نيٽ گردي دوران جديد دور ۾ رڌڻي جي استعمال ۾ آيل ڪجهه ساز و سامان تي نظر پئي ۔۔۔ حيرت ٿي ته انسان پنهنجي سهولت لاءِ ڪيتريون انوکيون ايجادون ڪري رهيو آهي۔۔ توهان به ڏسو ۔۔۔ ۽ مون وانگي پنهنجي رڌڻي ۾ به هنن شين جي خواهش کي هوا ڏيو۔۔۔
جواب: جديد رڌڻي جا جديد سامان۔۔ جڏهن رڌڻي ۾ اهڙيون وڻندڙ ۽ باسهولت سامان هجي ته پو اتي ڪم ڪرڻ ۾ به مزو ايندو هوندو۔ تمام بهترين چونڊ ونڊ ڪرڻ جي مهرباني۔ دعا ۾ ياد
جواب: جديد رڌڻي جا جديد سامان۔۔ اصل واه واهه ٿي وئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تاڙيون وڄن جي اهي سڀ شيون هجن ته رڌڻي جي سونهن سان گڏ اسان به ڪجهه ٺآهي تيار ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين۔ جيتو ڻيڪ اڄڪلهه سڀ ڪجهه تيار ٿي ملي وڃي ٿو پر ڪڏهن به ڪنهن به وقت ڪجهه اسان کي تيار ڪرڻو پئجي سگهي ٿو۔ خوبصورت شيئرنگ پر خريداري لاء ڪي ٻوريون پئسن جون هجڻ کپن۔
جواب: جديد رڌڻي جا جديد سامان۔۔ واھ واھ شاندار سندر ونڊ اھڙيون شيون اسان جھڙا غريب ماڻھون ته صرف ڏسي ئي سگھن ٿا۔۔۔۔۔۔۔اڄ ڏينھن تائين سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۾ گئس جي سھولت نه آھي ويچاريون مائيون اڄ به دونھي ۾ ماني بچائن ٿيون۔