نثارناز
سينيئر رڪن

ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جو تحقيقي مقالو ”شاهه لطيف رح جي ڪلام ۾ مرد ڪردار روشني پبليڪيشن پاران ڪتابي صورت۾ ڇپجي پڌرو ٿِي ويو.
رپورٽ ۽ تصوير : نثاراحمدناز
ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون صاحب جو لکيل تحقيقي مقالو ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار“جنهن تي کيس ڪراچي يونيورسٽي پاران ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي هُئي سنڌ جي نامياري پبليڪيشن ”روشني“ پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي ، هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾ مرد ڪردارن تي تحقيق جي حوالي سان تمام زبردست کوجنا ڪئي آهي،سنڌ جي گهوٽ لاکيڻي لطيف پنهنجي رسالي ۾ عورت ڪردارن جن کي اسان شاهه جون سورميون ،سسئي، سُهڻي، نوري، لِيلا، مومل، سورٺ ۽ موکي ڪري ڪوٺيندا آهيون جو ذڪر اهڙي ته سهڻي انداز ۾ ڪيو آهي جو شاهه جي رسالي جا سمورا سُر عورت ڪردارن جي شاندار ڪارگُذاريءَ سان ڀريا پيا آهن مگر اسان جي لاڙ پٽ جي سنڌي ڏاهي محترم ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي پنهنجي هن تحقيقي مقالي ۾ تحقيق ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ مردن جا ڪردار به هر حوالي سان سارهائڻ جوڳا آهن ،اهي ڪردار جيڪڏهن نه هُجن ها ته شايد لطيف جي سورمين جو ذڪر نکري ۽ اڀري نه سگهي ها هن تحقيقي ڪتاب ۾ انسان کي ڇو پيدا ڪيو ويو قراني حوالن سان سمجهايو ويو آهي تي به چڱو خاصو بحث ڪيو ويو، سنڌ جي هر ماڻهو کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِهن ڪتاب جو پڙهڻ ضروري آهي، جيڪڏهن اسان لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ ٻي پوشيده عنصر مرد پازيٽو ڪردارن جي پروڙ چاهيو ٿا ته اسان کي گهرجي ته فوري طور هن ڪتاب کي خريد ڪري پڙهون، ۽ پنهنجي علم ۾ اظافو ڪريون ،هن ڪتاب کي پنهنجي لائبريرين ۾ رکي پنهنجن لائبريرين جي سونهن کي چار چنڊ لڳايون سنڌ جي مسقبل سنڌي شاگردن لاءِ ته هي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ ته لازمي لازمي آهي ڇو جو لاکيڻي لطيف جي ڪلام جي هر پهلو جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان ئي هو سنڌ جي گهوٽ لطيف سائين جي آفاقي ڪلام سان پنهنجي لازوال محبت جو حق ادا ڪري سگهن ٿا، 450 صُفحن جو هي ڪتاب بازار ۾ آساني سان توهان کي ملي سگهي ٿو هن ڪتاب جي قيمت صرف 500 روپيه آهي اسان جو فرض ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي سنڌي ڪتابن کي پڙهون ، اهي ڪتاب پڙهي انهن تي عمل به ڪريون
خادم الادب
نثاراحمدناز
سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت
ٽنڊومحمد خان