• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پوپٽ نچندا ئي رهيا،ـ رنگ رتي جهنڪار،ـ مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

سنڌ سلامت جي دوستن کان معذرت جو ڊگهي عرصي کانپوء اوهان جي خدمت ۾ حاضري ڀري آهي۔ شيخ اياز جي دور جي ساٿي ۽ مشهور شاعر نارائڻ شيام جي شاعري اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي۔

نارائڻ شيام


ڪوئل جي ڪونجار،ـ
مون نه جواني ۾ لکي!ـ

هير ڀني جي اوٽ ۾،ـ
آئي جا هٻڪار،ـ
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

پوپٽ نچندا ئي رهيا،ـ
رنگ رتي جهنڪار،ـ
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

نيري نڀ جي گهور ۾،ـ
هيئن اُڪير اَپار،ـ
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

وڻج نجو ئي نور جو،ـ
تارن جي بازار،ـ
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

ڪهڙي ڌُن ۾ ڌُوڪبي،ـ
ويئي ڪيئي ڄمار،ـ
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ
 
جواب: پوپٽ نچندا ئي رهيا،ـ رنگ رتي جهنڪار،ـ مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

پوپٽ نچندا ئي رهيا،ـ
رنگ رتي جهنڪار،ـ
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

توهان جي واپسي کي ڀليڪار ڪجي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ڀيرو ڀريندا ڪريو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

تمام خوبصورت خيال ونڊ ڪيا اٿو بهترين
 
جواب: پوپٽ نچندا ئي رهيا،ـ رنگ رتي جهنڪار،ـ مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

واپسي تي ڀليڪار، اوهان جي سهڻي چونڊ

نارائڻ شيام سنڌي ٻولي جو سرمايو هو جنهن سنڌ جي وڇوڙي تي چيو هو ته :

الائي ڪهڙي مهل شيام ان مان نڪتاسين
جو وطن ورڻ ته ڇا ، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿيو


نارائڻ شيام جي موت تي شيخ اياز لکيو هو :

تنهنجي رُک کڻي ويون۔ گنگا جون لهرون
سنڌوء اٻهريون، ٻانهون ڦهلايون گهڻيون۔
 
جواب: پوپٽ نچندا ئي رهيا،ـ رنگ رتي جهنڪار،ـ مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

واه سائين مرتضى وساڻ صاحب دل خوش ٿي وئي
بهترنن درس شاعري ۾
وسلام
 
جواب: پوپٽ نچندا ئي رهيا،ـ رنگ رتي جهنڪار،ـ مون نه جوانيءَ ۾ لکي!ـ

شاعري ڀلي لڳي۔۔۔ پر ان کان به وڌيڪ توهان جو ٻيهر اچڻ ڀلو لڳو۔۔۔ اميد ته حاضري جاري رهندي۔۔
 
Back
Top