• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ادا منهنجو مسعلو هل ڪيو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ظفر
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ظفر

سينيئر رڪن
ادا منهنجو ڪمپيوٽر هلندي هلندي ري اسٽارٽ ٿي وڄي ٿو ان جو ڪو هل ٻڌاءيندا ۽
ميمري ڪارڊ تي پنهنجي تصوير ڪيءن رکبي آهي اوهان دوستن جي مهرباني ٿيندي
 
ادا منهنجو ڪمپيوٽر هلندي هلندي ري اسٽارٽ ٿي وڄي ٿو ان جو ڪو هل ٻڌاءيندا ۽
ميمري ڪارڊ تي پنهنجي تصوير ڪيءن رکبي آهي اوهان دوستن جي مهرباني ٿيندي
 
جواب: ادا منهنجو مسعلو هل ڪيو

توهان جي ڪمپيوٽر جو پاڻمرادو ريسٽارٽ ٿيڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو ڪو هارڊويئر يا ان جي ڊرائيور جو غلط انسٽال ٿيڻ هجي۔۔۔
بحرحال ڪمپيوٽر جي پاڻمرادو ريسٽارٽ کي روڪڻ جا ٽي طريقا آهن۔۔
طريقو نمبر 1
My Computer تي ساڄي پاسي کان ڪلڪ ڪري Properties چونڊيو۔۔ جتان Advanced ٽيب چونڊيو ۽ هيٺ Startup and Recovery سيڪشن ۾ موجود بٽڻ Settings تي ڪلڪ ڪريو۔۔

disable_auto_restart_1.png

کلندڙ ونڊوز ۾ موجود http://www.trishtech.com/img_art/disable_auto_restart_1.png کي ان چيڪ ڪريو۔۔ ۽ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔

disable_auto_restart_2.png

طريقو نمبر2
ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔ ۽ ڪيبورڊ تان مسلسل F8 پريس ڪندا رهو جيسين Windows Advanced Options Menu ظاهر نه ٿئي۔۔ جتان ايرو ڪيز جي مدد سان Disable automatic restart on system failure چونڊيو ۽ ڪيبورڊ تان انٽر بٽڻ پريس ڪريو۔۔

disable_auto_restart_3.png

ٿورو اڳتي هلڻ سان توهان کان آپريٽنگ سسٽم رن ڪرڻ جو پڇيو ويندو۔۔۔ جنهن کي سليڪٽ ڪري هڪ دفعو ٻيهر ڪيبورڊ تان انٽر بٽڻ پريس ڪريو۔۔

disable_auto_restart_4.png

طريقو نمبر 3
اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري رن پروگرام کوليو جتي لکي اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔

regedit.png

رجسٽري ايڊيٽر کلڻ تي هيٺين ڪي تي پهچي۔۔ سامهون موجود AutoReboot ڊيورڊ تي ڊبل ڪلڪ ڪريو ۽ ان جي ويليو تبديل 0 رکو ۽ ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔

HKEY_LOCAL_MACHINE\SYSTEM\CurrentControlSet\Control\CrashControl

disable_auto_restart_0.png

اميد ته توهان جو مسئلو ختم ٿي ويندو۔۔۔ جڏهن ته ڪنهن به ڊرائيو ۾ پنهنجي تصوير لڳائڻ لاءِ هي موضوع پڙهو۔۔۔
 
جواب: ادا منهنجو مسعلو هل ڪيو

ادا ظفر سائين عبدالرشيد جن طرفان ڏسيل نسخا تمام مجرب آهن اهي مريض کي استعمال ڪرايو اميد ته آرام اچي ويندس۔ وري بار بار بي چين نه ٿيندو۔
 
جواب: ادا منهنجو مسعلو هل ڪيو

ادا رشيد سمون ڪافي بهترين طريقا ڏسيا آهن اميد آهي ته ادا ظفر جو مسعلو حل ٿي ويو هوندو۔
 
Back
Top