سچ ڪيڏو ڪوڙو آ احساسن جي ڳنڊ ڳوڙھي ٻڏل ڪيئن ظاھر ڪيان؟؟؟ رات جي اونداھي روحن تي چادر ويڙِھي سمھي پئي آ منھنجو چنڊ وڃائجي ويو آ سچ ڪيڏو ڪوڙو آ ذوالفقاربھڻ
جواب: سچ ڪيڏو ڪوڙو آ (ذوالفقار بھڻ) تمام سهڻا لفظ ۽ تمام سهڻا رنگ ڏنل عاشق جا ۔۔۔ معاف ڪجو هڪ سٽ ۾ ٻن لفظن ۾ مونکي شڪ لڳي ٿو ؛ هڪ لفظ آهي ؛ ڳنڊ، اهو لفظ شايد ” ڳنڍ “ آهي ٻيو لفظ آهي؛ ” ٻڏل“ اهو لفظ شايد ” ٻڌل “ آهي انڪري جملو ٿيندو ۔۔۔۔ ” احساسن جي ڳنڍ ڳوڙھي ٻڌل“ جنهن جي معني ٿيندي ته مون پنهنجن احسان جي ڳنڍ ڇڪي ٻڌي آهي۔ وڌيڪ عاشق يا ذوالفقار بهڻ ٻڌائيندو ۔۔۔ لک ٿورا
جواب: سچ ڪيڏو ڪوڙو آ (ذوالفقار بھڻ) سچ ڪَوڙو ئي نه پر سچ وڏو ڏوهاري پڻ آهي ۔۔۔۔۔ سائين نثار واقعي هن لفظن ۾ ڪريڪشن جي ضرورت آهي۔
جواب: سچ ڪيڏو ڪوڙو آ (ذوالفقار بھڻ) اڄ محترم ذوالفقار بھڻ صاحب پاڻ پنھنجي تخليق کي ڊزائين ڪيو آھي۔ سائين جن پاڻ لکن ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!! سچ ڪيڏو ڪئوڙو آ احساسن جي ڳنڊ ڳوڙھي ٻڌل ڪيئن ظاھر ڪيان؟؟؟ رات جي اونداھي روحن تي چادر ويڙِھي سمھي پئي آ منھنجو چنڊ وڃائجي ويو آ سچ ڪيڏو ڪئوڙو آ نوٽ مون صرف ڪاپي پيسٽ ڪري ڪلھ ڊزائين ٺاھي آھي۔۔۔۔وڌيڪ فيس بوڪ جي لنڪ حاضر آھي
جواب: سچ ڪيڏو ڪوڙو آ (ذوالفقار بھڻ) تمام خوبصورت احساس ذوالفقار بهڻ صاحب جا سائين نثار ابڙو جي نشاندهي ڪيل لفظن ۾ بلڪل پروف جي غلطي هوندي جيڪا سائين ذوالفقار بهڻ کان به لکڻ ۾ غلطي ٿي هوندي وڌيڪ وضاحت سائين پاڻ ئي ڪري سگهن ٿا۔ ادا عاشق جي سهڻي ڊزائين ۔
جواب: سچ ڪيڏو ڪوڙو آ (ذوالفقار بھڻ) Zulfiqar Behan پيارا عاشق سولنگي اوھان جا وڏا وڙ جو اوھان نظم سنڌي جي تمام وڏي فورم سنڌ سلامت تي به ونڊ ڪيو آھي، يقينن اوھان تمام خوبصورت چترڪاري ڪئي آھي. پروف غلطين کي ھن ريت پڙھيو وڃي.مھرباني نثار ابڙو سچ ڪيڏو ڪئوڙو آ احساسن جي ڳنڊ ڳوڙھي ٻڌل ڪيئن ظاھر ڪيان؟؟؟ رات جي اونداھي روحن تي چادر ويڙِھي سمھي پئي آ منھنجو چنڊ وڃائجي ويو آ سچ ڪيڏو ڪئوڙو آ — مھرباني
جواب: سچ ڪيڏو ڪوڙو آ (ذوالفقار بھڻ) لک ٿورا دوستن جا ۔۔۔ منهنجو مقصد هي آهي ته خاص ڪري شاعريءَ ۾ صورتخطي لکڻ وقت ڪجهه احتياط ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ شاعري مختصر لفظن ۾ گهڻو ڪجهه چوڻ جو نالو آهي، ٻي ڳالهه ته جڏهن انجي ڊزئين ٺاهجي ٿي ته اها پڪي ٿي وڃي ٿي ۽ ان ۾ موجود غلطي به پڪي ٿي وڃي ٿي ۔۔۔۔ ۔۔۔ جيئن هڪ دفعو ٻيهر سائين ذوالفقار صاحب لفظ ” ڳنڊ“ لکيو آهي جيڪو ” ڳنڍ“ آهي ۔۔۔” ڊ ۽ ڍ “جي اچار ۾ فرق آهي ۔۔۔۔ ڳنڊ ڪو به لفظ ناهي ۔۔۔۔ معاف ڪجو ۔۔۔ تنقيد براءِ اصلاح کي دوست مثبت رويي سان ڏسندا ۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت