• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عورت نما گل۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حيرت انگيز

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو اڄ توهان کي هڪ حيرت انگيز گل جي تصوير ڏيکاريان ٿو۔۔۔

400113_2408050925479_1377381069_31917296_1615135534_n.jpg

هماليا جي علائقي ۾ هڪ وڻ ۾ اهڙو گل نڪرندي ڏٺو ويو آهي ۔۔ اتان جا رهائيشي ان گل کي ناري لٺا ڪري سڏين ٿا۔۔ بلڪل ڪنهن نوجوان ناري جي صورت ۾ هي گل گذريل 20 سالن کان ان وڻ ۾ نڪرندو رهي ٿو۔۔۔ تحقيق مان پتو پيو آهي ته ٿائيلينڊ جي صوبي پيچابون جيڪو بينڪاڪ کان 500 ڪلوميٽر پري آهي ۾ پڻ اهڙي قسم جو وڻ دريافت ٿيو آهي۔۔ پر اتي ان گل کي ناري پول ڪري سڏيو وڃي ٿو۔۔۔ تفصيل لاءِ وڊيو ڏسو۔۔۔


بيشڪ خدا پنهنجا عجيب نظارا انسان لاءِ وائکا ڪري رکيا آهن۔۔۔
 
جواب: عورت نما گل۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حيرت انگيز

بيشڪ خدا پنهنجا عجيب نظارا انسان لاءِ وائکا ڪري رکيا آهن۔
بيشڪ ادا ان ۾ ڪو شڪ نه آهي

جزاڪ الله ادا

تمام بهترين ڪوشش آهي توهان جي

جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: عورت نما گل۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حيرت انگيز

بلڪل هي گُل ايئن پيو لڳي ڄڻ ڪنهن عورت جو مجسمو يا ڪا گُڏي ٺهيل هجي۔

رب جون تخليقون به بي شمار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳڻي ڳڻبيون ڪيتريون
 
جواب: عورت نما گل۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حيرت انگيز

مطلب قدرت به عورتن تي مهربان ۔۔۔ بس ڙي مرد تنهنجا ڀاڳ ۔۔۔!!!! ها ها ها

بهرحال حيرت جهڙي ڳالهه آهي، رب جي آڏو هر شئي ممڪن آهي ۔۔۔
 
جواب: عورت نما گل۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حيرت انگيز

ائين ٿو لڳي ڄڻ هٿرادو گل ٽنگيل هجن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عجيب ڳالهه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 
جواب: عورت نما گل۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حيرت انگيز

هڪ ته وڊيو وڏي استادي سان ٺهيل، مٿان وري رشيد سائين پاڻ سِر اسان جي سامهون آڻين ته پوء شڪ به پڪ ۾ تبديل ٿي وڃي۔ دوستو قادر جي قدرت تي يقين اکين تي، پر هڪ وڊيو ڪنهن جي شرارت آهي، هن ۾ ڪا به صداقت ڪانهي، ڪنهن عاشق پنهنجي استادي ڏيکاري آهي ۽ ان ۾ گهڻي قدر ڪامياب به ويو آهي، ان جو ثبوت اهو آهي ته سڄي سنگت يقين نه ايندي به اعتبار ڪيو آهي، پر منهنجي خيال ۾ دوستن جي اڪثريت ان ڪري به چُپ ڪئي ڇو جو هي ونڊ رستم رشيد ڪئي۔ حالانڪه ادا سليمان صاف لکيو ته ڪو مجسمو وڻ تي ٽنگي تصوير ڪدي وئي آهي۔۔۔۔سائين رشيد کان معذرت پر سائين پاڻ به مجسمي جي سحر ۾ غرق ٿي ويا ۽ اسان کي به ديدار ڪرايائون۔۔ پر هن فعي سائين جن گُٿا۔۔
خير توهان پنهنجي طور هن وڊيو جي غلط هجڻ جي باري ۾ کوجنا ڪيو ته توهان لاء بهتر رهندو ڇو ته اڄڪلهه نيٽ اهڙين شين سان ڀري پئي آهي۔
والسلام
 
جواب: عورت نما گل۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حيرت انگيز

منهنجو جمالو جتن سان، ٻروچ ظاهر ٿيو سال ۾ ۔۔۔ هو جمالو

تصوير ۽ وڊيو اصل آهن يا نقلي ۔۔۔ پر ان ونڊ جو ڪمال ته دوست ٻروچ ظاهر ٿي پيو ۔۔۔۔ قدرت ته قدرت پر ٻروچ به مائيءَ جو ٻڌي ظاهر ٿي پيو ۔۔۔

سڄڻ آيا ڀلي آيا سهڻن جو سلامي ٿيان
 
جواب: عورت نما گل۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حيرت انگيز

دوست ٻروچ جي مهرباني جنهن سچائي کي پنهنجي طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي۔۔
جيڪڏهن هي ڪنهن جي شرارت آهي ته ڪمال جي شرارت آهي۔۔
 
جواب: عورت نما گل۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حيرت انگيز

دوست ٻروچ جي مهرباني جنهن سچائي کي پنهنجي طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي۔۔
جيڪڏهن هي ڪنهن جي شرارت آهي ته ڪمال جي شرارت آهي۔۔
 
Back
Top