رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو
جو سيڻ مٽائي سون تي
جو واٽ ڏسي ويرن کي
جوٿڃ لڄائي ماءُ جي
جو لڄ لٽائي ڀيڻ جي
ڌرتي دوله دوکو ڏي
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو
جو پنهنوارن پور ڏي
جو سنڌ منهنجي سور ڏي
جو مارن منهنجي مرڪ کسي
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو
جو نه سوچي سنڌ لئه
جو نه لوچي سنڌ لئه
جو نه سچو سنڌ سان
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو
سو نه منهنجي جند جو
جو سيڻ مٽائي سون تي
جو واٽ ڏسي ويرن کي
جوٿڃ لڄائي ماءُ جي
جو لڄ لٽائي ڀيڻ جي
ڌرتي دوله دوکو ڏي
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو
جو پنهنوارن پور ڏي
جو سنڌ منهنجي سور ڏي
جو مارن منهنجي مرڪ کسي
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو
جو نه سوچي سنڌ لئه
جو نه لوچي سنڌ لئه
جو نه سچو سنڌ سان
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو