اسان ايڏا ڪمزور ڇو آھيون؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2012۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]
    ھڪ عام سنڌيء اڄڪلھ پنھنجي پيٽ پالڻ ۾ پورو آھي ان کي ٿورڙي به واند نه آھي ته ھو ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني سان اڪيلي سر سنڌ جو ڪيس وڙھي؟
    ھڪ سنڌي پنھنجي ٻارن جي سٺي تعليم ۽ پنھنجي خاندان وارن جون ضرورت پورو ڪرڻ ۾ ڏاڍو مصروف آھي، سڌيءَ طرح اھو به قوم کي فائدو آھي.
    اسان جا مالي حالات ھٿ سان ڪمزور ڪري اسانکي پوئتي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
    اسان جي ڳوٺن ۾ رھندڙ سنڌين کي ٻنيءَ ونيءَ جي نالي تي ويڙھائي انھن کي وڏيرن شاھن ڀوتارن جو غلام رکي سائيڍ تي ڪيو ويو آھي ته ٻئي طرف شھر ۾ رھندڙ سنڌين کي لالچ ۾ ڦاسيو ويو آھي، شھر ۾ رھندڙ سنڌي ڪي ته اھڙا به آھن جيڪي سنڌي سڏائڻ لاءِ به تيار نه آھن، پنھنجي قوم کي پاڻ نقصان ڏئي رھيا آھن ته ڪٿي سنڌين جي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ اُتان جون قومون انھن مٿان حاوي ڪيون ويون آھن، شھر ۾ رھندڙ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ان کان ھر حق کسي مھمانن جھڙو سلوڪ رکي انھن کي انھن جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون نه ٿيون ڏنيون وڃن.
    شھر ۾ رھندڙ سنڌين مٿان نسلن جو ڄڻ ٻج ٿو اُڇلايو وڃي، ميار ڀلا ڏيجي ته ڪنھن کي ڏيجي؟ ھتان جي شاھن، وڏيرن، ڀوتارن کي يا سياسي ڪامورن کي يا غيرت جي بدنظميءَ واري فطرت کي؟
    برحال اسان جا جي جيڪا عزت مان مرتبو آھي اُھو اسانکي ڪون ٿو ملي.
    اسان سان اُھو سلوڪ ٿو ڪيو وڃي جيڪو ڪنھن خانه بدوش جي خاندان سان به نه ٿيڻ گھرجي، تاريخ گواھ آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان اڄ ڏينھن تائين اسان کي مڪمل حقن کان محروم ڪيو ويو آھي.
    اڄ سائين جي ايم سيد جي ياد منھڻجي نيڻن مان نير وھائي ڇڏيا! سائين جي ايم سيد ھڪ ڏاھو بزرگ سنڌ جو عاشق سنڌين جو رھنما سمجھي پيو ته ھي منھنجي قوم کي ڪڏھن به تسليم نه ڪندي ڪوبه حق نه ڏيندا ان جي ڪري سيد سنڌ جو نعرو لڳايو پر وڏي افسوس جي ڳالھ آھي ته سنڌين سيد کي نه ان وقت سڃاتو نه اڄ
    قمر شھباز ڏاھن لاءِ چوي ٿو
    ھر دور ۾ ڏاھن ڏنگ سٺا
    سياڻن کي ستايو آھ ويو
    اسان سنڌي ھڪ بلڪل به نه آھيون، قبيلن، مذھبن، مذھبي عقيدن ۽ سياسي گروھن ۾ وراھيل آھيون.
    اسان کي پنھنجي قوم تي غيرت گھٽ قبيلي تي وڌيڪ ايندي آھي، اسان شڪ پنھنجي قوم تي ڪري ٿا سگھون پر مذھب، مذھبي عقيدي ڪڏھن ڪون، اساب ٻئي ڪنھن ڪوڙي سياسي ليڊر تي تنقيد ڪنداسين پر پنھنجي ٺڳ سياسي ليڊر تي ڪڏھن آڱر به نه کڻنداسين.
    ھڪ ڳالھ اڙي بابا سڀ قبيلا، مذھب، مذھبي عقيدا ۽ سياسي گروھ کير سان ڌوتل آھن.
    پر سڀني کان مٿاھون سمجھو پنھنجي قوم کي جيڪا اوھان جي ڪري ڏينھون ڏينھن زوال طرف وڃي رھي آھي، ٿورڙو سوچيو ۽ قوم جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسان ايڏا ڪمزور ڇو آھيون؟

    اڙي ادا عاشق ، ڇوٿا اسانجي ڏکندي ته هٿ رکو ۔۔۔ سنڌي قوم ۾ موجود نا اتفاقي ۽ ننڍ وڏائي ۽ علمي کوٽ اسانکي هن حال پهچايو آهي، مٿان وري خوشحال طبقي جي ڀاڙيائپ ۽ گيدائپ ته ٽانڊن تي تيل جو ڪم ڪيو آهي ۔۔۔

    پر پو به اميدون آهن ته هي قوم هڪ ڏينهن پاڻ ملهايئندي ضرور ۔۔۔ لطيف جي فڪر ۽ جي ايم جا رهنمائي ۾ هي قوم هڪ ڏينهن دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام ضرور حاصل ڪندي، جنهن جا تي ڪي خاميون آهن ته ساڳي جا تي اڃان قومي حيثيت برقرار آهي ۔۔۔ بس صرف پاڪستان جي سياست مان قوم جا آسرا ختم ٿين ته ڪنهن پاسي رخ ڪري، ۽ جڏهن سهي پاسي رخ ٿيو ته تاريخ گواهه آهي ته ڪنهن به ڏاڍي ڪنهن به قوم کي گهڻي دير ڏاڍ هيٺ رکي نه سگهيو آهي ۔۔۔

    اسان سڀني پڙهيل لکيل ۽ حب الوطن دوستن کي همٿ کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ مسلسل علمي ۽ عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۔۔

    لک ٿورا۔ سدا سرها رهو
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان ايڏا ڪمزور ڇو آھيون؟

    عاشق سائين سلام

    سنڌ جا سڀ سور اسان جا پهنجا سور لڳندا آهن۔ سنڌ کي پوتي ڪرڻ ۾ جتي ٻين وسان ناهي گهٽايو اتي پنهنجن به گهٽ ناهي ڪئي۔ منشي ابراهيم جون سٽون ٿيون ياد اچن جن ۾ هو چوي ٿو:

    مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا هو ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾


    پوء به اسان نا اميد ناهيون۔ نوجوانن ۾ وڏيون اميدون آهن ته هو دنيا جون حالتون ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍ کي پرکي ضرور ڪو انقلاب آڻيندا۔

    عاشق جو ليک بهترين لڳو۔ سنڌ سان ازلي عشق ۾ لکيل ليک آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو