دوستو توھان سان ھي خبر ونڊيندو ھلان ته جڏھن کان مھراڻ شگر مل ھلي آھي، ٽنڊو آدم روڊ گھڻو ڪري بلاڪ ئي رھيو آھي۔ ان سان علائقي جي ماڻھن کي تمام گھڻي تڪليف آھي۔ آخر ڪنھن کي دانھن ڏجي، جئين چوڻي آھي ته اڀ اگين سان پيو ڏسجي اڱر کڻڻ جي ڪھڙي ضرورت۔ ھتي جا ايم اين اي ۽ ايم پي ۽ ضلعي جا عملدار پنھنجن ڪمن ۾ پورا آھن ماڻھن جي تڪليف کي تڪليف سمجھنئي ڪون باقي غريب ماڻھو پنھنجي پيٽ گزر ۾ پورو آھي۔ توھان صلاح ڏيو ته ھاڻي ڇا ڪجي۔ مھرباني۔
جواب: ٽنڊو آدم روڊ مھراڻ شگر مل وٽ اڪثر بلاڪ سهڻا سائين، علائقي جا ماڻهون، سياسي سماجي ڌريون ۽ ڪجهه چڱا ماڻهون ملي ڪري ڪجهه ڪرڻ چاهين ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا۔۔۔ اوهين ممڪن انهن ماڻهن جن کي تڪليف آهي، انهن جي ذريعي روڊ جي ويڪري ڪرائڻ يا باء پاس ٽائيپ ڪا شئي يا وري زميني حقائق مطابق ڪو حل ڳولهي پيش ڪريو ۔۔۔ ممڪن ڪا صورت نڪري اچي ۔۔۔ باقي شگر مل ته موجود رهندي ۽ اها بند ٿيڻ ناممڪن آهي ۔۔۔ اسان وٽ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ٻليءَ کي گهنٽڙي ڪير ٻڌي ۔۔۔ انڪري جيڪڏهن ڪي پڙهيا لکيا ۽ ڪجهه سرندي پڄنديءَ وارا دوست اڳتي ايندا ته ڪو حل نڪري پوندو آهي ۔۔۔۔ باقي اوهان زميني حقائق کان آگاه هوندا ۔۔۔ اسانجون دعائون ۽ همدرديون اوهان سان گڏ ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت