• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوئيٽا ۾ ٻن ڏينهن کان پوندڙ برفباري سبب سڄي سنڌ ۾ سخت سيء جي لهر

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
qs4ocz.jpg

جنوري مهينو جيڪو سنڌ ۾ سخت سيء سبب گهڻو مشهور هوندو آهي پر ڪجهه ڏينهن کان ان سيء جي لهر ۾ سڄي سنڌ وانگر ڪراچي به سخت متاثر ٿيو آهي۔ ڪوئيٽا ۽ قلات ۾ ٽن ڏينهن کان پوندڙ برفباري سبب بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ درجه حرارت ڪاٽو 16 ڊگري تائين پهتو آهي۔

اهوئي سبب آهي جو سڄي سنڌ به سيء ۽ يخ ٿڌين هوائن جي گهيري ۾ آهي۔ اڄ صبح به آفيس لاء تيار ٿيندي شديد سيء جو احساس ٿيو پئي۔ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن جاگرافيڪل تبديلين سبب هن دفعي سيء جي موسم فيبروري جي آخر تائين برقرار رهڻ جو خدشو آهي۔

جواب: ڪوئيٽا ۾ ٻن ڏينهن کان پوندڙ برفباري سبب سڄي سنڌ ۾ سخت سيء جي لهر

اڙي يار سليمان! سيءُ ته هت مڪي ۾ به اڄڪلهه محسوس ٿيڻ لڳو آهي، گذريل 15 سالن ۾ ڪڏهن ايتري ٿڌ محسوس ڪون ٿي آهي، گذريل ڏينهن ۾ رات جو گرمي پد 15 سينٽي گريڊ هيو ۔۔۔ مڪي جي حساب سان اها ٿڌ سڏبي ۔۔۔

باقي ڪوئٽه جي آبهوا جو اثر سنڌ تي جلد پوندو آهي، جئين جئين مٿين پهاڙي علائقن جو موسمي ماحول بدلبو آهي ته هيٺين علائقن تائين به انجا اثر پوندا آهن ۔۔۔

ٻي ڳالهه ته اڄڪلهه فيسبڪ تان دوستن جي اندازن مان به خبر پئجي ويندي آهي ته موسم ڪئين آهي۔ مثال ڪجهه ڏينهن اسانجي هڪ محترمه فيسبڪ تي هڪ جملو لکيو هو ۔۔۔۔۔

.......... Karachi coooool coooool .............

سو پاڻ کي به خبر پئجي وئي ته موسم ڪهڙي هوندي ۔۔۔!!!!

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”ڪنهن کي واڱڻ وائي ته ڪنهن کي بصر بادي“ ڪن ماڻهن کي ٿڌ جي موسم تمام سٺي لڳندي آهي ته ڪنهن کي وري ٿڌ جي ۔۔۔ پر مونکي هر موسم سٺي لڳندي آهي، رشيد سمي چواڻي ” پيار جي موسم ۔۔۔“

رب سنڌ واسين تي هر موسم جون رحمتون قائم ڪري ۔۔۔ آمين
 
ڪنهن جاگرافيڪل تبديلين سبب هن دفعي سيء جي موسم فيبروري جي آخر تائين برقرار رهڻ جو خدشو آهي۔

نه رڳو اهو پر ادا ٻڌون پيا ته هن دفعي يورپ ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ سيءُ گهٽ آهي۔ ۽ چون پيا ته اهو سلسلو هلندو رهندو۔ هاڻي اسان جي ملڪن ۾ اهي موسمون اينديون جيڪي يورپ صدين کان ڏسندو اچي۔
 
جواب: ڪوئيٽا ۾ ٻن ڏينهن کان پوندڙ برفباري سبب سڄي سنڌ ۾ سخت سيء جي لهر

نه رڳو اهو پر ادا ٻڌون پيا ته هن دفعي يورپ ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ سيءُ گهٽ آهي۔ ۽ چون پيا ته اهو سلسلو هلندو رهندو۔ هاڻي اسان جي ملڪن ۾ اهي موسمون اينديون جيڪي يورپ صدين کان ڏسندو اچي۔

اها عجيب ڳالهه چئبي۔ جي اهڙو سيء پوڻ شروع ٿيو ته پوء هتي ڪراچي ۾ ڪاٺين جو ڪو بلو ڪري مچ ڪچهرين جو انتظام به ڪنداسين۔ پر مان نه ٿو سمجهان ته اهڙيون تبديليون ايڏو جلدي اينديون۔

پر منهنجو خيال آهي ته جهڙِ طرح گهڻي ٿڌ پئجي رهي آهي اهڙي طرح سخت گرميون پڻ ٿينديون۔ وڌيڪ ته رب ٿو ڄاڻي۔
 
جواب: ڪوئيٽا ۾ ٻن ڏينهن کان پوندڙ برفباري سبب سڄي سنڌ ۾ سخت سيء جي لهر

اڙي يار سليمان! سيءُ ته هت مڪي ۾ به اڄڪلهه محسوس ٿيڻ لڳو آهي، گذريل 15 سالن ۾ ڪڏهن ايتري ٿڌ محسوس ڪون ٿي آهي، گذريل ڏينهن ۾ رات جو گرمي پد 15 سينٽي گريڊ هيو ۔۔۔ مڪي جي حساب سان اها ٿڌ سڏبي ۔۔۔

باقي ڪوئٽه جي آبهوا جو اثر سنڌ تي جلد پوندو آهي، جئين جئين مٿين پهاڙي علائقن جو موسمي ماحول بدلبو آهي ته هيٺين علائقن تائين به انجا اثر پوندا آهن ۔۔۔

ٻي ڳالهه ته اڄڪلهه فيسبڪ تان دوستن جي اندازن مان به خبر پئجي ويندي آهي ته موسم ڪئين آهي۔ مثال ڪجهه ڏينهن اسانجي هڪ محترمه فيسبڪ تي هڪ جملو لکيو هو ۔۔۔۔۔

.......... Karachi coooool coooool .............

سو پاڻ کي به خبر پئجي وئي ته موسم ڪهڙي هوندي ۔۔۔!!!!

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”ڪنهن کي واڱڻ وائي ته ڪنهن کي بصر بادي“ ڪن ماڻهن کي ٿڌ جي موسم تمام سٺي لڳندي آهي ته ڪنهن کي وري ٿڌ جي ۔۔۔ پر مونکي هر موسم سٺي لڳندي آهي، رشيد سمي چواڻي ” پيار جي موسم ۔۔۔“

رب سنڌ واسين تي هر موسم جون رحمتون قائم ڪري ۔۔۔ آمين

واهه سائين واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مطلب ته اها پنجين موسم پيار جي ئي آهي جيڪا سڄو سال هلي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خوبصورت ۽ شاعراڻه خيال آهن سائين نثار ابڙو صاحب جن جا۔
 
جواب: ڪوئيٽا ۾ ٻن ڏينهن کان پوندڙ برفباري سبب سڄي سنڌ ۾ سخت سيء جي لهر

ادا ھتي سکر ۾ به ڏاڍو سي آھي
 
بلڪل سکر ۽ خيرپور ۾ به سخت سيء آهي۔

منهنجي هر روز پنهنجي ڳوٺ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي۔ هن دفعي ٿڌ جي موسم ڪجهه ڊگهو هلي آهي۔
 
Back
Top