اٿو يار

ebruary 13, 2011
وري ڀيل بگهڙن سنديون ڪن پيا ٻوليون
اٿو يار تن سان ڪيون ڪي پروليون
ڪرن ٿا هي ڪاهون ٻڌي ڪير دانهون
بنائي هي بيوس هلائن ٿا گوليون
کائن ماس ماڻهون نٿا ڀاءُ ڄاڻو
اهي ڳجه هليون اچو تن کي روليون
اچو يار گڏجي وڃي ٿي ڪي فوجون
وڻهوڻ ساڻ دشمن بندڪون ڪي کوليون
وڏو سامراجي اسان پڻ رواجي
ڇڙهايون اسان تي آهن ڪين سوليون
 
Back
Top