• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رزق جو وعدو۔

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
الله سبحان التعالئ رزق جو وعده سڀني سان ڪيو آهي پر بخشش جو وعده سڀني سان نه ڪيو آهي۔پو ڇو ماڻهو رزق جي لاء پريشان آهن ۽ مغفرت جي لاء بي فڪر؟
الله سائين هميشه پنهنجو وعدو پاڙيندا آهن۔ ان ڳاله تي سنجيدگي سان غور ڪيو ۽ الله پاڪ کان هميشه مغفرت جي دعا گهرندا ڪيو۔
الله سائين شل اسان کي آخرت جي فڪر نصيب ڪري۔


پاڪ رکو : : :: جسم ، لباس ۽ خيالات۔
قابو ۾ رکو : : :: زبان ، نفس ۽ ڪاوڙ۔
ياد رکو : : :: موت ،احسان ۽ نصحيت۔
برداشت نه ڪيو : : :: ناحق، ڪوڙ ۽ فاحشِي۔
حاصل ڪيو : : :: علم ، دعا ۽ اعتماد ۔
ضايع نه ڪيو : : :: صلاحيت،موقع ۽ دوست۔
ڪڏهن نه ٽوڙيو : : :: دل ، عهد ۽ قانون ۔
ننڍو نه سمجهو : : :: قرض ، مرض ۽ فرض۔
هڪ دفعو ملندا آهن :: والدين ،وقت ۽ وجاهت۔
ذليل ڪندي آهي : :: چوري،چغلي ۽ چاپلوسي۔
ڌيان سان کڻو : : ::  قدم ، قلم ۽ قسم۔
پابندي سان پڙهندا رهو: نماز ، قران ۽ درود پاڪ۔
 
جواب: رزق جو وعدو۔

سائين مهرباني

تمام سٺيون ۽ فائدي واريون ڳالهيون ونڊ ڪيون آهن اوهان۔ انسان رب جي ڏنل نعمتن جو جيڪڏهن صحيح استعمال ڪري ۽ رب جي پاران منع ڪيل ڳالهين کان باز رهي ته جيڪر زندگي خوبصورت ٿي پوي۔

لک ٿورا اهڙي پياري ليک ونڊ ڪرڻ لاء۔
 
جواب: رزق جو وعدو۔

ماشا الله تما م بهترين ونڊ ڪيو اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

بيشڪ الله سائين رزق جو وعدو سڀني سان ڪيو آهي ء سڀني کي رزق به ڏئي ٿو
 
Back
Top