سنڌي قوم جي دودن، جوڌن، ماروين ۽ ماروئڙن کي لک سلام، جن اڄ ايڪي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪندي، پوري سنڌ ۾ هڙتال ڪري .... سنڌي قوم جو اهو فيصلو دنيا وارن تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ وارا جيئرا آهن ۽ ڪنهن به اهڙي ڪڌي عمل جنهن سان سنڌ کي ڪو امڪاني نقصان رسي تنهن لئه اٿي کڙا ٿيندا ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي دشمنن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندا .... سلام اي سنڌ ... سلام اي سنڌ جا وارثو ... اي سنڌ توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنهن ماڪ ڦڙا، ڪنهن لڙڪ ڦڙا، جن توکي پنهنجو رت ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا.
جواب: سنڌين کي سلام سڀ سنڌي هڪ آهن، دلي طرح ، اها بي ڳالهه آهي ته ڪجهه مفاد پرست ۽ ڪرسي جي لالچ ۾ اچي سر عام سچ ڳالهائڻ کان ڪيٻائين ٿا ته ٻيا وري ذاتي مفادن ۾ اچي ڪنهن ٻئي جي ونگار وهن ٿا۔ اهو آئين جيڪو 73 جي آئين سان مشهور آهي ان آئين جي خالق پارٽي کي پنهنجي قائد جي ٺاهيل آئين ۾ ترميمون ڪري ان جي روح کي تڙپائڻ ڪونه جڳائي۔ تنهنڪري اسان سمجهون ٿا ته هي ترميم جيڪا 20هين ترميم جي نالي سان اچي پئي ان ۾ منهنجي سوچ مطابق صوبن جي سرحدن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪانه ڪئي ويندي۔ جي ائين ٿيو ته اهو پ پ پ جو سياسي موت هوندو۔ بحرحال سنڌي عوام هن هڙتال کي ڪامياب ڪري سٺي موٽ ڏني آهي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ جي مفادن جون دعويدار قومپرست پارٽيون ڪڏهن ٿيون هڪ پليٽ فارم تي گڏجن ۽ سنڌ جي مفاد لاء پنهنجون انائون قربان ڪن۔