تبديلي ها تبديلي آهي ڇا....؟ پهرين ته اهو سمجهون پوءِ ان ڏانهن ڊوڙون ڪيون ته سٺو ٿيندو....!!! change is nothing but performance in best way هي هڪ مينيج مينٽ جو فڪرو آهي ۽ ان کي گهرائي ۾ وڃي سمجهڻو پوندو .... نه ئي شين کي صرف هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ ....... مون وٽ تبديلي ،هن اسان جي معاشري ۾ صرف ئي صرف تعليم جي عام هجڻ سا ن لاڳاپيل آهي . اڄ به سنڌ جا اسڪول بند ۽ استاد پهنجي ڌنڌي سان ۽ دي اي اوز سپروازرس انهن جي اڌ پگهار تي بي حيا ٿيا بيٺا آهن ..۽ پنهنجي پيٽ جو جهنم پيا ڀرين ،۽ نه بخشڻ جهڙو ڏوه قوم جو پيا ڪن ...اسان جا ٽي وي جا نمائندا اخباري نمائندا سوشل ماڻهو ۽ قومي ڪارڪن انهن کي وائکو ڪن ته شايد انهن جو ضمير جاڳي پوي ۽ اسان تبديلي جي منزل ماڻي سگهون .....اسان وٽ 100 سيڪڙو تعليم معاشري ۾ 100 سيڪڙو شعري سگه پيدا ڪندي اچو ان طرف جستجو ڪيون...باقي سنڌ صدين کان آهي ۽ تا قيامت قائم رهندي انشاءَالله ...الله ڪندو دشمن زمين ۾ دفن ڪنداسين سنڌ جا جوڌا جوان اڙٻنگ پهلوان سنڌ جي سرحد جي حفاظت هميشه اڳڀرو ٿي ڪندا...آمين L
جواب: تبديلي ڇا آهي زبردست سائين توهان سوچ تمام سٺي آهي اسان جي نومائيندا کي ڪم جي معملي ۾ ونڊ ڪرڻ گهرجي ته ڪير تعليم لاءِ پتوڙي ڪير سنڌ جي نظام لاءِ ۽ ڪير سنڌ جي حفاظت لاءِ سڀ هڪ مقصد جي پٺيان نه لڳون اسان جي سڌ صدين کان برقرار آهي ۽ رهندي
جواب: تبديلي ڇا آهي تعليم ئي اسان کي دنيا جي سڌريل ۽ تهزيب يافته قومن سان گڏ چٽاڀيٽي واري ڊوڙ ۾ اچي بيهاريندي۔ اوهان جي تعليم بابت سوچ سان 100 فيصد سهمت آهيون۔ اهو علم ۽ تعليم ئي آهي جنهن سان اسان سنڌ جي فرسوده نظامن، ڀوتارن واري ڪلچر، پيرن ۽ ميرن جي چنبي مان آزادي ۽ نئين سوچ کي جنم ڏياري سگهون ٿا۔ تبديلي علم ذريعي ئي ممڪن آهي نعرن سان نه۔ تبديلي ڳالهين ۽ ماڻهن جي ميڙن ۽ وڏن اجتماعن ڪرڻ سان نه پر عملي تعليمي انقلاب سان ئي ممڪن آهي۔
جواب: تبديلي ڇا آهي سائين اسان وٽ هلي ٿي رڳي سياست، تبديلي جي ڳالهه ڪيڏي نه مزيدار ۽ سهڻي آهي پر حقيقت اها آهي ته اسان وٽ تبديلي لاءِ ڪوبه سنجيده ناهي اسان وٽ هينئر جيڪا تبديلي جي لهر اٿي آهي ان جو ئي کڻي مثال وٺجي ته تبديلي صاف طور تي رڳو ڳالهين ۾ نظر ايندي تازو تعليم کاتي ماستر صحافين جي جيڪا لسٽ پڌري ڪئي ان ۾ تبديلي پسند اداري جا وڌ کان وڌ دوست ڏسڻ ۾ آيا ڇا تبديلي اتان کان شروع نه ٿيڻ گهرجي ها ته پريس جي ڪارڊ تي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيندڙن کي پاڻ کان ڌار ڪري تعليم جي سڌاري لاءِ قدم کڻجن ها۔۔۔۔ ٻي طرف تبديلي پسندن جي سرواڻن جا ذاتي رويا ڏسجن ته ماڳهين ڳالهه ئي ختم لڳي پئي آهي اهڙي حالت ۾ ڏسجي ته تبديلي جو نعرو رڳو مفادن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي نه ته حقيقي تبديلي وڏن جلسن ۽ جلوسن کانسواءِ ئي ممڪن آهي۔۔۔۔۔ ان جو هڪ مثال اهو به آهي ته ڀٽ شاهه تي تبديلي پسندن جو جيڪو جلسو ٿيو ان ۾ ڏا سنڌ جا سمورا ماڻهو شامل هئا؟؟ يا جيڪو مواد ڇاپيو ويندو آهي اهو ٻهراڙين تائين به پهچي ٿو؟ اگر پهچي ٿو ته ڇا ٻهراڙين ۾ ايتري سمجهه ۽ سڌ آهي جو اهو مواد سمجهي ان موجب عمل ڪن؟؟؟؟ ڳالهه مختصر ته اصل تبديلي تعليم جي سڌاري سان آهي جنهن تي ڪونه عمل ڪندي نظر نٿو اچي ڇو ته اگر تعليمي سڌارو آيو ته اڳوڻن جاهل ڀوتارن ۽ هاڻوڪن پڙهيل ڳڙهيل ڀوتارن جو سڌارو خطري ۾ پئجي ويندو۔
جواب: تبديلي ڇا آهي ادا سڀ کان پهرين سلام ها ادا تبديلي هڪ خودڪار عمل به آهي جنهن ۾ تعليم جو روحاني ڪردار آهي مان بلڪل توهان سا سهمت آهيان ته پهرين تعليم کي عام ڪيو وڃي ۽ 100 سيڪڙو پڙهيل ماڻهو جو جڏهن ريسپانس آيو ته توهان خود هڪ تبديلي ڏسندا ان تبديل ٿيل ماحول ۾ سڀ کي پنهنجي حقن جي ،پنهنجي بري ڀلي جي ،سٺي خراب جي بهتر کا بهتر جي امنگ آرزو ۽ جستجو نتيجته هوندي پوري سنڌ تبديل هوندي اچو ته تعليم جي طرف سڀ ڌيان ڏيون۔۔۔۔۔۔