السلام عليڪم محترم دوستو! اوهان سڀني سڄڻن کي دل جي خلوص سان گھڻي کان گھڻيون عيد مبارڪون قبول هجن. ڌڻيءَ در دعا آهي، ته الله سائين اوهان ۽ اسان سڀني کي درسِ رمضان کي پنهنجين زندگين ۾ ڀرپور نموني شامل ڪرڻ ۽ ان تي ڪارگر رهي زندگي گذارڻ جي توفيق عطا ڪري. آمين . . . . ها! ٻيو ته اڄ مون پنهنجي سائيٽ اپلوڊ ڪري ڇڏي آهيhttp://www.mangnejo.com ضرور وزٽ ڪيو، جتي اوهان جي لاءِ 157 فونٽس جو عيد جو تحفو موجود آهي. پنهنجي دعائن ۾ ضرور ياد رکجو. سنڌ سلامت ساٿ سلامت دعائن جو طلبگار ايس ــ ايم صارِم
مهرباني ادا ايس ايم صارِم جو عيد جي هن خوشين ڀرين لمحن ۾ توهان سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي ياد ڪيو۔ توهان جي هن پرخلوص عيد مبارڪ جي جواب ۾ اسان خير مُبارڪ ٿا چئون۔ ۽ الله تعالى جي حضور ۾ اها دُعا ٿا گهرون ته رب سائين جي رحمت جي پالوٽ سدائين توهان ۽ توهان جي پيارن مٿان ٿيندي رهي. شل سدائين محبتون ۽ پيار حاصل ڪندا رهو، (آمين) ادا مڱڻيجا اسان توهان جي نامياري سائيٽ جي وزٽ ڪندا رهندا آهيون، اهو اسان سڀني سنڌين جي فرض ۾ شامل آهي. باقي هڪ نماڻي گُذارش هيءَ آهي سنڌ سلامت جي ساٿين سان هڪ معلوماتي مضمون بعنوان ” سنڌي فونٽن “ جي تخليق ونڊ ڪيو ته اسان جي سنڌ سلامت جي اڱڻ کي چار ڇا پر پندرهن چنڊ اهي به چوڏهين وارا لڳي پوندا. هڪ دفعو ٻيهر توهان جون مهربانيون جو توهان اسان جي هن فورم جي اڱڻ کي روزانومهڪائڻ ۽ جرڪائڻ اچو ٿا.. اهي ٿورا قسم سان وسارڻ جهڙا ئي ڪونه آهن.
تعارف ڪرائڻ کان پوءِ هي توهان جي ٻي تحرير سابه تحفي واري ۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا صارم يقين ڄاڻيو توهان جي محنت جي جيتري به داد ڏجي گهٽ آهي ۔۔۔۔۔۔۔ مون اڪثر اردو فورمن تي ساٿين کي ونڊي ڪم کڻڻ جو ڏٺو آهي ۔۔۔ جنهن سان ڪم جي تيز رفتاري ۽ ڪوائيلٽي جي بهتري به اچي ٿي۔۔۔۔ پر سنڌي زبان ۾ توهان جي اڪيلي سر جاکوڙ کي ڪڏهن ڪونه وساري سگهبو۔۔۔۔ هڪ ٻيو عرض ته تازو ئي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن پنهنجي سائيٽ تي ايم بي خورشيد نالي هڪ اهڙو فونٽ ٺاهي رکيو آهي جنهن کي پنهنجي ڪمپيوٽر تي انسٽال ڪرڻ کان سواءِ ئي خالص سنڌي لکائي سميت ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿو۔۔۔۔ توهان فونٽس تي ڪم ڪندا آهيو۔۔۔۔ ان بابت جيڪڏهن تفصيل سان ساٿ کي ٻڌايو ته هوند علم ۾ اضافو ٿي ويندو ۽ سنڌ سلامت فور لاءِ به ڪو اهڙو قدم کڻي سگهجي ۔۔۔۔ توهان جي ڀرپور تعاون ۽ فورم تي باقاعدگي سان ڦيرو ڀرڻ لاءِ مون سميت سموري انتظاميه ٿورائتي آهي۔۔۔
السلام عليڪم ياعلي مدد ادا چوندا آهين ته ۔ جهونو ماڻهون ڪنهن نه ڪم جو سو ادا پٽن پوٽن ڏوهٽن ۾ ايترو گم ٿي ويس جو بس اوهان ''''کي عيد مبارڪ ڏيڻ ۾ ليٽ ٿي ويس۔ دوستو اوهان سڀني ''دوستن کي جهوني جي طرفان لک لک عيد مبارڪون اميد ته قبول پونديون ۔
ادا جهونا سائين اسان غريبن طرفان به مبارڪ باد قبول ڪندا انشاء الله خوش هوندا پنهنجي پيارن سان shal judy hujeenshal judy hujeen sindhsalamatsaathsal sadayeen gud
ادا عظيم تون عظيم انسان آهين يار ؓغريب نه سڏرائيدو ڪر يار غريب ته اسان آهيون جو اوهان جهڙن دوستن کي منٿون پيا ڪيون ته غريب نه سڏرايو ادا شال جڙيو هجين جهونن کي ياد ڪري مبارڪباد ڏيڻ جي تمام گهڻي مهرباني سهڻا
يار جهونا سائين مون ته توهان کي پهريان به ٻڌايو هو ته مونکي ڪجھ دوستن جي فرمائيشن غريب ڪري ڇڏيو آهي وري اهو سوال ٿا پڇو۔۔
ها ادا پر عيد تي ته يار ڪجهه سخاوت جو مظاهرو ڪر ويسٿ به اهي دوست هنن ڏينهن ۾ پر باش هوندا ادا اوهان ڊڄو نه ڇوندا آهين نه ته اهڙي مهمان 'کي دشمن جي در تي ڇڏي اچجي سو اسان واري ڀاء قمبراڻي به هاڻي دشمنن جي ديس تي آهي مطلب ته پنجاب وڃي نڪتو سو هاڻي انهن جي ڀيل ڪندو ۔ اوهان نه گهٻرايو يار
سائين جهونا قمبراڻي صاحب کي ڇڏيو سائين جي پرواه نه آهي مونکي توهان جي پيارن پاڙيسرين جي فرمائشن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔