• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اوپن سورس فانٽ ڪريئيٽر پروگرام

فهد حسين ميمڻ

سينيئر رڪن
فونٽ فورگ اوپن سورس سافٽ ويئر آهي، جنهن جي آفيشل يا اسٽئنڊرڊ انسٽاليشن ڪافي مشڪل آهي، پر هڪ چيني ويب سائيٽ http://www.geocities.jp/meir000/fontforge/ ان جي انسٽاليشن جو ان آفيشل طريقو ٺاهيو آهي جيڪو صرف ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان رن ٿئي ٿو۔
مون فونٽ فورگ کي استعمال ڪري ڏٺو آهي، هي هڪ آسان، اوپن سورس ٽول آهي، جيڪو اوهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان۔
ڊائون لوڊ ڪرڻ لا هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو يا برائوزر ۾ ڪاپي پيسٽ ڪريو
http://www.geocities.jp/meir000/fontforge/fontforge-mingw_2010_05_18.zip

نيڪ تمنائن سان
فهد حسين ميمڻ
 
جواب: اوپن سورس فانٽ ڪريئيٽر پروگرام

محترم فهد ميمڻ صاحب جا لک لائق جو هڪ اهڙي سافٽويئر جو ڏس ڏنو جيڪو اوپن سورس هجڻ ڪري سڀني جي لاءِ عام آهي۔۔۔
دوست فهد سنڌ سلامت تي ايندڙ زياده تر دوست فونٽ جوڙڻ جو شوق ته رکن ٿا پر کين طريقي ڪار کان آگاهي نه آهي جيڪڏهن هن سافٽويئر کي استعمال ڪرڻ جون وڊيوز يا ڪو ٽيوٽرل هجي ته ضرور آگاهي ڏيندا ۔۔۔ يا وري جيڪڏهن ڪجهه وقت ڪڍي سگهو ته مختصر ئي سهي ڪو سمجهائڻ جو سلسلو ڪري سگهو ته سڀئي دوست ٿورائتا رهندا۔۔

ليک موڪلڻ جا لک لائق
 
جواب: اوپن سورس فانٽ ڪريئيٽر پروگرام

اهو سافٽوئير ڊائون لوڊ بعد به مون وٽ نه ٿو هلي اگر ڪو ٻيو حل هجي ته ٻڌائيندا
 
جواب: اوپن سورس فانٽ ڪريئيٽر پروگرام

ادا رحيم بخش۔ اهو سافٽ ويئر منهنجي ڪمپيوٽر ونڊوز ايڪس پي بلڪل صحيح هلي رهيو آهي، اوهان جي شڪايت بعد مون تجرباتي طور تي هڪ ٻئي ايڪس پي ڪمپيوٽر تي هلائي ڏٺو جنهن تي پڻ بلڪل درست هلي رهيو آهي،
توهان وٽ ان سافٽ ويئر نه هلڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جنهن بابت مون کي ڄاڻ نه پئجي سگهي، اوهان وٽ ڪو مئسيج يا ارر ايندو هوندو سو ٻڌايو ته متان ڪو هل ڪڍي سگهان۔


ادا رشيد سمون، منهنجي پنهنجي ڪوشش پڻ هن سافٽ ويئر ٽول کي استعمال ڪرڻ ۽ ان مان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ استعمال ٿي رهي آهي، حال آهر جيڪو سمجندس سو اوهان ساٿين تائين هن فورم جي ذريعي پهچائيندو رهندس۔
في الحال ڪجهه ٽپس هٿ لڳيون آهن جيڪي اوهان اڳيان ونڊ ڪيان ٿو۔

فانٽ فورگ جو هڪ تعارف
http://fontforge.sourceforge.net/overview.html

مائڪروسافٽ جو آرٽيڪل آهي جنهن ۾ عربڪ اسڪرپٽ فانٽ ٺاهڻ بابت آگاهي ڏنل آهي
آرٽيڪل جو نالو
Developing OpenType Fonts
for Arabic Script (2 of 3):
Shaping Engine
آرٽيڪل جي يو آر ايل ايڊريس
http://www.microsoft.com/typography/OpenType Dev/arabic/shaping.mspx
هڪڙو ٻيو آرٽيڪل ڪجهه هن ريت آهي
Developing Arabic fonts
جنهن جي ايڊريس
http://wiki.arabeyes.org/Developing_Arabic_fonts
آهي۔

هندستاني يا ديوناگري فونٽ جوڙڻ لا فونٽ فورگ جو ٽيوٽر
http://sayamindu.randomink.org/conv_guide/ch02.html#id2510456
تي پيل آهي
مان پاڻ به انهن کي پڙهي رهيو آهيان، گڏ اوهان به انهن شين مان ڪي پنهنجي ضرورت آهر ڪم جون شيون کڻو۔

نيڪ تمائن سان
اوهان جو ساٿي
 
جواب: اوپن سورس فانٽ ڪريئيٽر پروگرام

سائين توهان جي ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان جيڪو پيج کلي ٿو ان تي ٻٽي ڊائون لوڊ لنڪ آهن
هڪ
fontforge-cygwin_2011_06_06.zip (20MB)
ٻيو
fontforge-mingw_2010_05_18.zip (13MB)
انهن ٻني مان ڪهڙو درست آهي
مون ته ٻئي ڪيا آهن ڊبل ڪلڪ سان ڪجهه به آپشن نه ٿو اچي۔ اوهان جيڪو ڊائون لوڊ ڪيو آهي اهو فور شيرڊ تي اپلوڊ ڪري پوء لنڪ شيئر ڪندا ته مهرباني ٿيندي۔
 
جواب: اوپن سورس فانٽ ڪريئيٽر پروگرام

fontforge-mingw_2010_05_18.zip (13MB)
وارو آسان آهي۔ ان کي ان زپڊ ڪري پو fontforge.bat تي ڊبل ڪلڪ ڪرڻو آهي۔
فور شيئر جي يو آر ايل ڪهڙي آهي
 
جواب: اوپن سورس فانٽ ڪريئيٽر پروگرام

سائين فور شيرڊ تي 10 جي بي فري اسپيس ملي ٿو جنهن تي توهان جي اڪائونٽ هوندو نه ته ٺاهي وٺندا
www.4shared.com
 
جواب: اوپن سورس فانٽ ڪريئيٽر پروگرام

مهرباني
مان 4شيئرڊ تي فونٽ فورگ جو منگڊبليو فولڊر هيٺين ايڊريس تي شيئر ڪيو آهي
http://www.4shared.com/zip/yrd9BhEM/fontforge-mingw_2010_05_18.html

ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان ڪو آپشن نه ٿو اچي ته ٿي سگهي ٿو توهان جو اينٽي وائرس هن پروگرام کي روڪيندو هجي يا وري اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ ڪو وائرس هجي۔
 
جواب: اوپن سورس فانٽ ڪريئيٽر پروگرام

سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان تڪليف ڪري سافٽويئر اپلوڊ به ڪيو ليڪن منهنجي ڪمپيوٽر ۾ شايد ڪو مسئلو آهي جو مون وٽ سافٽويئر نه ٿو هلي.
 
Back
Top