سنڌ جي ورهاست جو خوف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    متحده قومي مومينٽ 20 هين آئيني ترميم جو بل قومي اسمبلي ۾ پيش ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته پنجاب کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڏکڻ پنجاب ۾ سرائڪي ۽ خيبر پختونخواهه کي ٻن حصن ۾ ورهائي اتي هزاره صوبو ٺاهيو وڃي، متحده جي اهڙي عمل کي مختلف پارٽين ۽ تنظيمن پاران خاص شڪ جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته متحده سنڌ جي ورهاڱي لاءِ هڪ نئين راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڏٺو وڃي ته متحده جي نمائندگي صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين محدود آهي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هنن جو هڪ به ڪائونسلر نمائندو ناهي ته انهن صوبن اندر ٻيا نوان صوبا ٺاهڻ جي دلچسپي متحده ڇوٿي رکي؟ هي ته اتان جي عوام جو حق هئڻ گهرجي جيڪڏهن اتان جو عوام ضروري سمجهي ٿو ته نئون صوبو انهن جي لاءِ بهتر ثابت ٿيندو ته هو پاڻ ان لاءِ آواز اٿاري سگهن ٿا، متحده جو ان ۾ ڇا وڃي جو 20 هين آئيني ترميم لاءِ قومي اسمبلي ۾ بل پيش ڪيو آهي، متحده وارن جي اها دعويٰ آهي ته هو ٻين صوبن جي عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ اهڙي قسم جو بل قومي اسمبلي ۾ پيش ڪيو آهي، متحده کان سڀئي اهو سوال پڇن ٿا ته توهان سنڌي عوام کي ڪهڙا حق ڏنا آهن جو ٻين صوبن جي عوام جي حقن جي ڳالهه ٿا ڪريو، متحده جي وفاقي وزيرپورٽس اينڊ شپنگ کان ته اهي 17 سنڌي ملازم برداشت نٿا ٿي سگهن جن کي گذريل ٻن سالن کان عدالت ته بحال ڪيو آهي پر انهن ۾ سنڌي ملازمن جو انگ وڌيڪ هئڻ سبب انهن کي بحال نٿو ڪيو وڃي ته هو ٻين صوبن جي عوام کي ڪهڙا حق ڏياري سگهندا، اسان سڀ ڪجهه سمجهي سگهون ٿا ته متحده اهو سڀ ڪجهه ڇو پئي ڪري. هوئن به 18 هين آئيني ترميم پاس ٿي وڃڻ کان پوءِ ته مرڪز ان ڳالهه جو پابند ٿي ويو آهي ته جيسيتائين اتان جي صوبائي اسمبلي نئين صوبي جو مطالبو نٿي ڪري تيسيتائين نئون صوبو ڪڏهن به ٺهي نه سگهندو، متحده ان سڄي معاملي کان چڱي طرح واقف هوندي به اهو بل قومي اسمبلي ۾ کڻي پهتي آهي ته نون صوبن جي تخليق صرف قومي اسمبلي جي ذريعي ممڪن بڻائي وڃي جيڪا صوبائي خود مختياري تي سڌو سئون وار آهي. متحده شروع کان وٺي جيڪا صوبائي خودمختياري جي حامي رهي آهي اها هاڻي پاڻ اهڙي قسم جي خلاف ورزي ڪندي اهو ثابت ڪيو آهي ته متحتده پاران صوبائي خودمختياري وارو مطالبو محض ڍونگ هو ۽ هو ان آڙ ۾ اڃا ٻيو ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهن پيا، اهو ڪيئين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته جنهن صوبي اندر ٻيو نئون صوبو بڻايو وڃي۽ اتان جي عوام جي چونڊيل اسمبلي جي راءِ شامل نه ڪئي وڃي. متحده قومي مومينٽ جنهن تيزي سان پنهنجي عزائم کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ ڏينهن رات واري ڪوششن ۾ رڌل آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ڪراچي ۽ حيدرآباد کي الڳ ڪري هڪ نئين صوبي ڏانهن وک وڌائي رهيا آهن، متحده جي هي چال ڪا نئين ناهي جو ملڪ جي عوام کان ڳجهي رهي هجي هو هن منصوبي تي گذريل 20 سالن کان اندروني طور ڪم ڪري رهيا آهن، متحده وارا هاڻي ڪيڏا به بهانا بڻائين پر انهن جي چال کي سڀڪو سمجهي چڪو آهي، متحده جڏهن 20 هين آئيني ترميم جو بل قومي اسمبلي ۾ پيش ڪري رهي هئي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن ڀرپور مخالت ڪئي ته متحده جو ان معاملي ۾ ڇا وڃي، اي اين پي جي سربراهه اسفنديار ولي ايتري قدر به چئي ڏنو ته متحده پاران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اندر صوبن جي نئين سر جوڙ جڪ وارو پيش ڪيل بل غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، هن وڌيڪ چيو هو ته متحده جيڪو ڪجهه چاهي پئي ان جي آخري ٽارگيٽ تائين انهن کي پهچڻ نه ڏيندا سين، يقينن اسفنديار ولي جو اشارو ان ڳالهه ڏانهن ڪري ٿو ته متحده پاران 20 هي آئين ترميم وارو پيش ڪيل بل ٻين صوبن جي عوام جي حقن جو بهانو بڻائي سنڌ اند پنهنجي لاءِ هڪ نئون الڳ صوبو ٺاهڻ جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش آهي. متحده هاڻي ڀلي بار بار وات ڦاڙي ان ڳالهه جي ترديد ڪري رهي آهي ته هو سنڌ کي ورهائڻ نٿا چاهين پر اندروني طور هو ان عمل ۾ ڏينهن رات رڌل آهن، انهن جو اهو هر کنيل قدم ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته هو سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ ٿا گهرن. اها ڳالهه صرف اسان ئي نٿا ڪيون پر هنن جي ڪک مان جنم وٺندڙ پارٽي مهاجر قومي مومينٽ (حقيقي گروپ) ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته متحده اهڙن قڌن ڪرتوتن ۾ ملوث آهي. چار ڏينهن اڳ متحده قومي مومينٽ جو اڳوڻو ڪارڪن عرفان خان متحده کي ڇڏي حقيقي گروپ ۾ شامل ٿيندي پنهنجي سئو ساٿن سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ دوران ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته الطاف حسين ۽ متحده جا ٻيا اڳواڻ ملڪ ۾ باقي ٻين قومن لاءِ ڪهڙو رايو ٿا رکن، ان پريس جي سامهون ٻڌايو ته متحدد جي قيادت پٺاڻن کي يهودي نسل جي بد ترين صورت ۽ پنجابي، بلوچ ۽ سنڌي قوم کي هو ناقبل اعتماد سمجهن ٿا ۽ هو خفيه طور پنهنجي ڪارڪنن کي هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ جي تعليم ڏئي رهيا آهن، اهو انڪشاف حقيقي گروپ جي اڳواڻ شمشاد خان غوري جي موجودگي ۾ حقيقي ۾ شموليت ڪرڻ دوران ڪيو، ان وڌيڪ ٻڌايو ته متحده هڪ اسٽڊي سرڪل قائم ڪري ورتو آهي جتي پنهنجي ڪارڪنن کي رونانو جي بنياد ان سرڪل ۾ اچڻ جو پابند بڻايو ويو آهي جتي متحده جا مرڪزي عهديدار روزانو واري واري سان اچي اهو ليڪچر ڏيندا آهن ته پٺاڻ يهودي نسل سان تعلق رکندڙ قوم آهي ۽ هو يهودين کان به وڌيڪ بدتر قوم آهي جڏهن ته پنجابي، سنڌي ۽ بلوچ ڪنهن به صورت ۾ اسان لاءِ قابل اعتماد ناهن، هي ملڪ اسان جو ناهي تنهن ڪري اسان هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ وڃون پيا ان کان پوءِ اسان جو ڀائي الطاف حسين اسان جي وچ ۾ هوندو. متحده کي ڇڏي حقيقي ۾ شامل ٿيندڙ عرفان خان اهو به واضع ڪيو ته ان اسٽڊي سرڪل ۾ ويهڻ مان پتو پيو ته الطاف حسين ملڪ ۾ رهندڙ سڀني قومن جي وچ ۾ عداوت پيدا ڪندي پاڪستاني قومن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جو ٻج پوکڻ جو موقعو هٿان وڃائڻ نٿو چاهي. اهڙيون ڳالهيون سامهون اچڻ کان پوءِ پڪ ٿي وئي آهي ته متحده قومي مومينٽ جيڪو قدم کڻي پئي اهو ڪو ڳجهو ناهي رهيو. اسان کي اهو ڏينهن به ياد آهي ته ڪجهه مهينا اڳ جڏهن حڪومت ۽ متحده جي وچ ۾ اختلاف وڌي ويا هئا ته متحده پنهنجي هڪ ذيلي تنظيم کان سڄي ڪراچي اندر الڳ صوبي جي گُهر واري چاڪنگ ڪرائي هئي ۽ ٻئي ڏينهن صوبائي اسمبلي جي فلور تي بيهي متحده جو هڪ اڳواڻ سنڌي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي ڌمڪي ڏئي رهيو هو ته ڪراچي جي ديوارن ڏانهن نهاريو ته ڪراچي جو عوام ڇا پيو گهري، اهڙي صورتحال کان پوءِ به متحده اهو بار بار چئي رهي آهي ته متحده صوبي جو ورهاڱو نٿي چاهي ته انهن جي باقي ارادن کي ڇا سمجهجي. سنڌ جي ورهاست ڪا سئولي ڳالهه ناهي پر متحده جيڪڏهن اهڙا حالات پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو سنڌي عوام کي تمام گهڻو کٽڪو آهي ته ان مان سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو.
    متحده جي شروع کان اها پارٽي پاليسي رهي آهي ته اردو ڳالهائيندڙن کي ٻين قومن سان ويڙهائي انهن جي درميان نفرت جو ٻج پيدا ڪري ملڪ جي باقي ٻين قومن کي چيڀاٽڻو ۽ نپوڙڻو آهي، هي سنڌي پنجابي ۽ بلوچن کي قابل اعتماد نٿا سمجهن ۽ يقينن انهن کان خوب نفرت ڪندا رهن ٿا، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن. اها ڳالهه عيان آهي ته هڪ ڏينهن سنڌي ڊاڪٽرن جو وفد متحده سان لاڳاپيل صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر صغير احمد سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجا مسئلا بيان ڪيا ته صوبائي وزير سنڌي ڊاڪٽرن جي وفد کي اهو جواب ڏئي موٽائي ڇڏيو ته توهان جو نمائندو مان ناهيان بلڪه سنڌ جو وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه آهي تنهنڪري توهان اوڏانهن وڃو آئينده ڪنهن به ڪم ڪار لاءِ هيڏانهن اچڻ جي زحمت نه ڪندا ۽ نه مون ۾ اهڙي آئينده ڪا اميد رکندا. هوڏاهن عدالت پاران بحال ڪيل پورٽ قاسم جا 23 ملازم ان ڪري بحال نٿا ڪيا وڃن ته انهن ۾ سنڌي ملازمن جو انگ وڌيڪ آهي، انهن 23 ملازمن ۾ 6 اردو ڳالهائيندڙن جو وفد 90 تي وڃي وفاقي وزير پورٽس اينڊ شپنگ بابر خان غوري سان ملاقات ڪري پنهنجي بحالي لاءِ گذارش ڪئي ته بابر خان غوري انهن کي اهو چئي بحال ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ته توهان ڇهن اردو ڳالهائيندڙن جي ڪري مان 17 سنڌي ملامن کي بحال نه ڪندس جن کي اڍائي سال گذري چڪا آهن.
    متحده قومي مومينٽ جهڙي طرح ملڪ کي انارڪي طرف وٺي وڃي رهي آهي اها ملڪ جي وحدت لاءِ ڪا چڱي ڳالهه ناهي، پاڪستاني قومن کان نفرت واري روش متحده کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي جنهن تي متحده کي گهرائي سان سوچڻو پوندو، اڄ ملڪ جون سڀئي پارٽيون ۽ قومون هڪ طرف بيٺل آهن ته متحده اڪيلي سر ٻئي طرف بيٺل نظراچي رهي آهي، ڪا به اهڙي پارٽي يا قوم ناهي جيڪا متحده سان همدردي رکندي هجي ڇو ته متحده وارن اهڙا حالات پاڻ پيدا ڪيا آهن ۽ هاڻي جيڪڏهن ملڪ ۾ رهندڙ باقي قومون اردو ڳالهائيندڙن کان نفرت ڪن ٿيون ته ان جا ذميوار به متحده وارا پاڻ آهن، ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهائي متحده پنهنجا سياسي مطلب ته پورا ڪيا آهن پرڪراچي جو عوام اڄ به انهن قوتن پاران يرغمال بڻيل آهي، اربن ۽ کربن جي بجيٽ جو گهڻو تڻو حصو عياشين تي لٽايو پيو وڃي پر سنڌ جو عوام اڄ به ٻه ويلا ماني جو محتاج لڳو پيو آهي جنهن طرف ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي، افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته اردو ميڊيا جو هڪ مخصوص طبقو به انهن جي تمام گهڻي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي جيڪو ملڪ لاءِ هاڃاڪار ثابت ٿيندو.
    نوٽ: هي مضمون اڄ جي ڪجهه اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي. دعاگو
     
  2. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي ورهاست جو خوف

    سلام بلڪل سائين مضمون جو لفظ لفظ معنى خيز آھي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي ورهاست جو خوف

    صوبن وارو اشو ۽ ٻه ڀاڱي تي جي اڪثريت حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي۔

    ٻيو ته سنڌ صوبي جي وحدت کي ڪوبه نقصان ڪونه پيو پهچي۔ باقي سياسي حوالي سان ان مسئلي تي آواز اٿارڻ سٺي ڳالهه آهي۔ مونکي ته اهي ڏينهن ٿا ياد اچن جن ۾ سرائيڪي سياستدان سائين جي ايم سيد جي جلسن ۾ ايندا هئا ۽ سائين انهن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏ انهن جي موقف جي حمايت پڻ ڪندو هو۔ پوء جيڪڏهن هنن کي هاڻ الڳ صوبو ملي ٿو ته اسان کي ان تي تڪليف نه هجڻ گهرجي۔

    باقي ها سنڌ صوبي جي وحدت خلاف ڪابه ڳالهه برداشت جوڳي ناهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو