• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عيد جي ڏينهن مُنهنجي سنڌ سلامت کي ڪارو وڳو ڇو ۽ ڇا لاءِ

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۔ اڄ عيدالفطر جو سڀاڳو ڏينهن آهي ، پر مُنهنجي سنڌ سلامت کي ڪارو وڳو پارايو ويو آهي۔ وڏي ائڊمن لوگو جي مين پيج تي ڏيک (لوگو) جي صورت ۾ ڪارو ٽيمپليٽ لڳايو آهي، بس اهو گيت ٻُڌو هُئوسين ته ڪارو جوڙو پائي مُنهنجي فرمائش تي اڄ وڏي ائڊمن ڀي لڳي ٿو ته ڪنهن فرمائش تي هن فورم کي ڪارو وڳو پارايو آهي۔
خدا خير ڪري عيد ڏينهن ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو ڪامبينيشن ڪا ڳالهه وڏي آ
 
ادا اِن ۾ ائڊمن صاحب جو ڪو به قصور نه آهي، درسل ائڊمن صاحب ٽيمپليٽ لاءِ مونکي پئي چيو، پر ادا ڇا ڪجي جو ڊِزائنر پڻ عشق جو ماريل آهي، جنهن کان پنهنجو صنم جدا ٿي ويو آهي ۽ ڊزائنر پڻ اُن ڏک جو اظهار پيو ڪري۔
 
ها وڏا ان سوال جو جواب ائڊمن ڀاء ئي ڏئي سگهن ٿا
مونکي خبر آهي ته وڏي ائڊمن ان ڳالهه جو جواب قطئي ڪونه ڏيندو۔

عيد ڏينهن اي سنڌ سلامت ڪارو وڳو ڇالئه
وڏي ائڊمن توکي ڇو پهرايو ويچارو وڳو ڇالئه
اسان ونڊيون ٿا قرب ۽ خوشيون اچي تنهنجي اڱڻ تي پر
ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ ۾ رنگيل غم وارو وڳو ڇالئه​
 
asul mattasul mattasul mattasul matt

suhnan saan

sindhsalamatsaathsal
 
اسان کي ائڊمن ڀاءَ جي جواب جو انتظار آ.
ادا احسان ائڊمن ڀا٪ءُ جو جواب ادا عامر ضيا چارڻ پيو ڏي! ۽ ڳالهه ظاهر ڀي ڪري ڇڏي اٿائين ته سنڌ سلامت کي ”عيد ڏينهن “ ڪارو وڳو پهرائيندڙ ڊيزائنر صفا دل جو روڳي آهي، شال جيئن دل جا روڳي، شال جيئن ڪاري وڳي کي پائيندڙ، شال جيئن وڇوڙا ۽ جُدايون ۔
 
ادا بس مان توهان جي دعائن جو طلبگار آهيان ۽ دوستن جي دعا ٿورو جلدي ٻڌي ويندي آهي
ادا ٻي ٽيمپليٽ تي ورڪ ڪيو پيو وؓڃي انشاالله جلد هن ٽيمپليٽ کي پاسي تي رکيو ويندو۔ bhali kareaya
 
ادا اِن ۾ ائڊمن صاحب جو ڪو به قصور نه آهي، درسل ائڊمن صاحب ٽيمپليٽ لاءِ مونکي پئي چيو، پر ادا ڇا ڪجي جو ڊِزائنر پڻ عشق جو ماريل آهي، جنهن کان پنهنجو صنم جدا ٿي ويو آهي ۽ ڊزائنر پڻ اُن ڏک جو اظهار پيو ڪري۔
مٺا عامر ضيا چارڻ سڀ کان پهرين ته عيدالفطر جون توهان کي کوڙ ساريون مُبارڪون ان کان پوءِ عيد جي خوشين ڀرئي ڏينهن تي اُن ڊيزائنر جنهن ڪارو وڳو پارائي اسان جي سنڌ سلامت کي نيون معنائون ڏنيون آهن سان کوڙ ساريون همدرديون جنهن کان سندس صنم جدا ٿي ويو آهي،۔۔۔۔۔۔۔۔ صبر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مٺا صبر کان سواءِ ڪو چارو ئي ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جدايون ۽ وڇوڙا ته عاشقن جا مها مَرَڪَ هوندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لطيف سائين عاشقن لاءِ اها ڳالهه پڻ چئي آهي ته اهي ڪڙي ۽ قاتل جا ڀي هميشهه هيراڪ هوندا آهن۔ پر يار هو ڀلي ڪارا وڳا پائي صنم جي جُدائي جا غم ملهائي۔ پر عيد ڏينهن سموري سنڌ سلامت کي ڪارا وڳو پهرايو اٿس۔ خير پوءِ به شال جُڙيو هُجي اهو ڊيزائنر۔
 
asul mattasul mattasul mattasul matt

suhnan saan

sindhsalamatsaathsal
جي جي ادا وحيد ڦلپوٽا، تون ڀلي مَٽَ ڀڃ ۽ مان هميشهه توکي اهو چوندو آهيان ته اهو مَٽِ ناهي هوندو پر مُنهنجو وارن کان آجو گنجو مٿو هوندو آهي جنهن تي سدائين قلندري ڏنڊا وسندي محسوس ڪندو آهيان۔ فقير ڀلي زورا وريون ڪر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​

naz.gif
 
اسلام عليڪم،
ادا نثار ناز، هاڻي ڪجي به ڇا ڪجي، اسان جو ڊزائينر عشق جو ماريل آهي، ضرور دال ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪارو ڪارو آهي۔ باقي فقير جي به ڪلاس وٺڻي پوندي توهان کي ڏنڊا ٿو هڻي
 
اسلام عليڪم،
ادا نثار ناز، هاڻي ڪجي به ڇا ڪجي، اسان جو ڊزائينر عشق جو ماريل آهي، ضرور دال ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪارو ڪارو آهي۔ باقي فقير جي به ڪلاس وٺڻي پوندي توهان کي ڏنڊا ٿو هڻي
ادا وهاب فقير کي ڪجهه نه چئو هُو اسان جو توهان وانگر پرين پيارو آهي، پرين جا ڏنڊا مٿي ته وسن يا دل تي پوءِ به اهي گُل محسوس ٿيندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top