بهترين سبق

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪلاس روم ۾ خاموشي ڇانيل هئي ۔۔ شاگردن جي نظر ڪڏهن استاد ڏانهن ته ڪڏهن بورڊ ڏانهن ٿي وئي۔۔ استاد جي سوال جو جواب ڪنهن وٽ به نه هو۔۔ سوال هيو ئي اهڙو۔۔۔ بس استاد ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ بنا بورڊ تي چاڪ سان هڪ مٿان کان هيٺ ليڪ ڪڍي ورتي۔۔ ۽ پوءِ شاگرد ڏانهن مهڙ ڪري پڇيائين۔۔۔ ”توهان مان ڪير آ جيڪو هن ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ڪري ڏيکاري۔۔۔۔؟“
    ”اهو ناممڪن آهي۔۔۔“ آخر ڪار ڪلاس جي سڀ کان قابل ۽ مانيٽر شاگر طفيل اٿي بيهي چيو۔۔۔ ”ليڪي کي ننڍو ڪرڻ لاءِ ان کي مٽائڻو پوندو۔۔۔ جڏهن ته توهان ان ليڪي کي ڇهڻ کان به روڪيو ٿا۔۔۔“
    طفيل جي جواب جي سڀني شاگردن تائيد ڪئي۔۔۔ استاد هڪ گهري نظر ڪلاس تي وڌي ۽ ڪجهه چوڻ کانسواءِ ئي بورڊ تي موجود ليڪي ڀرسان هڪ ٻيو ليڪو ڪڍيو۔۔ پر هي ليڪو پهرين ليڪي کان وڏو هو۔۔۔ ۽ سڀني شاگردن ڏسي ورتو ته ڪهڙي طرح استاد پهرين ليڪي کي ڇهڻ بنا ننڍو ثابت ڪري ورتو۔۔۔

    ٻين کي نقصان ڏيڻ بنا۔۔۔ انهن کي بدنام ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان حسد ڪرڻ بنا۔۔۔ انهن سان الجهڻ بنا۔۔۔ انهن کان اڳتي نڪرڻ جو هنر چند سيڪنڊن ۾ سکي شاگردن بهترين سبق حاصل ڪري ورتو۔۔۔
    انسان کي رب پاڪ جن فطرتن سان پيدا ڪيو آهي۔۔ انهن مان هڪ ٻين کان اڳتي نڪرڻ به آهي۔۔ ۽ ائين ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته ۔۔ ٻين کي ننڍو ڪجي ۔۔۔ پر ائين ڪرڻ سان انسان پاڻ وڏو نه ٿو ٿي وڃي۔۔۔
    ٻيو طريقو اهو آهي ته ٻين سان الجهڻ بنا پاڻ کي مضبوط، طاقتور ۽ وڏو بنائڻ تي توجه ڏجي۔۔۔ اهڙي صورت ۾ ٻيا توهان کان ننڍا ٿي ويندا۔۔ پر اصل ڳالهه اها آهي ته اهڙي عمل ۾ انسان پاڻ وڏو ٿي ويندو آهي۔۔ ٻين سان الجهڻ بنا اڳتي وڌڻ دنيا ۾ ترقي جو اصل طريقو آهي۔۔ ۽ اهو ئي طريقو هر ماڻهون يا قوم لاءِ اصل طريقو آهي۔۔۔

    شال جتي به رهو ٻين لاءِ آزار نه پر باعثِ رحمت بڻجي رهو۔۔
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: بهترين سبق

    ادا رشيد سمون صاحب اسلام عليڪم۔توهان جي مختصر ڪهاڻي سمجھ وارن لاء پنهنجي اندر تمام وڏو پيغام ٿي رکي۔تواهان جي سٺي نموني سمجهاڻي ان ڪهاڻي ۾ پوشِده پيغام کي چٽو ڪيو آهي۔بيشڪ اسان کي ٻين جي بلندي تي حسد ڪرڻ جي بدران پاڻ کي ان قابل ڪجي جو هر ماڻهون ان منزل کي حاصل ڪرڻ لاء اسان جي تلقيد ڪري۔بهترين ليک ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا لک لائق۔مهرباني ادا۔ 
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بهترين سبق

    ادا رشيد مهربانيون

    انسان جيڪڏهن سوچي ته ننڍڙيوپن ڳالهيون به اسان لاء گهڻو ڪجهه آهن۔ پر يار افسوسو جو اڄڪلهه انسان کي ان جي انا مارائي وڌو آهي۔ اهوئي سبب آهي جو انسان نقصان ۾ آهي، خساري ۾ آهي۔

    اوهان جو مختصر پر نصيحت ڀريو ليک آهي۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بهترين سبق

    بهترين سائين

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بهترين سبق

    يار رشيد هاڻ اوهانجا ترجما تمام سهڻي ٻولي ۾ ۽ پرڪشش سبق آموز ڪهاڻين ۾ ملي رهيا آهن ۔۔۔ هي ننڍڙو ۽ عام رواجي مثال ڪيڏي نه وڏي معني رکي ٿو پنهنجي اندر ۔۔۔ واه واه اصل لاجواب ڪري ڇڏيو ان مثال ۔۔۔ بيشڪ اسانکي ٻين کي هيٺ ڪيرائي پاڻ کي وڏو ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي بلڪ پاڻ کي وڏو ڪجي، پاڻ کي سٺو ڪجي، پاڻ کي سنواري سينگاري اهڙو ته انسان بڻائجي جو ماڻهون مثال ڏين ۔۔۔

    واه واه ٿي وئي ۔۔۔ دل خوش ٿي وئي

    شال جڙيا هجو ۔۔۔ سدا سلامت هجو
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بهترين سبق

    بهترين سبق لاجواب سائين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو