جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾،

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]



    جي لطيف

    جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سپر ڏيج،
    منهـن ۾ معشـوقن جـا، جهالـو ٿي جهلـيج،
    پــاهان پڳ مَ ڏيــج، عــاشق ٿيءُ ته ابهيـن.

    جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سپر رکُ،
    منهـن ۾ معشـوقن جـا، چــاڪَ چَٽـڪا چَکُ،
    سوريءَ ڀانءِ مَ شَڪُ، عـاشق ٿيءُ ته ابهيـن.

    جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته نيئي ڏج سينو ،
    ڪـــجي نه ڪينـو، وڃـي در، دوستـن جــي،
    سر يمن ڪلياڻ

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾،

    تمام سهڻي چونڊ ۽ لاجواب ڊزائن ۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڇا ته لطيف سائين جي پُر معنى شاعري آهي۔
    جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سپر رکُ،

    واهه واهه ۔۔۔ وري هڪ هنڌ لطيف سائين فرمائي ٿو

    پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مون
    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾،

    اڄ فيسبڪ تي هن مٿي ڏنل تصوير جي هيٺ ڏنل هي جملو پڙهيم ته؛

    مون هُنَ کي هلائڻ سيکاريو تير ڪمان،
    هاڻ، آءُ ئي هر روز سندس نشانو آهيان۔

    ياد آيم ته لطيف سرڪار به ڪان ۽ ڪمان کي ڪيتري نه سهڻي انداز سان ڳايو آهي ۽ انجي معرفت ڪيترائي رمز سمجهايا اٿس ۔۔۔ لطيف سرڪار جي شاعري ۽ فڪر پڙهڻ کانپوءِ باقي سڀ شاعريون ۽ فڪر ڦڪا ڦڪا لڳن ٿا ۔۔۔

    سلام لطيف

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾،

    سائين تمام بهترين ڪاوش آهي
    شاه سائين جي بيت سان گڏوگڏ
    توهان جي چترڪاري به تمام بهترين آهي
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾،

    سائين اسان هٿ کنيا اوهان اسان جي لاءِ محترم و مقدم آهيو اسان پنهنجي تحرير مٽائي ڇڏي ۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾،

    ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته لطيف سرڪار جي بيتن سان عشق مجاز جي ڪا تصوير ڳنڍڻ سهي ناهي، جنهن سبب مون اڳ ۾ ڏنل تصوير ختم ڪري ڇڏي آهي ۔۔۔ ۽ ان جي جا تي ٻي تصوير ڏني آهي ۔۔۔ خئير اهميت تصوير جي نه پر لطيف سرڪار جي فڪر ۽ پيغام جي آهي ۔۔۔ انڪري اهو ڪو مسئلو ناهي ۔۔۔ مونکي دوستن جي را جو احترام آهي ۔۔۔

    جيتري حد تائين عشق مجاز ۽ عشق حقيقي جو تعلق آهي ته ” نه هو هن کان جدا نه هي هن کان“ عشق مجاز زمين آهي ته عشق حقيقي آسمان، زمين کان بغير آسمان ڪجهه ناهي ۽ آسمان کان بغير زمين ڪجه به ناهي ۔۔۔

    انسان جي دل جڏهن ڪنهن ٻي انسان لئه ڌڙڪي ٿي ته ان ۾ عشق حقيقي جي سمائجڻ جا درواز کلن ٿا ۔۔۔ جڏهن سسئي جي دل ۾ پنهون سمايو ته سندس عشق امر ٿي ويو، جڏهن مارئي جي ۾ من مارن جي اڪير سمائي ته سندس اڪير امر ٿي وئي، جڏهن مومل جي دل ۾ راڻو سمايو ته سندس قصو امر ٿي ويو ۔۔۔ ائين ئي پوري دنيا ۾ انسان (مرد ۽ عورت) جي عشقن جي انتها ٿيل آهي ۔۔۔ ۽ انهن عشق جي متوالن جي ان انتها مان ئي روحانيت جا دروازا کلي پون ٿا ۔۔۔ عشق جي انتها ئي محبوب جي تيرن آڏو پنهنجي سيني سپر ڪرڻ جي جرئت پئدا ڪري ٿي ۔۔۔

    باقي ته ڪٽي کائو مجنون ته گهڻا آهن ۔۔۔

    سلام دوستو! ڪاش اوهانکي به ڪنهن سان عشق ٿي وڃي ۔۔۔!!!

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جي هو پائن ڪانُ ڪَمانَ ۾،

    سائين زبردست ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو