اندر جي صفائي۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    نئون شادي شده جوڙو هڪ نئين فليٽ ۾ منتقل ٿيو۔۔ هڪ ڏينهن صبح جو ناشتو ڪندي ڪنوار ڏٺو ته پاڙي واري عورت بالڪني ۾ ڪپڙا سڪائڻ لاءِ ٽنگي رهي هئي۔۔۔ جنهن کي ڏسندي هن چيو۔۔ ”لڳي ٿو پاڙي واري مائي کي ڪپڙا ڌوئڻ نه ٿا ڏانءُ اچن۔۔۔ مون کي ته اهي ڪپڙا اڃان به ميرا ٿا لڳن۔۔“
    ڪنوار جي اشاري تي گهوٽ به ٻاهر ڏٺو۔۔۔ ڪنوار وڌيڪ چيو۔۔ ”لڳي ٿو کيس ڪو سريلو صرف ڪونهي يا وري صابڻ سان ڪپڙا ڌوئڻ کيس اچن ڪونه ٿا۔۔۔“
    مڙس وري به خاموش رهيو۔۔۔ پر اهو هر دفعي جو معمول ٿيڻ لڳو۔۔ جڏهن به پاڙي واري عورت ڪپڙا سڪائڻ لاءِ بالڪني ۾ لٽڪائي ڪنوار ساڳيا لفظ ورجائي۔۔
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪنوار حيران ٿي وئي جڏهن هن پاڙي واري عورت کي صاف سٺا ۽ جرڪندڙ ڪپڙا بالڪني ۾ سڪائڻ لاءِ رکندي ڏٺا۔۔۔ ”لڳي ٿو هاڻي هوءَ ڪپڙا ڌوئڻ سکي وئي آهي۔۔۔ مان حيران آهيان ته ڪپڙا ڪيترا نه صاف ڌوتا اٿائين۔۔۔“
    گهوٽ چيو۔۔۔ ”اڄ صبح مان سوير اٿيس ته پاڙي واري بالڪني طرف واري دري جا ميرا شيشا ڌوئي صاف ڪري ورتا اٿم۔۔۔“

    سبق: اها اسان جي اندر جي صفائي ئي آهي جيڪا ٻين کي ڏسندي نظر ايندي آهي۔۔ جيترو اندر صاف هوندو اوترو ٻيا به صاف نظر ايندا۔۔۔ ٻين جي براين ۽ خامين کي ڳولڻ ڪيترو نه سولو هوندو آهي ۔۔ پر ڪڏهن به پنهنجي اندر جو مَير نظر نه ايندو آهي۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اندر جي صفائي۔۔

    اهائي ته اسان جي بد نصيبي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان پاڻ کي نه ٿا ڏسون نه وري اندر ۾ جهاتي ٿا پايون۔

    اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو