200 MB جو انسٽالر آهي پر انسٽال نه پيو ٿئي هي ايرر اچي رهيو آهي۔۔ . [01/27/12,22:33:31] Microsoft .NET Framework 2.0a: [2] Error: Installation failed for component Microsoft .NET Framework 2.0a. MSI returned error code 1603 [01/27/12,22:34:09] WapUI: [2] DepCheck indicates Microsoft .NET Framework 2.0a is not installed. 2.0 به انسٽال ڪيو آهي۔۔۔ 0
جواب: dotnetfx3.5 انسٽال جو مسئلو منهنجي خيال ۾ بار بار انسٽاليشن جي ڪوشش ڪري توهان رجسٽري ۾ ايررس پيدا ڪري ڇڏيا آهن۔۔۔ توهان جي سوال ۽ اسڪرين شاٽس ۾ پڻ ڪنفيوزن آهي۔۔ جو توهان ايرر نيٽ فريم ورڪ 0۔2 جو ٻڌايو آهي جڏهن ته اسڪرين شاٽ ۾ موجود ايررس 5۔3 ورجن جا آهن۔۔۔ توهان جي مسئلي جو حل تڏهن ئي بهتر طريقي سان ڪري سگهجي ها جڏهن توهان %TEMP% فولڊر ۾ موجود ڊاٽ نيٽ جي ايرر ڏيندڙ فائيل dd_NET_Framework20_Setup*.txt کولي ايرر موڪليو ها۔۔۔ ان باوجود توهان جي لاءِ حل اهو آهي ته هيٺين لنڪ تي ڦيرو ڀري مائڪروسافٽ جي پني تان نيٽ فريم ورڪ انسٽاليشن دوران ايررس ڪري متاثر ٿيل رجسٽري کي صاف ڪندڙ ٽول ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ۽ ان کي انسٽال ڪري پنهنجي رجسٽري فائيل کي درست ڪريو۔۔۔ http://goo.gl/zQI5J ياد رهي ته مٿئين لنڪ تي پنهنجي ونڊوز مطابق فائيل ڊائونلوڊ ڪجو۔۔۔ جهڙوڪ ونڊوز 32 بٽ لاءِ clwireg-x86.exe فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ رجسٽري کي صاف ڪرڻ کان پوءِ توهان کي گهرجي ته ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ جو نئون ۽ تازو ورجن جيڪو وائرس کان متاثر ٿيل نه هجي ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ان سلسلي ۾ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڦيرو ڀري ڊاٽ نيٽ جو مختلف ورجن جا آف لائين انسٽالر ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا۔۔۔ http://blogs.msdn.com/b/astebner/archive/2008/03/07/8108332.aspx
جواب: dotnetfx3.5 انسٽال جو مسئلو سائين 3.5 ئي انسٽال ڪرڻو آهي۔۔ جيڪو پهرين پوسٽ ۾ انگلش ۾ آهي اهو dd_dotnetfx35error.txt مان ئي Copy ڪيو آهي.... ايرر 2.0a جو اچي رهيو آهي 2.0 ته Already انسٽال آهي۔۔
جواب: dotnetfx3.5 انسٽال جو مسئلو ان ايرر اچڻ جو اهو ئي ته سبب آهي توهان وٽ اڳ ئي هڪ ورجن انسٽال ٿيل آهي۔۔۔ پهريان مون ٿي سمجهيو ته انسٽاليشن جو اڌورو عمل رهجي وڃڻ ڪري رجسٽري ۾ تبديليون آيون آهن۔۔۔ ان ڪري توهان کي ٽول آزمائڻ لاءِ چيم۔۔۔ توهان کي گهرجي ته پهريون ورجن مڪمل طور ان انسٽال ڪريو۔۔۔ ڪمپيوٽر جي گهرڻ يا نه گهرڻ باوجود ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪريو۔۔ ۽ پوءِ مٿيون ٻڌايل ٽول آزمائي نئون ورجن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪري وٺو۔۔۔