• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي ساه کڻڻ جي آزادي

تون ڏيئي سگھندي آزادي
پر مون کي گھرجي آزادي
منھنجي پيار ڪرڻ جي آزادي
منھجي ساھ کڻڻ جي آزادي
جت خيال خروچيل ڪين ھجن
جت بندا بيوس ڪين مرن
جت خون نه ٿي ڪو کاھڙي
جت ديس نه ٿي ڪو دانھو ڙي
جت راڳ الاپ نه ٿين راڙيون
جت چولو چاھت، ٿي نه چيھاڙيون
ھجي ديس سڄو نه درد ڀريل
۽ لاش لحد ۾ ڪين سڙيل
جت جاڳرتا ۾ جيءَ جيئن
جت خوشين جا ڪي کيل ھجن
جت پيار ۾ پيڪر روح رھن
جت سونھن سڀيتا ڀرم رکن
جت کيت خماريل گاھ ھجن
جت سرخي مائل ساھ ھجن
جت ديس دروھي ڪين ڏسان
جت مرليون باجا بين اسان
جت مارو مرڪن ٿي ھت کيرا


جت ھوشو جھڙا ھا ھت ھيرا
جت ڪوڙ ڪپت نه ساڙ ھجي
سڀ سان پيار پڇاڙ ھجي
جت ڪين ھجي ڪو بغض عداوت
لالچ ڪينو ٿي نه لڄا لٽ
جت ڀوري منھنجي ڀيڻ ڀاڄائي
ڪين ٿي ڪاري لڄ لڄائي
جت گھر اجھي ۾ سڀ سک سائين
ٿين ميت ۽ منھنجا کيت سدائين
جت تڙپي تڙپي لاش نه ٿي ڪو
بندوق ۽ بڙڇي کاڄ نه ٿي ڪو
جت چوري زوري ڪين ھجي
بس بانسري چپ تي بين ھجي
ھر گھر ۾ ھت گيت ھجي
گيت سکن جي ريت ھجي
جت ڪو نه ڳڀي ڪان واجھائي
بکيا پيٽ نه ٿي ڪو پاڻ پنائي
جت اڃ نه آتو کيت ھجي
۽ برھ بکايل بيت ھجي
سا مونکي گھرجي آزادي ......
تون ڏيئي سگھندي آزادي......
 
جواب: منهنجي ساه کڻڻ جي آزادي

واه سائين واه بهترين شاعري۔ خدا ڪري اهڙا ڏينهن اسان جي دسي جو مقدر ٿين
وسلام
 
جواب: منهنجي ساه کڻڻ جي آزادي

جت خوشين جا ڪي کيل ھجن
جت پيار ۾ پيڪر روح رھن
جت سونھن سڀيتا ڀرم رکن
جت کيت خماريل گاھ ھجن
جت سرخي مائل ساھ ھجن
جت ديس دروھي ڪين ڏسان
جت مرليون باجا بين اسان
جت مارو مرڪن ٿي ھت کيرا


خوبصورت خيال ۽ لاجواب احساس

اوهان جي خوابن ۽ اميدن کي سلام۔ اسان جا به ساڳيائي خواب آهن
 
جواب: منهنجي ساه کڻڻ جي آزادي

هن سموري نظم جو هڪ ئي جواب آهي ” آزادي زنده آباد“ ۔۔۔ هزارين خواهشون اهڙيون جو هر خواهش تي دم نڪري ۔۔۔

دنيا جي آزاد قومن پنهنجي ڌرتيءَ کي سمورو نه ته به گهڻي ڀاڱي ان خيال جي تتبع تي ٺاهي تيار ڪيو آهي ۔۔۔ پر سنڌ ويچاري ٻڌي ٻانهيءَ جيئان ميرن ڪپڙن ۾ پئي ڌارين جا فرش صاف ڪري ۔۔۔

انجو ڪارڻ ڇا آهي؟ ڪارڻ آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جا مالڪ، پٽ ۽ اولاد ايترو ته ڪري پيا آهن جو امڙ جي حالت گهر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻيءَ جهڙي ٿي پئي آهي ۔۔۔

اسانجي به دعا آهي ته سنڌ ڌرتي اوهانجي خواب جيئان ٿي پوي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top