• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرحوم اُستاد پيرل قمبر جن جي شاعري

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل

ڦاسڻ کان پوّءِ چوڻ جي فرصت نٿي ملي
مون کي جيئڻ مرڻ جي اجازت نٿي ملي

دنيا ڦري ڦري وري هت ٿو ڦري اچان
ٻي هنڌ ڪٿي ڪا ڪعبي جي سورت نٿي ملي

تو بُت جي بندگي ۾ جو محبوب آ مزو
مون کي نظر ۾ ٻي ڪا عبادت نٿي ملي

اي دل مان توکي چيري به ڪنهن وٽ کڻي هلان
اڄ ڪلھ ته هڪ به قطري جي قيمت نٿي ملي

مومل جو جتي محل ۽ سومل جو سحر آ
ان ديس ۾ سسي ڪا سلامت نٿي ملي

رب العزت هي تنهنجو ڀلا ڇاهي فيصلو
دوزخ نٿو ملي ڪنهنکي جنت نٿي ملي

گوڏن ۾ ڊرڀ ڄمي ويا داهون ڪري پيرل
سائل کي اڃان سر جي سخاوت نٿي ملي

مرحوم اُستاد پيرل قمبر
 
جواب: مرحوم اُستاد پيرل قمبر جن جي شاعري

گوڏن ۾ ڊرڀ ڄمي ويا داهون ڪري پيرل
سائل کي اڃان سر جي سخاوت نٿي ملي۔

واه واه ۔۔۔ استاد جي شاعري به غضب جي آهي ۔۔۔ ڪو ٻيجل جهڙو سائل هجي ۽ را ڏياڄ جهڙو عاشق ته سر جي سخاوت ٿي ويندي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: مرحوم اُستاد پيرل قمبر جن جي شاعري

دنيا ڦري ڦري وري هت ٿو ڦري اچان
ٻي هنڌ ڪٿي ڪا ڪعبي جي سورت نٿي ملي


ادا استاد پيرل جي بھترين شاعري جي چونڊ ڪري ونڊڻ جي مھرباني
 
جواب: مرحوم اُستاد پيرل قمبر جن جي شاعري

اي دل مان توکي چيري به ڪنهن وٽ کڻي هلان
اڄ ڪلھ ته هڪ به قطري جي قيمت نٿي ملي


تمام خوبصورت سٽون آهن۔ اوهان جو لاجواب ونڊ
 
جواب: مرحوم اُستاد پيرل قمبر جن جي شاعري

وا ه واه واه لاجواب استاد پيرل جي شاعري ته ڏاڍي غذب جي آهي

تو بُت جي بندگي ۾ جو محبوب آ مزو
مون کي نظر ۾ ٻي ڪا عبادت نٿي ملي
 
Back
Top