دوستو هتي مان توهان سان هڪ دلچسپ تصوير ونڊي رهيو آهيان۔۔۔ جيڪا انهن شاگردن لاءِ معلومات جو خزانو ثابت ٿيندي جيڪي تاريخ ۽ بايوگرافي ۾ دلچسپي رکندا هجن۔۔ ٿورو تصوير ڏانهن ڏسو۔۔۔ هي تصوير چائنا جي ٻن آرٽسٽن Dai Dudu Li Tiezi ۽ Zhang An 2006 ۾ هڪ ڪينوز تي تيار ڪئي هئي۔۔ هاڻي توهان سوچيندو هن تصوير جي آخر خاص ڳالهه يا معلومات جو خزانو هجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي۔۔ دوستو گهٻرايو نه۔۔ اهو به ٻڌايان ٿو۔۔۔ ڪينوز تي تيار ڪيل هن لاجواب شاهڪار تصوير کي اڳتي هلي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو۔۔ ۽ هن ۾ جيڪا دلچسپ ڳالهه شامل ڪئي وئي اها هئي تصوير تي موجود هر شي کي مواد سان منسلڪ ڪرڻ۔۔ لڳي ٿو توهان ڳالهه نه سمجهي۔۔۔ ؟؟:crazy: اوهو۔۔ لڳي ٿو مون کي وڌيڪ وضاحت ڪرڻي پوندي۔۔۔ ته پوءِ مان جيڪڏهن ائين چوان ته هن تصوير جي هر ماڻهون ۽ هر شي تي جڏهن توهان مائوس جو ڪرسر رکو ته توهان ان شخصيت ۽ آئٽم بابت ڄاڻ حاصل ڪري وٺندو ۽ جيڪڏهن ان تي ڪلڪ ڪريو۔۔ ته ان بابت وسيع ۽ وضاحت سان ڀريل مواد ڄاڻي وٺندو۔۔ (مون کي يقين آهي ته هاڻي توهان ڳالهه سمجهي چڪا هوندو۔۔) دوستو هن دلچسپ تصوير جو مٿي مون صرف اسڪرين شاٽ ڏنو آهي۔۔۔ اصل تصوير ۽ مواد کي جانچڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: شاگردن لاءِ معلومات جو خزانو۔۔۔ اوهان هيٺ لنڪ کي wrap Quote ڪري بند ڪري ڇڏيو آهي ، جو مون وٽ اها لنڪ ڪون ٿي کلي ۔۔۔ خئير آ انکي ڪاپي پيسٽ ڪري کولي وٺندس ۽ هت سعودي عرب ۾ ان لنڪ تي شايد پابندي آهي انڪري ممنوعه لکجي ٿو اچي ۔۔۔ انجو علاج به آ وڃي گهر ڪري ان تصوير جي ماجرا ضرور جاچي ڏسندس ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ اوهان ڳالهه سهي طرح سمجهائي قرب ڪيا آهن۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: شاگردن لاءِ معلومات جو خزانو۔۔۔ سائين معاف ڪندا جو جلدي ۾ لنڪ ڪوڊ بجائي اقتباس ڪوڊ لڳائجي ويو هو۔۔ جنهن کي هاڻي درست ڪيو ويو آهي۔۔ سعودي عرب ۾ ان لنڪ کي لڪائڻ جو ٿي سگهي ٿو ڪو سبب هجي۔۔ ٿي سگهي ٿو ان ويب پيج تي ٻيا به اهڙا لنڪس موجود هجن جن کي اخلاق کان ڪريل سمجهيو ويندو هجي۔۔۔ پر جي ائين آهي به ته دوستن کي گهرجي ته پنهنجي اصل مقصد واري تصوير ڏانهن توجه ڏين جو رڳي ان کي سمجهندي سمجهندي ئي ڪلاڪ گذري ويندا۔۔۔
جواب: شاگردن لاءِ معلومات جو خزانو۔۔۔ يار اسان اوهان واري تصوير ئي کولي آهي جنهن ۾ هر شخصيت جو نالو پيو اچي۔ هي سڀ شخصيتون تمام گهڻو مشهور آهن۔ گهڻن جو ته مان صرف نالو ٻڌو هو يا تصوير جو خاڪو ذهن ۾ ڪونه هو۔ خير اوهان هميشه وانگر لاجواب شيئرنگ ڪئي آهي۔