جاويد نواز
سينيئر رڪن
منهنجي اُستاد مرحوم اُستاد پيرل قمبر جي ڪتاب سجدو اُداس آ مان هڪ حمد اوهان سڄڻڻ سان شيئر ڪجي ٿي
الله ته اهڙو ڏيندڙ آ نڪي دان کُٽي نڪي نان کُٽي
سو سال حياتي انسان جي پر ان جو نه ٿو احسان کُٽي
انسان کي آخر ڏئي ڏئي ڀي آخر ٿو مٺا انسان کُٽي
مالڪ جي خزاني جو ليڪن صدين ۾ نٿو سامان کُٽي
هن اهڙي پر جي پالڻ ۾ سردار کُٽي سلطان کُٽي
پر ميزبان اهڙو آ مولا نٿو ماني سانگي مهمان کُٽي
ڪو شاھ کُٽي پيئنار کُٽي ڪو داتا کُٽي دربان کُٽي
ويا ونڊ ڪروڙ وليؤ وٺي نٿو قدرت ۾ قُرآن کُٽي
حيدر نه لڙي ها جي حق لئي ڪاٿي ها ايڏو ڪفران کُٽي
هڪ قلمي لئي ابوجهل جو ڏس ڪاٿي ٿو اچي ايمان کُٽي
هٿ آهي شفا ڀي شافي جي لوچڻ ۾ ائين لُقمان کُٽي
هن نفس نڀاڳي گندي جو نٿو گوڙ کُٽي گمسان کُٽي
انسان جي کُٽي ٿي عمر پوي پر ان جو نٿو ارمان کُٽي
ڪٿي ٿو پوي داناءُ کُٽي ڪٿ نقطو نٿو نادان کُٽي
ٿو تير ڪمان مان نڪري کُٽي نظرن جو نٿو نشان کُٽي
ميدان کُٽن ٿا ٻيا پيرل محبت جو نٿو ميدان کُٽي
مرحوم اُستاد پيرل قمبر