غزل

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ImamBux
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ImamBux

سينيئر رڪن
سوچ تنهنجي ڄڻ خواب، عزم تنهنجو ڄڻ حباب
چو طرف ٿي اونداهي، تنهنجي آمد تي سحاب
فڪر ۾ ڪنهنجو آهه، حسن بگڙيو ۽ شباب
ناهه ڪا هن تي ميار، آهه جو خود هڪ عذاب
يار جي فرقت ۾ آهه، ٿي ويو خانو خراب
ٿو حقيقت تي چوان، شعر اڪرم لاجواب
شاعرجو نالو حڪيم دين محمد جوڻيجو “اڪرم ٻورڙائي”
ڪتاب جو نالو “اکيون پسي آئيون”
 
Back
Top