لطيفو :d:d:d موقعو نه وڃائجي ڌاڙيل، ڌاڙي جي نيت سان بئنڪ ۾ داخل ٿيو، پستول ڪڍي سڀني کي ڊيڄاري پئسا کڻي ويندي ويندي بئنڪ ۾ ويٺل هڪ همراه کان سوال ڪيائين، ڇا تو مونکي ڌاڙو هڻندي ڏٺو آهي ؟ همراه جواب ڏنو ”هائو“ ڌاڙيل ٺڪاءُ گولي وهائي ڪڍيس ڀرسان ئي زال مڙس به ويٺا هئا ڌاڙيل مڙس کان پڇيو، ڇا تو مونکي ڌاڙو هڻندي ڏٺو؟ مڙس جواب ڏنو، مون ته نه ڏٺو پر مون واري زال توکي ضرور ڏٺو آهي ...... بوٽا سنگ هڪ پنجاب جو سِکُ ”بوٽا سنگ“ ، يورپ گهمڻ ويو ... گهمندي گهمندي وڃي سمنڊ تي پهتو، آرامي ٿيڻ ۽ سمنڊ جي نظارن جي مزي وٺڻ لاءِ هيٺ چادر وڇائي سمهي رهيو ... هِڪُ يورپي اتان اچي گذريو ۽ کيس کيڪاريندي چيائين ” هلو مين رليڪسنگ ” سک وراڻيو ” نو، بوٽا سنگ“ وري ٻيو همراه اچي مٽيو ۽ کيس کيڪاريندي چيائين ” هلو مين رليڪسنگ“ هن وراڻيو ” نو، بوٽا سنگ“ ايئن ڪندي ٽيون وري چوٿون ۽ سلسلو هلندو رهيو بوٽا سنگ پريشان ٿي اٿيو ته ماڻهون کيس آرم ڪرڻ نه ڏيندا هلندي هلندي هڪ ٻيو سک ڏٺائين جو پڻ سمنڊ جي ڪناري آرام سان ستو پيو هو، هن ڀرسان وڃي کيس پڇيو ” هلو مين رليڪسنگ“ ٻي سک جواب ڏنو ” ييس“ بوٽا سنگ ڪاوڙجي چيو ” اڙي يار، دنيا سڄي توکي ڳولهيندي وتي تون آهين جو هت آرام سان ستو پيو آهين“
محترم نثار ابڙو صاحب توهان پنهنجي آغاز ۾ ئي مرڪون ورهائي ڇڏيون۔۔ توهان جا لک لائق جو توهان سنڌ سلامت فورم جوائين ڪيو۔۔ سنڌ سلامت کي فخر آهي ته توهان جهڙو بهترين ڪهاڻيڪار ۽ اديب اسان جي ساٿ ۾ شامل آهي۔
واه سائين واه توهان جي پهرين پوسٽ اها به ايتري بهترين مهرباني سر ۽ اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا واقعا اوهان جهڙي شخصيت جو سنڌ سلامت فورم تي اچڻ سنڌ سلامت جي ڪاميابي جو ضرور ڪارڻ بڻبو
ادا ڪرم ادا ڪرم ٻيلي ڏاها ٿيو ڪجهه ته پنهنجي مٺي ٻولي تي رحم کائو يار سنڌي ۾ کي هيئن (کي) لکبي آهي نه ڪي هيئن (ڪهي)
ادا وهاب کان خبر پئي ته ادا نثار ابڙو شاعري به لکندو آهي پر مان ته سنڌ سلامت جو چپو چپو ڳولهيو آهي، ته ڪٿي سائين نثار ابڙو جي شاعري نظر اچي وڃي پر مونکي محترم نثار ابڙو جي هن ڀوڳن کان علاوه صرف ڪهاڻي نظر آئي آهي، ادا عبدالوهاب جيڪڏهن سائين نثار ابڙو جي شاعري توهان جي نظر ۾ هجي ته پليز انهيءَ جڳهه جي لنڪ ڏني وڃي مهرباني
چڪرويو ادا نثار ناز دل ۾ نه ڪندا ، دوست شايد اسان ٻنهي ۾ فرق ڪري نه سگهيو هجي جو ”نثار“ نالي ۾ ڀل چڪ ٿي سگهي ٿي، يا ته دوست هنن چرچن کي اوهانجي طرفان سمجهيو آهي يا وري اوهانجي شاعريءَ کي مون پاران، لڳي ٿو ته غلطي پنهنجي هم نالي هجڻ جي ڪري ممڪن ٿي هجي ... نثار ابڙو شاعري ڪري سگهي ها ته پوءِ ڇا ... اصل مزو اچي وڃي ها ... سائين هڪ خيال کي هڪ ڏينهن شاعري جي رنگ ۾ رنڱڻ جي ڪوشش ڪيم ته نتيجو ڪجهه هن ريت نڪتو ... کلندا نه ته لکي ٿو ڏيکاريان پيار جو چڪرويو ... پاڻ پيار ڪريونٿا، جنهن سان، سو پيار ڪريٿو، ڪنهن سان، هـــي مــن پڻ آهي، ان ســــــان، پيار جو تر، جي اچي سمــــجهه، ٿي پوي پنهجو پيار، سڀ ســان، پيار جو ايمان، جنهن اچي منجهه، انجو ٿي پوي ٿو پيار، عــام سان. سائين نثار ناز، خيال تڙپايو ته ڳچ وقت تائين پر ڪهاڻي لکجي ها ته شايد لکي به وٺجي ها پر نه شاعري جو شوق سو پورو ڪندي رات وهامي وئي پر شعر نه ٺهيو ... سو ادا شاه چواڻي جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن .
ادا هي چرڙيو ناچيز توهان کان معذرت ٿو وٺي، هي سمجهيو ته شايد اوهان ئي نثار ابڙو جي صورت ۾ پوسٽنگ ڪئي آهي، هڪ دفعو ٻيهر سڄي سنڌ واسين کان غلطي جي معافي ٿو وٺان، ۽ مونکي پنهنجي انهي پهرين غلطي تي تمام شرمندگي آهي۔ اميد ته توهان مونکي دل سان معاف ڪندا۔
مون کي ته توهان جي شاعري به سٺي ۽ جاندار لڳي۔ ها سائين نثار جي جواب جو انتظار ڪبو محترم مجيب منصور صاحب فورم تي ڀليڪار توهان کان مان ته ٿورو گهڻو واقف آهيان۔ پر ڪافي سنگت توهان جي تفصيلي تعارف جي منتظر آهي