رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اهي چاهنائون
اهي تمنائون
اسان ۾ نه اڪري اينديون
ته ڪنهن ڏانهن وينديون
امنگون اميدون
هي ارمان سڀ
سڄا ساٿ سان ٿي
سڄاساب ساٿي
نه مايوسين آ مرڻو
آهي ڏينهن ٿيڻو
نه ديسي ٽٽل آ
نه ديسي ڀڳل آ
اهو ديس کي اڄ به ڪري پيو تنوارون
سڄا ساٿ ٿي جو ٿيون سڀ پڪارون
ته ٽٽي پوندا ٽانڪا ائين ڌار ڌارون...
اڃا تون ڏين پيو ان کي ميارون......
ڊگهي آ ته ڇاٿيو
هي هلچل هلي ٿي
ائين جيئن سنڌو
ڪڏهن سانت ساگر
وري ڪو جو ٿوکڻي اڇلائي پٿر
ڪئي سو لحرون لڙهي
ڪناري کي ڇهڻ لئه اچن ٿيون
۽ ساڳي سنوت ۾
ها سوچ سرهي
ازل کان آهي عشق
غمن ۾ گذاريل
اهي تمنائون
اسان ۾ نه اڪري اينديون
ته ڪنهن ڏانهن وينديون
امنگون اميدون
هي ارمان سڀ
سڄا ساٿ سان ٿي
سڄاساب ساٿي
نه مايوسين آ مرڻو
آهي ڏينهن ٿيڻو
نه ديسي ٽٽل آ
نه ديسي ڀڳل آ
اهو ديس کي اڄ به ڪري پيو تنوارون
سڄا ساٿ ٿي جو ٿيون سڀ پڪارون
ته ٽٽي پوندا ٽانڪا ائين ڌار ڌارون...
اڃا تون ڏين پيو ان کي ميارون......
ڊگهي آ ته ڇاٿيو
هي هلچل هلي ٿي
ائين جيئن سنڌو
ڪڏهن سانت ساگر
وري ڪو جو ٿوکڻي اڇلائي پٿر
ڪئي سو لحرون لڙهي
ڪناري کي ڇهڻ لئه اچن ٿيون
۽ ساڳي سنوت ۾
ها سوچ سرهي
ازل کان آهي عشق
غمن ۾ گذاريل