زخمي سنڌ ۽ نقاب پوش گهوڙي سوار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    زخمي سنڌ ۽ نقاب پوش گهوڙي سوار
    اسد چانڊيو
    عوامي آواز ۔۔۔ سنڊي مئگزين
    ++++++++++++++++++++

    [JUSTIFY]قومن جي زندگيءَ ۾ ڏکيا پل ڪهڙا ٿا هجن؟، جڏهن اُهي دشمن جي ڪاهن هيٺان هُجن، يا پنهنجن کي ئي دشمن جي ڀر بيهندي ڏسنديون هجن....!؟.
    منصور کي پنهنجَي جو هنيلُ گل، پٿر کان به سخت ۽ ايزائيندڙ لڳڻَ جي ڳالهه ته هر ڪنهن جي ڄاڻ ۾ آهي. پر مان اسڪاٽ جوڌي وليم والس جي زندگيءَ تي ٺهيل فلم ”بريو هارٽ“ ڏسندي، اڄ تائين به اهو سين فاسٽ فارورڊ ڪري اڳتي نڪري ويندو آهيان، جنهن ۾ هو انگريزن هٿان پنهنجي قوم جي شڪست جو سبب بڻيل هڪ لوهي نقاب پهريل گهوڙي سوار جو پيڇو ڪندي، پنهنجي زخمن سان چور جسم کي ان وقت زمين تي ڪيرائي، هٿ تلوار مان ڪڍي ٿو ڇڏي، جڏهن نقاب پويان سندس ئي نسلَ جي، اُن رئيس زادي جو چهرو ظاهر ٿئي ٿو، جنهن ساڻس آزاديءَ لاءِ پنهنجو رت وهائڻ جو واعدو ڪيو هو!. پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي قوم کي ڇڏي دشمن جي ڀر بيهڻ توڙي اُن جي وڪالت ڪرڻ لاءِ ڪوبه انسانُ توڙي ٽولو پنهنجي اندر ايئن ڪرڻ جي طاقت ڪٿان ٿو حاصل ڪري سگهي؟، ڪهڙو دليل کيس دشمن جو دلال بڻجڻ لاءِ قوت فراهم ڪري ٿو!، مان اها ڳالهه اڄ تائين سمجهي ناهيان سگهيو يا شايد سمجهڻ چاهيان ئي نٿو. دل اها ڳالهه ڪيئن قبول ڪري ته، سنڌي سماج ۾ به ڪيترا ئي اهڙا ٻٽَ ٻڌل ڪردار ۽ ٽولا موجود آهن، جيڪي ظاهري طور ته سنڌ لاءِ پنهنجي رتُ جو آخري ڦڙو وهائڻ جا دعويدار ٿا هجن، پر رات جي اونداهيءَ ۾ چهري تي لوهي نقاب لڳائي، پنهنجي ئي قوم جي دشمنن جي در تي بيهڻ ۾ به ڪو عار محسوس نٿا ڪن...!!
    وڪرو ٿيل ماڻهو ڀلي پاڻ کي ڪيترو به لڪائن، پر وڪرو ٿيل هئڻ جو احساس کانئن ڪٿي نه ڪٿي اهڙي ڳالهه ضرور ڪرائي ٿو وجهي، هوندَ، جي اهڙو اظهار نه به ڪيو وڃي ها، تڏهن به سندن دشمن سان وفاداري تي ڪو اکر نه اچي ها!، پر ”شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار رهڻ“ جو شوق کين ڪٿي نه ڪٿي ايترو ته مارائي ٿو ڇڏي جو، پوءِ ڪي لوهي نقابَ به سندن اصل چهري کي لڪائي سگهڻ ۾ ناڪام ٿي ٿا وڃن. شايد اُهي، اهڙو ڪم پنهنجي ”وفاداري“ ثابت ڪرڻ جي مجبوريءَ ڪري ڪندڙ هجن....!!، پر سندن اهو دليل به ڪم اچي سگهڻ جي قابل نٿو سمجهي سگهجي، ڇو ته اهڙي ”وفاداري“ جي ”مجبوري“ سندن پنهنجي پاليل آهي، قوم کين ڪڏهن به ايئن ڪرڻ لاءِ نه چيو هو.
    ڪجهه عرصو اڳ سنڌ جي قومي تحريڪ جو هڪ اڳواڻُ، منهنجي سامهون ويٺو هو. مان ڊنل هوس ته اڄ به مونکي ساڳيون ئي ڊاڙون ۽ تنظيمي پاليسيون ٻڌڻ لاءِ ملنديون، جن جي ڪَنن ئي پهچڻ شرط، دل ۾ خواهش پيدا ٿيندي آهي ته اهڙي ڪوڙَ ٻڌڻ تي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ وڃي ڪو ٻيو ڪم ڪار ڪجي. پر هن مڙس ماڻهو، منهنجي اندر جي ڳالهه اندران ئي سمجهندي چيو: ”اسد: ڀلي پهريون ڀيرو مليا هجون، پر پاڻ اهڙيون ڪي به ڳالهيون نه ڪنداسين، جيڪي پهريون ڀيرو ملڻ تي ڪيون وينديون آهن. مان اوهان کي نه سڃاڻڻ باوجود به، سڃاڻان ٿو“. پوءِ هن جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سندس هر هڪ لفظ اها شاهدي ڏئي رهيو هو ته، هُو ڪو به تنظيمي نه پر فقط ”سنڌ جو ضابطو“ قبول ڪرڻ جو ئي قائل آهي. گهڻيون ئي ڳالهيون ٿيون، اهي به جن کي ٻُڌڻ بجاءِ مان پاڻ کي وليم والس جيان زمين تي ڪيرائي ڇڏڻ ٿي چاهيو. انتهائي ڪڙي سچ تي اعتبار نه ڪرڻ جو ڪو به جواز نه هو، ڇو ته هو ان ئي ”سچ “سان لاڳاپيل ڌڙي جو پاڻ به اهم ماڻهو هو.
    متحده قومي موومينٽ طرفان، سنڌ جي ورهاڱي جي منزل ماڻڻ لاءِ، ٻين ڪيترن ئي ورن وڪڙن ۾ ويڙهي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل آئيني ترميم ۽ ان ذريعي صوبن کي ورهائي سگهڻ لاءِ، سڀ کان وڏي رنڊڪ آرٽيڪل 239 جي شق 4 کي ختم ڪرائڻ تان سنڌ ۾ ٿيل نئين صف بندي کي ڏسي، مون کي ان بهادر ۽ کري قومي اڳواڻ سان ٿيل ڪچهري اکين آڏو هڪ فلم جيان هلي رهي آهي. جيڪڏهن هُن اڳواٽَ ئي ”ڪڙو سچ“ مون تائين نه پهچايو هجي ها ته، شايد اڄ مان دوستن، دشمنن ۽ دشمنن جي به دوستن جو صحيح تجزيو ڪري نه سگهان ها.
    زندگي اتفاقن جو ٻيو نالو آهي، جَي نيوٽن وڻَ هيٺان ويٺي، صوف زمين طرف ئي ڇو ڪرڻ؟، جَي سوال تي نه سوچي ها ته ڪششِ ثقل جي قاعدي تي پهچڻ جو ڪم، وري ڪنهن ٻئي سائنسدان کي، ڪنهن ٻئي وقت تي ڪرڻو پوي ها. 25 جنوري جي شام آفيس ۾ ويٺي، ڪجهه وقت جي فرقَ سان پر ٽن مختلف ڌرين جو آيل موقف، منهنجي ذهن کي ايئن ئي سوچڻ تي مجبور ڪري رهيو هو، جيڪو ڪم هڪ صوفَ جي ڪرڻ سبب نيوٽن کي ڪرڻو پيو هو. ٽئي موقف ساڳي ئي ترتيب سان هيٺ ڏجن ٿا، جيئن اُهي مون تائين پهتا هئا. شام جو 4 لڳي 33 منٽن تي پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ جي قانون واري وزير اياز سومري جو پاليسي ساز موقف ڪجهه هن ريت هو:
    ”پيپلز پارٽي ئي اصل ۾ حقيقي قوم پرست جماعت آهي، جيڪا سرائيڪين ۽ هزاري والن کي قومي سڃاڻپ ڏيڻ چاهي ٿي. اسان سنڌ جي وسيع تر مفاد ۾ سمورا ڪم گڏيل صلاح ۽ مصلحت سان ڪرڻ گهرون ٿا، جيئن سنڌ جي مستقل رهواسين ۾ ڪو به اختلاف يا نفرت پيدا نه ٿئي. ڇو ته ماضيءَ ۾ پيدا ٿيل نفرتن اسان کي ڪافي نقصان پهچايو آهي. قوم پرست پنهنجو سياسي قد ڪاٺ وڌائڻ لاءِ سنڌين جي احساسن ۽ جذبن سان کيڏڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڇو ته ڪوبه حلالي پٽ سنڌ کي ورهائڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي!“
    پيپلز پارٽيءَ جو موقف پهچڻ جي فقط 14 منٽن بعد 4 لڳي 48 منٽن تي جيئي سنڌ متحده محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت جو ڪمپيوٽر تي ٽائپ ٿيل ٻن صفحن تي پاليسي ساز بيان به اچي پهتو، جيڪو مٿي ڏنل پيپلز پارٽيءَ جي موقف جي فوٽو ڪاپي کان وڌيڪ ڪجهه به محسوس نه پئي ٿيو. ان موقف جو تتُ ڪجهه هن ريت آهي:
    ”سنڌ جي قومي مفادن، بصيرت ۽ تدبر جي ابتڙ ڏنل 28 جنوري تي هڙتال جو سڏ، سنڌي ۽ اردو آبادي ۾ سياسي ۽ اقتصادي ورهاست ۽ ويڇا پيدا ڪندو. سنڌ اسان جو مشترڪه وطن آهي. جنهن ۾ سنڌي، اردو، بلوچ، سرائيڪي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي، ميمڻي ۽ ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ ”برادرين“ کي سنڌي قوم چيو وڃي ٿو. وطن جون حدون ماءُ جي ٿڃ جيان مقدس ٿينديون آهن، ان ڪري اهڙي ڪنهن به حرڪت ۽ چال خلاف رڪ جي ديوار بڻجي بيهنداسين. ايم ڪيو ايم طرفان ڪن ”منجهائيندڙ قراردادن“ ۽ ڪن قوم پرستن طرفان ڪوتاهه نظري وارين هڙتالن ۽ حرڪتن ڪري اسان قومي مفاد داءَ تي لڳڻ نه ڏينداسين. اهڙو ٿيندڙڪو به عمل، جنهن سان سنڌ جي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ نفرت پيدا ٿيندي هجي، ان کي قبول نه ڪيو ويندو. ڪوتاهه نظر قوم پرست پنجاب خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ بجاءِ ايم ڪيو ايم خلاف جائز ۽ ناجائز ننڍيون وڏيون ڳالهيون هٿ ڪري سنڌ ۾ سياسي چوچڙي ٻارڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. پنجاب جي ونگار وهڻ بجاءِ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته، ايم ڪيو ايم چٽو موقف اختيار ڪري چڪي آهي ته اُها سنڌ جو ورهاڱو نه ٿي چاهي“.
    مٿي ڄاڻايل ٻه موقف، جيڪي بلڪل ٻن مختلف انتهائن طرفان آيل آهن، سا گڏيل طور هڪ ئي ڳالهه سمجهائي رهيا آهن ته:
    سنڌ ۾ جيڪي ڌريون به، سنڌ خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش کي سِنگهي، ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ۽ مزاحمت يا مخالفت جو اشارو به ڏين ٿيون، سي نه رڳو سنڌ جون سڄڻ نه آهن، پر ڪوتاهه نظر ۽ نفرت جي باهه ڀڙڪائيندڙ به آهن!.
    اڄ تائين، جَي اسان ڪنهن کي به ۽ ڪٿي به ايئن چوندي ۽ سمجهائيندي ڏٺو، ٻڌو ۽ پڙهيو آهي ته ”سنڌ، سنڌين جي آهي“، سو سڀ ڪوڙ، ساڙَ ۽ نفرت تي ٻڌل موقف هو. سنڌي ڳالهائيندڙ به فقط هڪ ”برادري“ جيان سنڌ ۾ ايئن ئي آباد آهن، جيئن اردو يا ڪا ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ.....!!
    ٻئي ڌريون، هڪ ٻي ڳالهه به ساڳي ريت ڪري رهيون آهن. اُهي سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ ڪنهن به تنظيم، تحريڪ يا اتحاد کي ته سازشي، نفرت پکيڙيندڙ ۽ نفاق پيدا ڪندڙ قرار ڏين ٿيون، پر اهي متحده قومي موومينٽ جي ڪنهن به عمل خلاف هڪ لفظ به زبانَ تي نٿيون آڻين...!! ٻين لفظن ۾، اسان کي اها نصيحت ڪئي پئي وڃي ته :”متحده جڏهن چاهي، جيئن چاهي ۽ جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿي، پر ان خلاف ڪنهن به آواز اٿاريو ته اهو فقط ڪو سازشي ڪردار ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو نٿو چاهي ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هڪ ٻئي جي ويجهو اچي سگهن....!!“
    پيپلز پارٽي جو قانون وارو وزير ته متحده جي ڪنهن به عمل جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ، فقط ان جي مخالفت ڪندڙن کي ئي گار ٿو ڏئي، پر جسمم چيئرمين به ايترو ته مجبور ٿو نظر اچي جو اهو متحده طرفان ”صوبن جون حدون مقدس نه سمجهڻ“ واري آئيني ترميم کي، ”صوبن جون حدون مقدس سمجهڻ واري آئيني بچاءَ بندَ (شق) کي ڊاهي ڇڏڻ کي فقط هڪ ”منجهائيندڙ ٺهراءُ“ قرار ڏئي ٿو. شايد کيس آئين تبديل ڪرڻ ۽ ايوان مان ڪو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ، چاهي اهو منجهائيندڙ هجي يا واضح، جي فرق جي خبر پئجي نه سگهي، يا پوءِ ڄاڻي واڻي ڪنهن تي ”لٽو رکڻ“ جو ڪم ڪيو پيو وڃي....!؟
    سڀ کان وڌيڪ شرمناڪ ڳالهه، سنڌين کي هڪ قوم ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو وارث ۽ مالڪ سمجهڻ بجاءِ، هڪ ”برادري“ قرار ڏئي ڇڏڻ آهي، اهڙي ئي برادري جهڙي اردو ڳالهائيندڙن جي آهي، ڪاٺيا واڙين جي آهي يا ميمڻي ڳالهائيندڙن جي!. ههڙي همت ۽ جرئت ته ڪڏهن سنڌ دشمنن کي به ٿي نه سگهي هئي، جيئن اسان پاڻ سان پاڻ ئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون....!!
    قومي اسيمبليءَ ۾ ”صوبن جون حدون مقدس نه هئڻ“ وارو ٺهراءُ پيش ڪرائڻ ۽ بعد ۾ سنڌ جو ردعمل سامهون اچڻ بعد، متحده قائد جي 22 جنوري تي ڏنل موقف ۾ ڪٿي به پنهنجي آئيني ترميم جي، سائين برفت جي لفظن ۾: ”منجهائيندڙ هئڻ“ جو به اظهار ناهي ٿيل. هو به ساڳي ئي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا جسمم قيادت ڪري ٿي، يعني :”جَي اوهان منهنجين خواهشن آڏو ڪا به رنڊڪ آڻڻ لاءِ سوچيو به صحيح ته، سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ذميوار به اوهان پاڻ ئي هوندا“. متحده قائد اسان کي صلاح ڏئي رهيو آهي ته :”هو جيئن به چاهي ٿو، کيس ڪرڻ ڏنو وڃي، ٻين حالتن ۾ نتيجن لاءِ ذميوار اوهان پاڻ کي ئي سمجهو“. ساڳي ئي ڳالهه پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي اصل قوم پرست عوامي جماعت ۽ جسمم طرفان به ڪئي پئي وڃي!. پيپلز پارٽي لاءِ ”سنڌ“ فقط اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ان کي بچائڻ ئي آهي، ان ڪري ان کي ميار ڏيڻ مان ڇا ورندو!، پر جسمم قيادت جون توبون به فقط پنهنجن تي ئي گولا وسائڻ جو ڪم ڇو پيون ڪن!؟، کين ”پنهنجي قوم“ به پنهنجي ئي ڌرتي تي فقط هڪ ”برادري“ ڇو پئي نظر اچي...!! هڪ برادري طور به پنهنجي ڳالهه ڪرڻ بجاءِ، ٻئي برادري جي وڪالت ڪرڻ ڇو ضروري آهي!؟، شايد وليم والس جيان زخمن سان چور پنهنجي جسم کي ڌرتيءَ تي ڪيرائي ڇڏڻ جو مقام ان کان وڌيڪ مختلف نه هجي....!!. نقاب پهريل گهوڙي سوار، نقاب ۾ ئي رهي ته بهتر!- اُن جو چهرو ڏسڻ بعد اکين ۾ آڻڻ لاءِ پاڻي به ڪٿان آڻجي؟، اکين جا سمنڊَ خشڪ ڪرڻ جو ڪم ته دشمن اڳ ئي ڪري چڪو آهي.
    ميڊيا جي دنيا ۾ مختلف معاملن تي نظر رکندڙ فرد هڪ ڳالهه چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿا ته مهاجر قومي موومينٽ ”متحده“ سڏائڻ جي مجبوريءَ ڪري، ضرورت پوَڻ تي مختلف نالن سان جوڙيل پنهنجين تنظيمن کي استعمال ڪري، پنهنجي دل جي ڳالهه زبان تي آڻڻ جو ڪم ڪندي رهي ٿي. اهڙين تنظيمن ۾ مهاجر رابطا ڪائونسل ۽ مهاجر اتحاد تحريڪ جا نالا چڱا بدنام ٿي چڪا آهن. 25 جنوري تي ئي مٿي ڄاڻايل ٻن موقفن جي پهچڻ بعد، ان ساڳي سلسلي ۾ جيڪو ٽيون موقف پهتو، سو هو مهاجر اتحاد تحريڪ جو، جنهن جو ظاهري طور چيئرمين ڊاڪٽر سليم حيدر، پنهنجي ٻن صفحن تي ٻڌل پاليسي ساز بيان ۾ ”اردو ڳالهائيندڙ سنڌي برادريءَ“ جو موقف ڏيندي چوي ٿو:
    ”ڪراچيءَ جي وسيلن کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. روشنين جو شهر ڪراچي، اڄ دنيا ۾ ڪچيون آباديون ۽ ڳوٺ رکندڙ شهر طور پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، پوءِ به سنڌي نسل جا صوبائي حڪمران ڪراچيءَ ۾ غير قانوني ڳوٺن جي حوصلا افزائي ڪندي، لڳاتار ڪچيون آباديون قائم ڪرائي رهيا آهن.ڳوٺاڻي سنڌ کان اچي ڪراچيءَ ۾ وڏو وزير ۽ مڪاني ادارن وارو وزير بڻجي ويٺل تاريخ ۾ هميشه ڪراچيءَ کي هڙپ ڪندڙ طور مشهور آهن. سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي وڌيڪ 1400 غير قانوني ڳوٺن کي ليز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ساڳي وڏي وزير ڪراچيءَ ۾ 17 هزار پلاٽ سنڌين ۾ ورهائڻ جو به اعلان ڪيو آهي. هڪ ڪروڙ 15 لک سنڌين کي فائدو ڏيڻ لاءِ وڌيڪ 171 ڪچين آبادين کي ليز ڏني پئي وڃي، پوءِ به هڪ به اهڙو غيرت مند مهاجر ڪٿي به موجود نه آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ اهڙي ڦرلٽ خلاف آواز اٿاري!!“.
    سنڌي قوم جي ”اردو ڳالهائيندڙ برادريءَ“ جي هڪ سوچ ”صوبن جون حدون مقدس نه هئڻ“ واري آئيني ترميم جي شڪل ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ موجود آهي، مٿي ڏنل موقف مان به اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي ته، اهي سنڌي قوم جي ”سنڌي ڳالهائيندڙ برادريءَ“ ڏانهن ڪهڙا ارادا رکن ٿا. حيرت جي ڳالهه آهي ته اڄ تائين هو ”سنڌي برادري“ جي ڪنهن به خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ڪو به عمل ختم ڪرڻ بجاءِ، جيئن جو تيئن ضد تي قائم رهي، اسان کي ئي سازشي، نفرت پکيڙيندڙ ۽ سنڌ ورهائيندڙ قرار ڏين ٿا!!، ٻئي پاسي اسان جا ”پنهنجا“ به، جيڪي هاڻ ”اردو ڳالهائيندڙ برادريءَ“ جي وڌيڪ ويجهو سمجهيا وڃڻ گهرجن، اهي به پنهنجي ”پسند جي برادريء“َ کي ڪو هڪ لفظ به چوڻ بجاءِ ”سنڌي برادري“ تي ئي ڪاوڙ جي باهه ڪڍن ٿا.....!! هو پاڻ مُنجهيل آهن يا اسان کي ٿا منجهائڻ چاهين...!؟. جَي ”صوبن جي حدن کي مقدس نه سمجهڻ“ واري آئيني ترميم سندن نظر ۾ فقط هڪ ”منجهيل ٺهراءُ“ ئي آهي ته پوءِ، هو اسان کي اِهو به سمجهائي وٺن ته:
    ”اردو برادري، سنڌ ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهندِي- ۽ جي ايئن ڪرڻ لاءِ سوچيو به ويو ته پوءِ ڌوم ڌام سان جنازا کڻڻ لاءِ تيار رهو“، واري حقيقت هڪ سچُ آهي، يا منجهائيندڙ ترميم......!!
    ”سنڌ ۾ وڏو وزير سنڌي برادري جو هوندو ته گورنر اردو برادري جو. چيف سيڪريٽري سنڌي هوندو ته آءِ جي پوليس اردو برادري جو. وزير سنڌي هوندو ته سيڪريٽري اردو برادري جو...!“ اها ڳالهه ڪيتري منجهيل آهي؟. اهڙو ورهاڱو ڪنهن ڪيو ، ڪنهن کان ڪرايو ۽ ڇو ڪرايو هو...!؟، مهرباني ڪري اسان جي ”مونجهه“ ختم ڪئي وڃي.
    ”ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻهراڙي جي حڪمرانن جو ڪجهه به نه وڃي، اتي هر اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ اردو برادري وارا ئي هوندا. ان لاءِ جي دنيا جي هڪ وڏي شهر ڪراچيءَ جا پنج ضلعا ختم ڪرڻا پوَن ۽ حيدرآباد کي وري انيڪ ضلعن ۾ ورهائڻو پوي ته، اهڙو ڪم ڪرائيندڙن جا مقصد سنڌ جي تحفظ ۽ عظيم ڀائپي تي ڪيترو پورو لهندڙ هئا...!؟، يا اهو سڀ ڪجهه به ڪوتاهه نظر سنڌين جي ناسمجهي ئي آهي.....!!“، ”واضح ذهن“ چاهين ته پاڻ ئي وضاحت ڪري ڇڏين.
    ڪراچيءَ جي ميونسپل ڪارپوريشن کي ختم ڪري، سٽي حڪومت بڻائڻ بعد اتي هزارن جي تعداد ۾ ڪيل ڀرتين، جنهن لاءِ وفاقي ادارا به اها ڳالهه قبول ڪري، سنڌ حڪومت کي خطري کان آگاهه ڪري چڪا آهن ته، سٽي حڪومت جي اهڙن ملازمن جي مهارت فقط”موتمار“ هئڻ ئي آهي!. انهن سٽي حڪومت جي ملازمن کي وردين ۾ هوندي، چڪرا ڳوٺَ تي ڪمانڊوز جيان گوليون وسائڻ جون فلمون، ڪيترائي ڀيرا سنڌي ٽي وي چينلَ ڏيکاري به چڪا آهن...!!. ”اردو برادريءَ“ جي اهڙي ”دوستيءَ“ کي به، ”سنڌي برادري“ جي ”مونجهه“ جَي کاتي ۾ ئي وجهي ڇڏجي....!؟
    ڇا ڪراچي ۽ حيدرآباد کي انتظامي طور سڄي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري اردو برادريءَ جي ”سنڌ دوستي“ واري ڪوشش به ڪا سازش نه، پر سنڌين جو مونجهارو ئي هئي...!؟.
    ”سنڌي برادري“ کي ڪهڙي مونجهاري جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۽ نوڪريون ڏيندڙ نجي ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي در تي بيهڻ جي لائق به ناهي سمجهيو ويو!- ۽ ايئن ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ قوت ڪهڙي آهي؟، جو جواب ڏيڻ به، سنڌين کي ”ڪوتاهه نظر هئڻ“ جو طعنو ڏيندڙن لاءِ ضروري بڻجي ٿو وڃي.
    ۽ ساڳي طرح سٽي حڪومت جي شاندار ”ڪارنامن“، جن تي هو عالمي ايوارڊ وٺندي نظر اچن ٿا، کان ڪراچيءَ جي ”سنڌي برادريءَ“ جون آباديون ڇو محروم ئي رهجي ويون....!؟. ڇا ان تعصب لاءِ ذميوار به ”ڪوتاهه نظر“ سنڌي ئي آهن...!!
    اوهان کي ”اردو آبادي“ جي نالي ۾ مليل ”تحفو“ پنهنجي قوم کان به وڌيڪ پيارو آهي ته پوءِ، ان ئي برادريءَ جي ڪاوش سمجهيو ويندڙ ”پيارو پاڪستان“ اوهان جي نفرت جي نشاني تي ڇو آهي...!؟، جنهن تي هو ته ور ور قربان ٿيڻ لاءِ، هميشه تيار رهن ٿا! مهرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگهي، ان برادري جي ”تحفي“ کي به دل سان قبول ڪرڻ جو اعلان ڪري، گهٽ ۾ گهٽ اسان جي هڪ مونجهاري کي ته ختم ڪري ڇڏيو.
    پيپلز پارٽي پنهنجي ”ازلي روش“ تي هلي چڪي آهي. هوءَ متحده کي ته”صوبن جون حدون غير مقدس“ قرار ڏيڻ کان نٿي روڪي پر ان سازش کي روڪڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ منظور ٿيڻ ته پري رهيو، پر پيش ٿيڻ جو ”خطرو“ کڻڻ لاءِ به تيار نه آهي...!!. ساڳي ئي ٺهراءَ کي ٻه ڀيرا روڪڻ بعد اڄ (26 جنوري) سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ اهڙي 11 رڪني ڪميٽيءَ جي حوالي ڪري، اُن کي اڻڄاتل مدي تائين ”سوچيندو رهڻ “جو ٽائيم ڏئي چڪي آهي، جنهن ۾ ٺهراءَ مخالف پ پ ۽ متحده ميمبرن جو تعداد پنجَ جي ڀيٽ ۾ ڇَهه. آهي...!!. ”سنڌي برادري“ پوءَ به خاطري رکي، اها ڪميٽي ان وقت تائين سوچڻ جو ڪم شروع به نه ڪندي، جيستائين قومي اسيمبلي ”صوبن جي حدن کي غير مقدس“ قرار نٿي ڏئي ڇڏي. ايئن ڪرڻ پيپلز پارٽيءَ جو فرض به ٿئي ٿو، آخر اها وڪيل ۽ ترجمان ”اردو برادريءَ“ جي آهي، ”سنڌي برادريءَ“ جي نه...!!.
    سنڌي قوم جي آندل ”نئين تشريح“ تحت منهنجو واسطو ”سنڌي برادريءَ“ سان هئڻ ڪري، دل ۾ هميشه هڪ اهڙي خواهش پيدا ٿيندي رهي آهي، جيڪا ڪڏهن به پوري ٿيندي نظر نٿي اچي. اها خواهش، آسمانَ مان تارا ٽوڙي اچڻ واري اڻ ٿيڻيءَ جهڙي به بلڪل نه آهي، پر ”سنڌي برادريءَ“ جي اتفاق سان سنڌ ۾ ئي پيدا ٿيڻ ڪري، اهڙي خواهش جو منهنجي اندر هئڻ فطري به آهي، ته : ”ڪاش! هن ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل، باشعور ۽ شهري آبادي طور ”اردو ڳالهائيندڙ برادري“، ڪڏهن پنهنجي برادريءَ جي سياسي قيادت جي اکين ۾ اکيون وجهي ايئن چوندي ڏسي سگهجي ته، اوهان هي ڇا پيا ڪريو؟، اسان کي رهڻو، جيئڻو ۽ مرڻو سنڌ ۾ ئي آهي، سنڌين سان ئي آهي، انهن کان پاڻ کي الڳ، اوپرو ۽ مَٿڀرو سمجهڻ جي ڪا به ڪوشش، اسان جي مستقل مفادن ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان پيار جي ابتڙ آهي، اسان اوهان کي ايئن ڪرڻ نه ڏينداسين، پنهنجي ئي ڌرتي جا پاڻ ئي دشمن نه بڻبا سين“- پر افسوس جو اهڙي ڳالهه، اسان کي اسان جا ماڻهو ئي، اسان جي مخالف پاسي بيهي سمجهائي رهيا آهن...!!، هزارين سالن جي تاريخي وجود تان هٿ کڻي هڪ عظيم قوم کي 65 سال اڳ آيل ڌارين سان گڏ بيهاري، پاڻ کي پاڻ ئي گار ڏئي رهيا آهن...!!. پنهنجا دشمن پاڻ ئي ٿيڻ لاءِ، اُهي سوال به پاڻ ٿا ڪن ته، جواب به پاڻ ئي ٿا ڏين...!!. اسان به جَي ٿڪلَ آهيون، ڪمزور آهيون، زخمي آهيون، ڇڙ وڇڙ آهيون، انيڪ نالن ۾ ورهايل آهيون، پر جَي هڪ قوم آهيون ته پوءِ، پاڻ کي ڌرتيءَ تي ڪيرائي ڇڏڻ بجاءِ، نقاب پوش گهوڙي سوارَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان تي اچڻو ئي پوندو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي به ته، نقاب پهريل چهرو ننگو ٿيڻ تي پنهنجو به ٿي سگهي ٿو، ته پرائو به!- ٻنهي حالتن ۾ ڌرتي بچائڻ اسان جو فرض آهي، جنهن کان منهن موڙڻ جو نه ته ڪو رستو موجود آهي، نه ئي وري ٿي سگهي ٿو۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: زخمي سنڌ ۽ نقاب پوش گهوڙي سوار

    السلام عليڪم محترم سنڌ جا سڄڻو سائين نثار احمد صاحب ، ادا اسد توهان قلم ذريعي بهترين جدوجهد ڪئي آهي دعا آهي ته هنن سڀني ڳالهين کي هر غيور سنڌي پنهنجي ذهن نشين رکي ! مهرباني ۔
    پنهنجا دشمن پاڻ ئي ٿيڻ لاءِ، اُهي سوال به پاڻ ٿا ڪن ته، جواب به پاڻ ئي ٿا ڏين...!!. اسان به جَي ٿڪلَ آهيون، ڪمزور آهيون، زخمي آهيون، ڇڙ وڇڙ آهيون، انيڪ نالن ۾ ورهايل آهيون، پر جَي هڪ قوم آهيون ته پوءِ، پاڻ کي ڌرتيءَ تي ڪيرائي ڇڏڻ بجاءِ، نقاب پوش گهوڙي سوارَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان تي اچڻو ئي پوندو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي به ته، نقاب پهريل چهرو ننگو ٿيڻ تي پنهنجو به ٿي سگهي ٿو، ته پرائو به!- ٻنهي حالتن ۾ ڌرتي بچائڻ اسان جو فرض آهي، جنهن کان منهن موڙڻ جو نه ته ڪو رستو موجود آهي، نه ئي وري ٿي سگهي ٿو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: زخمي سنڌ ۽ نقاب پوش گهوڙي سوار

    اسد چانڊيي جو مضمون پڙهي اهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته اسان جو سياسي وپارٽيون اڃان مونجهارن جو شڪار هجڻ سان گڏ سياسي مفاهمت جي ور چڙهي سنڌ جو سودو ڪرڻ لاء تيار آهن۔ جيتوڻيڪ ان نئين قراداد سان سنڌ صوبو ته ڪونه ٿو ٽٽي پر صوبن جي سرحدن جي محافظ اها 73 واري شق جيڪڏهن ختم ٿي ته اڳتي هلي سنڌ لاء نقصانڪار ضرر ٿيندي۔

    سوال اهو به اٿي ٿو ته ڇا اهي سڀ آئيني شقون هوندي به ڪراچي اسان جي آهي؟ ڇا اسان ڪراچي جا مالڪ آهيون؟

    اسان خبر ناهي ڪڏهن سيريس ٿي انهن قومي مسئلن تي ويهي ڳالهائينداسون ۽ ڪڏهن اسان جا قومپرست ۽ وفاق پرست سنڌ جي ڀلي لاء ڪنهن هڪ جاء تي ويهي سوچيندا۔ پر واٽون ويهه ٿيون ته پوء ڪا نجات نظر ڪانه ٿي اچي۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: زخمي سنڌ ۽ نقاب پوش گهوڙي سوار

    سائين نثار ابڙو جو انتهائي ذهن کي جهنجهوڙيندڙ مضمون بلڪل سنڌ جي انهي ڏاهي شاعر جي ٻه سِٽي سان ٺهڪندڙ لڳو ته:

    مونکان ڪنهن پڇيو ته هِي آرڻ ڪنهن اُجاڙيا آهن،
    مون کين جواب ڏنو ته ناهي ڏوهه گدڙن جو پنهنجي کيتن جا ڪُتا ڀاڙيا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔!​


    يا وري شاعري جون اهي لاجواب سٽون ته:

    مون پَڪ سُڃاتا پنهنجا هُئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!​


    اسان جي جيجل سنڌ تي ڌارين جي ڪاهه اڄ جي ڳالهه ڪانهي، پر جيجل سنڌ سدائين ڌارين ڪڏهن پورچوگيز غاصبن جي صورت ۾ ڪڏهن عرب ظالمن جي صورت ۾ ڪڏهن، ارغون وحشين جي روپ ۾ ، ڪڏهن ترخان درندن جي روپ ۾ ۽ ڪڏهن انگريز سامراجن جي روپ ۾ تاراج ٿيندي رهي آهي ته ڪڏهن مسمار ٿيندي رهي آهي ۽ جيجل سنڌ جي وسيلن تي قبضو ٿيندو رهيو آهي۔ امڙ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ جي حقيقي ڌرتي ڌڻين جي پير هيٺان ڌرتي ڌڪِي ويئي آهي۔ ڌرتي ڌڻين جو ڪڏهن مذهب پرستي جي آڙ رت وهايو ويو آهي ته وري ڪڏهن اسان جي سنڌين کي ساڌو ۽ ويچارو سمجهي کين لٽيو ويو آهي ۽ ڦريو ويو آهي۔ اهو صرف ان ڪري ممڪن هو ته ويڪو غدار وڏيرا غداري سبب انهن جي ويجها هُئا۔
    هڪڙي سئولي ۽ سڌي ڳالهه هتي لکان ٿو : ڪو ڌاريون اسان جي گهر ۾ قبضي لا گهڙي ايندو ته اسان کيس اهڙي سيکت ڏينداسين جو هو پنهنجي ناني کي به ياد ڪري سگهي ٿو،ڇو ته اسان جو گهر پنهنجو گهر آهي ڀلي جو 140 هم چورس والن جو آهي، ڌاريو جڏهن به گهر ۾ گهڙندو ته کيس ڪهڙي خبر ته اسان جي گهر جون جاگرافيائي حدون ڪيتريون آهن اسان جي گهر جا ڪيترا ڪمرا آهن اسان جي گهر جوباورچي روم ڪٿي آهي جيستائين نه ڪو گهر جو پنهنجو ان جو سونهو ٿي ان سان همراز بڻجي غداري ڪري ان ڌارئي کي اسان جي گهر ۾ گهڙڻ جي ترغيب ڏي، بلڪل اهڙي طرح جڏهن ڌارين اسان جي سنڌ تي قبضو ڪيو ته اسان جي سنڌ جا ڪئين مير جعفر ، مير صادق ۽ نائون مل جهڙا غدار وطن انهن جا سونهان ٿي سنڌ جي جاگرافيائن حدن ، سنڌ جي گهيڙ گهٽن جا ڏس، سنڌي ويڙهو پٽن جيڪي غاصبن سان وڙهي رهيا هُئا انهن جي ڄاڻ ڏيڻ جهڙا غداري وارا ڪم چند سڪن تي ڪري رهيا هُئا ، ۽ غاصبن کي سايون جهنڊيون ڏيکاري سنڌ امڙ جي ٿڃ کي لڄائي رهيا هُئا ، جيجل سنڌ جا ڀاڱا ڪرائي رهيا هُئا۔ دوستو ڌارئي سان وڙهڻ تمام سئولو آهي پر پنهنجو جيڪو غداري ڪري انهن سان وڙهڻ ۽ ان کي ڳولهڻ تمام ڏکيو آهي ۔ پر هينئر ته دور اهڙو اچي ويو آهي ڌاريا ته پڌرا اهن پر پنهنجا جيڪي سنڌ جا غدار اهن سي به پڌرا آهن هاڻي رڳو اسان کي همت ڪري سنڌ جي جملي غدارن جي پاڙ پٽڻي آهي۔ ادا نثار ابڙو جو شاندار مضمون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو