٿو ڏند ڪڍين
مان لڙڪ انهي تي لاڙيان ٿو
مان انسانيت جو درس ڏئي
ڏس قول اڳوڻو پاڙيان ٿو
مان سوري تي نه سچ چئي
اڄ تنهنجو اندر ساڙيان ٿو
مان باغي هان، مان باغي هان
مان ڪوڙ ٻڌڻ کان ڪيٻايان
تو سچ بڌڻ کان ڇرڪين ٿو
مان ڪوڙ ٻڌڻ تي ڪاوڙجان
مان سچ چوان تون ڪرڪين ٿو
تون عيش ڪرين ٿو رئيس وڏا
۽ پنهنجي فتح تي مرڪين ٿو
هي شيشي منجهه شراب اٿئي
يا رت ڪنهن جو سرڪين ٿو
مان باغي هان، مان باغي هان
جي دل ۾ تنهنجي ڪلفت آ
مون کي توکان نفرت آ
جي دين اوهان جو دولت آ
تا مذهب منهنجو محبت آ
تون انسانيت جو ويري آن
۽ منهنجي توتي لعنت آ
هت ڌرتي تي گڏ رهڻو آ
تو سمجهي پنهنجي ملڪيت آ
مان باغي هان، مان باغي هان
مان شاعر آهيان مظلومن جو
تون ظالم جابر حاڪم آن
مان توکان جڏهن حق گهران
تون چئين تو مونکي ڪافر آن
هو فتويى ڏئي ٿو ڦاسي ڏينس
هو ڪانئر آ، تون آمر آن
تون مارڻ جو ٿو ڪارڻ ڏين
تون "راشد" باغي شاعر آن
۽ منهنجو بغاوت مذهب آ
مان باغي هان، مان باغي هان