ساٿيو اوهان جي مهرباني جو هڪ بهترين فورم سنڌين لا جوڙيو اٿو، اميد ته ماڻهن کي متحد رکڻ ۾ هي فورم پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو۔ اوهان جو نئون ساٿي فهد حسين ميمڻ
جواب: ساٿين کي سلام عرض سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهرائين سا ن ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان کي هتي پنهنجائپ ملندي
جواب: ساٿين کي سلام عرض پنهنجي قابل دوست محترم فهد ميمڻ صاحب جن کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔ دوستن کي آگاهي ڏيندو هلجي ته ادا فهد ميمڻ صاحب سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ بطور Software Developer پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن۔۔ سنڌي ٻولي لاءِ سندن ڪاوشون انتهائي شاندار آهن ۔۔۔ پاڻ مختلف پروجيڪٽس تي ڪم ڪندا رهيا آهن۔۔ تازو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تي انتهائي محنت جوڳو ۽ شاندار ڪم نڀايو اٿن۔۔ منهنجي ساڻن پهريون دفعو موبائيل فون تي ادا ابو واصف معرفت گفتگو ٿي ته مون کين انتهائي قابل ۽ سنڌي ٻولي تي جنون طور ڪم ڪندڙ پاتو۔۔ سندن هلندڙ پروجيڪٽ سنڌي ٽرانسليٽيشن تحت سنڌي اسڪرپٽ کي رومن سنڌي ۽ رومن سنڌي اسڪرپٽ کي سنڌي ۾ تبديل ڪرڻ آهي ۔۔ جيڪو هڪ ڪارائتو ۽ خاص طور انڊين سنڌين سان رابطي جو موئثر حل آهي۔۔۔ ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪندي کين اهڙا فونٽ ٺاهڻ جو خيال ذهن ۾ آيو آهي جنهن تحت ڪنهن به ٻولي کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ پڙهڻ جي قابل بڻائي سگهجي۔۔ سندن جو سنڌ سلامت تي اچڻ اسان لاءِ ڀلن ڀاڳن مثل آهي۔۔ دعا آهي ته سندن سمورا پروجيڪٽ ساڀيا ٿين ته جيئن سنڌ ڌرتي رهندڙ سمورا سنڌي لاڀائتا ٿي سگهن۔۔۔
جواب: ساٿين کي سلام عرض نهايت ئي قابل احترام دوست فهد ميمڻ صاحب جن کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي۔ اوهان جهڙن ڪمپيوٽر ۽ سافٽويئر جي ماهر دوستن جي موجودگي اسان لاء باعث فخر آهي۔ اوهان جي لکڻين ۽ خيالن سان گڏ اوهان جي راين ۽ صلاحن جا منتظر رهنداسين۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ساٿين کي سلام عرض ادا فهد صاحب اسان طرفان اوهان کي هن قومي اڱڻ تي خوش آمديد اميد ته اوهان جي علم کان بحره مند ٿيندا رهندا سين ۔ سائين رشيد صاحب کي به مبارڪون جو جوان جي سنڌ سان محبت ڪن ٿا تن کي هن فورم تي گڌ ڪري رهيو آهي ۔ اسان جڏهن به سائين رشيد صاحب سان مليا سون ته سندن اهو فرمان تمام پيارو لڳندو آهي ته هي فورم هاڻي رشي دسمون جي مليڪيت ناهي بلڪه هي فورم هاڻي قوم جي ملڪيت آهي ۔ سو سائي ميمڻ صاحب اوهان کي هن قومي اڱڻ تي اسان ڀليڪار ٿا چئون۔ وسلام