نثارناز
سينيئر رڪن
لاکيڻي لطيف جو سُر مارئي وطن جي حُب جي سلسلي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، هن بيت ۾ توهان پنهنجي ماروئڙن پنهنجي سنڌين سان محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته جو سُهڻو لطيف سندس سُورمي سانئڻ مارئي جي واتان چئورائي پيو ته :
نڪا ڪُن فيڪون هُئي، نڪو لڱ لحم،
بنيو هو نه بُت ۾ اڃا ڪو آدم،
مون مارو سين سڱ، سوئِي آهي سُومرا۔۔۔!
بنيو هو نه بُت ۾ اڃا ڪو آدم،
مون مارو سين سڱ، سوئِي آهي سُومرا۔۔۔!
مون انهي ساڳوڻي بيت جي صفا غريباڻي چترڪاري ڪئي آهي، مونکي اميد آهي ته لاکيڻي لطيف جي هن سدا ملوڪ بيت کي پڙهي ، جيجل سنڌ ۽ پيارن سنڌين سان اسان جو چاهه ۽ اسان جو پيار اڃان ڀي وڌي ويندو انشاالله
